توکان ٿيندي ڌار! ؛ ماڪن شاهه رضوي
صادق فقير جو هر انداز بي لوث ۽ محبتن سان ڀرپور هو. ٿر جي واريءَ جيان هن جو مزاج نرم هو. محبتن جي اُڃ هميشه هن جي اندر ۾ سانڍيل رهي ۽ هن سدائين ٻاٻيهي جيان ان واريءَ وڇاڻي ٿر سان پيار ڪيو. نه رڳو پيار ڪيو، پر پنهنجي ڪويل جهڙن سُرن سان سڄيءَ سنڌ کي پيار جو پيغام ڏنو. هو منهنجو دلي دوست هو، محبوب يار هو ۽ حد کان وڌيڪ وفادار هو. لوڀ، لالچ کان گهڻو پري رهندڙ صادق فقير، منهنجي دوستيءَ سبب هڪ ڪيسٽ ڪمپنيءَ جي مالڪ سان ڪيل معاهدو، ان ڪري ٽوڙي هزارين روپين تان هٿ کڻي ويو هو، جنهن ڪن حوالن سان منهنجي مخالفت ڪئي هئي.
ڏيپلي شهر ۾ فقير فيض محمد تپيدار جي گهر ۾ جنم وٺندڙ صادق فقير، ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي پيءُ سان گڏ مٺي اچي رهيو هو، جتي هن سُر سنگيت سان گڏ اسڪول مان به تعليم پرائڻ شروع ڪئي ۽ هو سنڌ جو اهو محبوب فنڪار هو، جيڪو پوسٽ گريجوئيٽ هو. راڳ جي شروعاتي تعليم هن جيتوڻيڪ حَسين ڌنون جوڙيندڙ فنڪار حسين بخش کان ورتي هئي، پر مڱڻهار جو ٻار ته، پينگهي ۾ ئي سُرن جي سُتي پيئندو آهي، ان ڪري صادق به سُرن جي نه رڳو سُتي پيتي، پر دُڪو به کاڌو هو. ان ڪري هن جو درديلو آواز، جڏهن به ٻُريو ته سڄي سنڌ واسي ويو. عام فنڪارن جيان هن ڪڏهن به ڪنهن شادي مرادي يا فنڪشن جو اڳواٽ معاوضو طئي نه ڪيو، پر جيڪو مليو، اهو گهڻو سمجهي شڪر ڪيو. يارن جي هن يار کي جڏهن ۽ جتي به سڏ ٿيو، هي هر حال اُتي پکي ٿي پهتو.
92-1991 واري دور ۾ عبدالقادر منگيءَ جهڙو محبوب انسان ۽ قدردان ٿر جو ڊپٽي ڪمشنر هو ته اسين اڪثر اڪيلائين ۾ ڀٽ جي چوٽيءَ تي ويهي، صادق کان اياز ۽ مرشد لطيف کي ٻُڌندا هئاسين. ٿر جي سدا بهار شاعر سائينداد ساند کي روبرو ويهاري، سندس غزل ڳائيندي، صادق وڌيڪ خوشي محسوس ڪندو هو. هڪ ڀيري وسڪاري جي ويل پُسيل واريءَ تي، گڊي واري ڀٽ مٿي ويهي، صادق جڏهن ڳايو هو، "نگاهون ڪي ملاقاتين، همين سوني نهين ديتين" ته اسين ڳچ جهڙا دوست بي اختيار اوڇنگارون ڏئي رُنا هئاسين. صادق وٽ محفل منڊڻ جا سمورا گُر هوندا هئا. جڏهن هو شيخ اياز جو گيت "سکي پيا کي ملين ته چئجان.... "يا اياز گل جي وائي "توکان ٿيندي ڌار.... " ڳائيندو هو ته ايئن لڳندو هو، ڄڻ سُر سرچي ۽ پرين پرچي پيا هجن. اسحاق سميجي جي صُحبت ۾ راتين جون راتيون حيدرآباد ۽ ڄامشوري ۾ رهي، سنڌوءَ ڀر ويهي، هن سچ ته سُرن جي سيوا ڪئي. هي پڙهيو لکيو فنڪار به هو، دوست به هو ته نارٿ ڪالوني هاءِ اسڪول مٺي ۾ استاد به هو.
نصير مرزا، بلاول اوٺي يا مون سان قرب ڪچهرين ڪرڻ ۾، هو سدائين اڳڀرو رهيو. سچ ته سڏ سان گڏ ٿيڻ وارو هي سنڌ جو سدا ملوڪ فنڪار، پنهنجي اندر ۾ وڏو ماڻهو هو. هاڻي جڏهن ٿر تي ڪاري ڏڪار راتاهو هنيو ته هن کان معصوم ٻارن ۽ مورن جو مرڻ نه سَٺو ٿيو، ۽ هن ڀلي پار وڃي، ٿر جي خوشحاليءَ ۽ سنڌ جي سُڪار لاءِ رب ڪريم کان دعائون گهرڻ چاهيون. پنهنجي سالي سلطان ۽ پير بخش کان سواءِ پنهنجي ونيءَ کي به گڏ وٺي، هو 24 فيبروريءَ تي، سعودي عرب روانو ٿيو. کاٽائو جاني جهڙي دل گُهريي دوست به اهو نه ٿي ڄاتو ته هو صادق سان آخري ڀيرو پيو ملي، پر قدرت کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو. مليل ڄاڻ موجب، عرفات ڏانهن ويندي، روڊ حادثي ۾، هو پاڻ ته پنهنجي حياتي محبوب مُرسل جي ملڪ ۾ ارپي چڪو، جڏهن ته سندس گهر واري ۽ سالو پير بخش سخت زخمي ٿي پيا آهن، جن کي هيليڪاپٽر رستي اسپتال پهچايو ويو آهي.
پر ڇا ڪجي؟ موت ته آخر اچڻو آهي. ها، اها ٻي ڳالهه ته، وري صادق جيان آڪاش جو "اڌورا اڌورا.... "جهڙو نظم ٻيو ڪير ڳائيندو؟ ڪير ايئن سنڌ جي جهرن ۽ جهنگن ۾ سُرن جون اڻ ڪٿيون ۽ اڻ ڳڻيون سوکڙيون ورهائيندو؟ مٺي ماٺ ۾ آهي ۽ سنڌ سُڏڪا ڀري رُني آهي. ڪير به صادق فقير جهڙي سرموڙ فنڪار کي واپس ته نه ٿو آڻي سگهي، پر سندس گيتن، سندس سچن سُرن، ٻُرندڙ ٽهڪن ۽ اڻ کُٽ يادن کي وساري به ته نٿو سگهي.
(روزاني ڪاوش، فيبروري 2015)