صحرا جو مسافر صحرا ۾ سمهي پيو! ؛ نواز شاهه ڀاڏائي
صادق فقير جنهن جي آلاپ سان ڪائنات جي ديوتائن جون دليون ڌڙڪڻ وساري ويهنديون هيون، عقابن کان اڏار وسري ويندي هئي. مٺيءَ جي چاڳلين جا چوڙا هڪ آواز ٿي وڄندا هئا ۽ ڍٽ جي پٽن کي ڄڻ ڪو جادوگر جڪڙي وٺندو هو. اسان اڄ ان آواز واري انسان کان جدا ٿيا آهيون، جنهن وٽ راڳ روح پرچائڻ واري راز جو نالو هو. هو جيڪو سراپا نياز ۽ ناز جو مجسمو هو. وٽس ٿر جي ڪينواس جيتري ڪشاده دلي هئي، جنهن کيس اها ڏات ڏني جو شاهوڪار سنڌ جا غريب ماڻهو هن وٽ وڃي سَرها ساهه کڻندا هئا. هو جيڪو مٺيءَ ۾ ويهي سنگت ۽ سنڌ لاءِ ٻلهار ٿيندو هو، سو ماڻهو هاڻ اسان کي زمانه ڳولڻ باوجود به ملي نه سگهندو. جنهن ڪڏهن به فن جي ڌن تي غرور ۽ تڪبر کي اوڏو اچڻ نه ڏنو. نه ته ٿر ۾ اهي به فنڪار رهن ٿا، جيڪي سڄو وقت اعليٰ درٻارن جا دربان بڻيل آهن. پئسو سندن ميرانجهڙي منزل آهي، پر هي فقير ايڏو امير هو جو سڏ ڪريوس ته سڏ ڏئي. آيلن جو آڌرڀاءُ ڪرڻ، مهلن تي پاڻ پهچڻ اها ئي اصل معنيٰ ۾ فقير جي ڪماليت آهي، جنهن جي آڏو سڪندري صفا نيچ شيءِ آهي. صادق غريب ٿر جو امير انسان هو، جنهن وٽ محبتون قارون جي خزاني کان به وڌيڪ هيون، جيڪي ڏيندي ڏيندي وٺڻ وارا ٿڪجي پوندا هئا، ڏيڻ وارو نٿي ٿڪو.
هن جا ڪهڙا ڳڻ ڳائجن. سخي، باڪردار، روادار، مخلص، محبوب ۽ مهمان نواز. سچ اهو آهي ته سڄي سنڌ ٿر جي مجسم صورت صادق فقير جي صورت ۾ ڏسندي هئي- ۽ مون هڪ دفعي پريس ڪلب مٺي ۾ سندس موجودگيءَ دوران تقرير ڪندي چيو هو ته ٿر کي بئراجي علائقن جا ماڻهو کٽو مل جيوڻ يا مهيش ملاڻيءَ جي ڪري نه پر صادق فقير، رجب فقير ۽ سائينداد ساند جي ڪري سڃاڻين ٿا. هو هڪ اهڙو لاکيڻو پٽ هو، جنهن جي روح ۾ سنڌ جي تاريخ سمايل هئي. سو اسان کان امرءُ القيس جي شاعريءَ واري ميدان ۾ جدا ٿيو آهي ته اسين ائين ڊهي پيا آهيون، جيئن زمين لڏڻ سان ڪنهن غريب جي اوڏڪي ڀت ڊهي پوندي آهي. صادق کي اسين اندر جي اُونهاين ۾ محسوس ڪري رهيا آهيون ۽ ڪنهن شاعر چواڻي:"هو اسان کان اهڙيءَ رُت ۾ جدا ٿيو آهي، جڏهن وڻن جا هٿ خالي آهن. اسين کيس گلابن جو ڪفن به ڏئي نٿا سگهون." صادق لاءِ سنڌ سهڻي به هئي، سسئي به هئي، مارئي به هئي ته مينڌرو به هئي. تڏهن ته هو اياز کي گهڻو ڳائيندو هو، ڇو ته اياز وٽ جديد سنڌ جو قديم درد هو ۽ ان درد کي زبان صادق فقير ڏني. اياز جا غزل ۽ نظم هجن، صادق جو آواز هجي ته سڄي هستي مي رقصم ٿي ويندي هئي ۽ ڌرتيءَ جي بدن مان نازبوءَ جا ٻوٽا ڦٽي پوندا هئا، جيڪي سڄي وايو منڊل کي واسي ڇڏيندا هئا ۽ ان سمي سنڌ صفا سون پريءَ جيان لڳندي هئي.
صادق جيڏو ڀلو راڳي هو، ان کان ڀلوڙ انسان هو، جنهن وٽ فضيلت هئي، فهم هو، حياءُ هو، پيار هو، پچار هئي. هن ڪڏهن به ڪنهن سڏ کي بي مانائتو نه ڪيو. شڪارپور ۾ ماجد حيدري جي ڀاءُ جو ڪاڄ هجي، ٺٽي ۾ انور جاکري جو وهانءُ يا ڏهرڪي ۾ شرن جو ڀت، ڇا جون فيسون، ڇا جا نخرا، ڇا جون ڳالهيون. بس! فقير سائين جن اسان کان به اڳ ۾ موجود. بس! رڳو هن فقير جي هڪڙي فون تي اهي وفائون ڪير وساري. هن دلبر شخص جون دلبريون سدا هن دل ۾ دکنديون رهنديون. هو رشتا رکڻ ۽ نڀائڻ جو به آرٽسٽ هو. هن وٽ دليون موهڻ جو دلبري انداز هو، ڪو ازلي آرٽ هئس ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪرڻ جو. گذريل 5 فيبروري رات لڙي ڪال ڪيانس ٿو. حسبِ روايت حق موجود، سنڌ موجود. ٽهڪ، پڙاڏا، کل، خوشبو... ٻڌائي ٿو ته هندو ڀائرن جي ڪنهن رسمي تقريب ۾ ڳايان ويٺو. هميشه وانگر منهنجي هڪڙي ئي گذارش: ڪڏهن تنهنجي وارن سندي رات ٿيندي، لائيو ٻڌايو. بس! اهو ڪلام شروع ڪرڻ وقت ڪال بيڪ ڪريان ٿو. صادق سائين جو جواب... پوءِ ڪجهه لمحن بعد سندس صدا جهڙي آواز جو پڙلاءُ ڪنن تي پويم ٿو. ڪڏهن تنهنجي وارن سندي رات ٿيندي- اسان جا هُوڪريا... واهه واهه... صادق جا الستي آلاپ... رات وڌيڪ گهَري ٿيندي وئي. فون جاري. نيٺ ڪلام جي پڄاڻيءَ تي پاڻ معصوميت مان پڇي ٿو، سائين مزو آيو؟! مزا ته هن جي موجودگي، هن جي گفتار ۽ هن جي محبتن جي مجلسن مان سڄي زندگي ورتاسين. هن جو راڳ ته اسان جي وڃايل رُت جو خواب هو. هن جي پُرسوز آواز جي سدا امر اڏارن ۾ اسين جيون جا جهروڪا تلاشيندا هئاسين. هن جا گيت اسان لاءِ برفباريءَ جي مند ۾ ان باهڙي وانگر هئا، جنهن تي اسان سدا عمر پنهنجون اکيون سيڪيون هيون. هو ويو آهي ته ڄڻ اسان لاءِ ٿر جي گيٽ وي مٺي جا سڀ گس گم ٿي ويا آهن. اسين مٺي هاڻي ڪنهن وٽ وينداسين. چراغ ته گل ٿي ويو، گڊي ڀٽ جي اداسيءَ کي هاڻ ڪير درد سان دريافت ڪري سگهندو. هو مور ماڻهو حياتيءَ جي هُل ۾ اوچتو اُلهي الائي ڪيڏانهن هليو ويو. رجب فقير، کاٽائو جاني، دولت رام ۽ ناشاد سمون خبر ناهي ڪهڙي ڪيفيت ۾ هوندا؟ ڪيئن هوندو اهو عوامي دنيا جو دادلو شاعر بلاول اوٺو، جنهن سان مون کي صادق ئي ملرايو هو. پريم جي پيالي جيڏو مٺي شهر هاڻ ان ٻولي ۾ ٻولي سگهندو، جنهن ٻوليءَ جون ٻاڪارون صادق جي ساهن مان سُر ٿي سنڌ کي سڏينديون هيون. ان زبان جو دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ترجمو نٿو ڪري سگهجي، جيڪا سانوڻيءَ جي رُت ۾ صادق سائين جي اکين مان لياڪا پائي لڪي ويندي هئي. صادق جنهن جي نالي جي معنيٰ ته صفا سولي آهي، پر سندس اندر جي اسرارن کي سمجهڻ لاءِ ان عشق کي سمجهڻو پوندو، جيڪو جعفر صادق کان وٺي صادق فقير تائين سڀني جو مرشد هو.
صادق فقير هڪ خواب هو، اک کلي ته جهڙوڪر ڊهي پيو. خبر ناهي ايڏو اتاهين سفر تي وڃي صادق اسان کان رسامو ڇو ڪيو، جڏهن ته کيس خبر هئي ته بي مهلا وڇوڙا ماڻهن جا اندر اڌ ڪري ويندا آهن. صادق اسان جو سپرين، جيڪو اڃا زندگيءَ جي چيلهه ۾ ڀاڪر وجهي رقص ڪرڻ ۾ محوِ هو ته موت جي خوني چنبن مسافت جي ڊگهي پنڌ ۾ کيس ٻٻر جي ٽار مان پلڙن وانگي پٽي وڌو هو. اوڏانهن ويو، جتي روشني ۽ تاريڪيءَ جا سڀ رستا اڻڄاتل ٿي وڃن ٿا. ڪهڪشائن جي ان ڪٺن پنڌ ۾ صادق فقير اسان سان هاڻ ڪٿي ٿو ملي.
اوهين مرڪي کلي آخر هليا ويا ڳوٺ پنهنجي ڏي،
اسان جي ڳالهه جي ڳل تان اڃا ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو.
هاڻ جڏهن به سانجهيئڙي جي ويل ايندي، اسين صادق کي سارينداسين. صادق ٿر جي اڃارين ڀٽن مان اٿي صحراءِ عرب جي پوندڙ پهاڙين جي نيم خاموش سفر ۾ زندگيءَ کان هٿ ڇڏائي هليو ويو. اڄ مهراڻي جا مور ماتم ۾ آهن، نابين راڳي يوسف فقير جا هٿ هارمونيم تي حيران رهجي ويا آهن. ارباب احسان، اياز، رسول درس، علم الدين انصاري، امير منڌرو، اسين سڀ ڄڻ ڪنهن تتل کوري ۾ ڪچن گهڙن وانگر سري رهيا آهيون. هن جا اسان سان ساٿ هئا، سنگم هئا، وفائون هيون. هو اسان جو اهڙو محبوب هو جو وقت کان گهڻو اڳ ۾ محفل مان اٿي هليو ويو. هي ويل هن جي وڃڻ جي نه هئي. هن کي اڃا اهي گيت جهُونگارڻا هئا، جيڪي اڻپورين ڊائرين ۾ اداس رهجي ويا آهن. هن کي اڃا انهن ڳلن جا ڳوڙها پيئڻا هئا، جيڪي درد جي شام ڏنا آهن. اڃا کيس اسان جي مئه نوش محفلن ۾ ٽهڪن جا رابيل وکيرڻا هئا. هو جيڪو اسان جي آڌين ۾ آجيان لاءِ اٿي ايندو هو، اسان جي رونق افروزيءَ لاءِ آداب محفل جا سڀ اهتمام ڪندو هو، سو مٺو ماڻهو هاڻ ڪٿان ايندو، جنهن جي ڀاڪرن ۾ سڳداسي چانورن جي خوشبو هئي. ٿر جيڪو درد جو ديس آهي، ان درد جي زبان جو نالو صادق فقير هو. صادق هڪ سپنو هو، جنهن جي ساڀيان سنڌ هئي. سنڌ ديس جنهن جا صادق ۽ اسين سڀ عاشق آهيون. اهو ديس اڄ پنهنجي هڪ پياري پٽ جي ابدي وصال تي سراپا سوڳ آهي. صادق جا اوچا آواز اڀ دراز ٿي ڄڻ ڪنهن پرانهين پرينءَ کي سڏيندا هئا. سو صادق جڏهن عربي ڄام جي زمين تي هڪ اندوهناڪ گهڙيءَ ۾ مئي تي ڪا مام ميڙي سمهي پيو ته حسن ياد آيو:
درد هڪ ڏينهن ڀيڙ ڏئي ڪرندو مون ۾،
تنهنجي محبوب مٽيءَ منجهه مئل هوندس مان.
هو جنهن محبوب جي ملڻ لاءِ ويو، ان جي مارڳ ۾ موت سندس لاءِ منتظر هو ۽ هو ڏور اڏاڻو هليو ويو. خبر ناهي ڪٿي کيس قرار آيو هوندو، هو ته سنڌ جو سيلاني هو، سنڌ سندس سَکي هئي، جنهن کان سواءِ سندس چاندني ممڪن نه هئي ۽ اڄ گڊي ڀٽ پنهنجي ان حسين ماڻهوءَ لاءِ ٻانهون کوليون ويٺي آهي. ماروئڙن ۾ مُونجهه آهي، هڪ بيقراري ٿر جي دڳن تي رُلي رهي آهي. اسين پنهنجي محبوب جي مانائتي مـُرڪ تي ڳري رهيا آهيون.
صادق جيتوڻيڪ هاڻ اسان کي ننگر جي شام يا ڇاڇري جي صبح ۾ ملي نه سگهندو، پر سندس سندر آواز جي اڏام ۾ گونجندڙ گيتن کي اسين صحرا جي هر سانت ۾ تلاش ڪنداسين- ۽ آئون صادق کي ڪيئن چوان ته فقير سائين! هتي ملڻ اڌورا، وڇوڙا اڌورا، جيون جي هر پرولي اڌوري آهي. بس! هڪ موت ئي آهي، جيڪو مڪمل آهي.
(روزاني ڪوشش حيدرآباد)