صادق فقير ؛ جاويد قاضي
عجيب اتساهه هيل مون وٽ مهمان ٿيو آهي. شل مهماني ڇڏي، منهنجي اڱڻ کي گهر ڪري ويهي رهي. ۽ پڪ ڏئي ته واقعي هيءَ مٽي، جيڪا ٻيهر ڳوهجي چڪي آهي، سا هاڻ وري ڪڏهن ڀيرو نه ڀڃندي. هيل سنڌ پنهنجي قومي هيرو کي مان ڏنو ۽ سٺ هزار لوڪ لڳ ڀڳ صادق فقير جي جنازي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل هئا. سنڌ ان کان اڳ پنهنجي قومي هيروز کي ايڏو وڏو مان ڪٿي ڏيندي هئي؟ سنڌ ۾ هن کان اڳ ايڏي وڏي هولي به ڪڏهن نه ملهائي وئي هئي. ايئن ٿو لڳي ڄڻ انبن جي ٽارين ٻُور جهلڻ شروع ڪيو آهي. اهي ٻور ئي ته هئا، جيڪي وڏڙن پورهيا ڪيا، جن ۾ صدين جي ڄمار پئي آهي. اهي هاڻ ڄڻ پچي راس ٿي ويا آهن. هيل لڳي ٿو ته واقعي سنڌ گدڙن نه کاڌي آهي. پوين سالن دوران سنڌ ۾ هنن ڪيترا نه مندر ڀڳا هئا!! اهي ڄڻ مندر نه هئا، گهڙا هئا. هو وار مٿان وار ڪندا ويا ۽ سڀ مندر ڀڃندا ويا. هو ڀُورا ڀيل قبرن کان ٻاهر ڪڍندا ويا ۽ نه ڄاڻ ڪيتريون رنڪل ڪماريون اغوا ڪندا ويا. پر هيل سنڌي مسلمانن مذهب جي متڀيد کي پراهين پنڌ ڇڏي، هن هوليءَ تي ايڏيون ته رنگن جون رنگينيون ڪيون ڄڻ ڪو ويلنٽائن ڏينهن هجي. خوشيءَ وچان منهنجي ڳلن تان ڳوڙها ٽمندا رهيا. ايئن لڳو ڄڻ اهي هوليءَ جا سڀ رنگ، اهي تغاريون ۽ گارا هجن، جن سان ڀڳت ڪنور جرارن جي شهيد ٿيل مسجد جي اوساري ڪئي هئي. هيل اسان هولي ايئن ملهائي جو ڪڏهن به نه ملهائي. اسان ڄڻ سڀ ڀڳل مندر وري بحال ڪيا. هنن هندن جا مندر ڪونه ڀڳا هئا، ديس جي دل ڀڳي هئي. هنن هندن کي هيسائڻ گهريو هو، پر هيل سنڌ چيو، توهان مندر ڀل ڊاهيو، مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ ڀل ڌماڪا ڪيو، پر ڪنهن جي دل نه ڊاهيو، جو رب سائين دلين ۾ رهندو آهي. هيل سنڌ هن انتهاپسنديءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ اٿي بيٺي آهي. هڪ اهڙي رنج ۽ غم ۾ ٽٻٽار بيٺل آهي، جنهن جو ڪو سرواڻ نه آهي. قائم علي شاهه لڪو ويٺو آهي، زرداري صاحب به مولانا فضل الرحمان سان فوٽو سيشن پيو ڪرائي.
پوءِ سڄي سنڌ صادق فقير ڏي ڇو نه وڃي!؟ سلام سندس ونيءَ کي هجي، جو سندس مڙهه واپس مارئيءَ جي ملير کڻي آئي. چون ٿا ته صادق فقير جي ڀاءُ پنهنجي ڀاڄائي يعني صادق فقير جي گهر واريءَ کي چيو ته صادق فقير جي مڙهه کي ان پاڪ سرزمين حوالي ڪيون، پر اها ڳالهه صادق فقير جي ونيءَ کي سمجهه ۾ نه آئي. هو ايڏو وڏو وڇوڙو ڪيئن ٿي برداشت ڪري سگهي، سو نه ڪري ويهي رهي. هن کي خبر هئي ته صادق فقير ڇا پئي چاهيو، ۽ صادق ڇا هو؟ هو ته مٺيءَ واري برپٽ جو ٿوهر هو، ڪا کٻڙ جي ڪاٺي هو. هن جو ميلاپ ان مٽيءَ سان ٿيڻو هو، جتي هن کي راڳ هوائن مان مليو هو. جتي هن روپلي کي پنهنجي وجود ۾ سمايو هو. مارئيءَ جي کوهه کي پَسيو هو. اهي ميدان ۽ هنڌ ڏٺا هئا، اهي ڌنار، اوٺا وڳ ۽ انهن جي ڳچين ۾ پيل چڙن مان موسيقي ٻڌي هئي. سو صادق واپس مٺي موٽي ٿو اچي. ڇو نه اچي مٺي؟ مٺي هن کي مٺي جو هئي ۽ پوءِ سنڌ ڄڻ ڌمال بڻجي وئي. ڪي ناد وڄي ويا، ڪئين بانسريون، ڪئين طبلا ۽ ستار اٿلي پيا ۽ منظور جي ڳايل اها وائي ڄڻ سنڌ جو قومي ترانو بڻجي پئي:
عمر ديس پنهنجو وسارڻ ڏکيو آ،
مارن ريءَ منهنجو بدن هي بکيو آ.
هيل صادق فقير وري اسان جي پيرن ۾ پنڌ وجهي ڇڏيو، ۽ اڄ اسين صادق فقير جي مزار تي وڃي کيس گلن سان ڀيٽا ڏينداسين.
"عشق اسان وٽ آرائينءَ جيئن، آيو جهول ڀري."
صادق فقير اياز کي تمام گهڻو ڳايو هو. صادق عاشقن جو راڳي هو. هو عشق ڳائيندو هو، هو وڇوڙو ڳائيندو هو ۽ هو سنڌ جي اهنسا ڳائيندو هو. هو سنڌ جو آجپو ڳائيندو هو. عجيب هو صادق به- هو آيو ۽ سرمد وانگر جلدي موٽي به ويو ۽ پوءِ وري ڪو هن جي روپ ۾ ايندو. هو روميءَ چواڻي ڪُوزو هو، ڪُوزي جي مٽي هو، ڪُوزي جو خريدار به هو ۽ پوءِ پاڻ ئي ڪُوزو بڻجي مٺيءَ ۾ پيهي ايئن چئي ٿو، جيئن ڪبير چيو:
مٽي چئي ٿي ڪنڀار کي، ڇا ويٺو مون کي ڳوهين،
هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو، مان ڳوهينديس توکي.
صادق اسان جي مرڻ ۽ جيئڻ جي وچ ۾ پيل سڀ دز ۽ سڀ وسوسا لاهي ويو، ۽ پوءِ ڄڻ ڀٽائيءَ جون هي سٽون اسان جي سڃاڻپ ٿي ويون:
سورهيه مَرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار!
زندگي ڪيڏي نه مختصر آهي!؟ ڪيتري به طويل ڪيو، تڏهن به مختصر!! اهي جيڪي زندگيءَ کي ڳائي وڃن ٿا، انهن جي سامهون اهي وسوسا هوندا ئي ڪونه آهن. اڄ اسين به مٺي هونداسين، اسين ڪي سول سوسائٽي نه آهيون، بس جيڪي به آهيون، ٿورا ئي سهي يا کڻي هزار هجون، سنڌ جي روح کي سامي، ڀٽائيءَ جي اک سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، ته شل هن سنڌ ۾ سُڳنڌ بڻجي پار پئون.
صادق، ڀٽائيءَ جو تنبورو کڻي، خودڪش بمبارن آڏو اٿي بيهي رهيو. اياز ۽ ڀٽائيءَ کي من ۾ سمائي، مارئيءَ وانگي مٽي ٿي، وارِي ٿي، عام ٿي عوام ٿي بيهي رهيو. جيئن شيخ مجيب آڏو نوابشاهه جي حامد علي ڪلب ۾ شيخ اياز جي وائي عبدالغفور ڳائي هئي:
سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو،
سهندو ڪير ميار او يار.
اڄ اسين ڳلن تي ڳوڙها کڻي، هٿن ۾ گلاب جا گل کڻي، پيرن ۾ پنڌ وجهي، هن ارڏي پٽ کي، سنڌ جي سپوت هئڻ جو سول سوسائٽيءَ طرفان سلام پيش ڪنداسين.
سورهين مارچ جي شام سڏي ٿي!
فيبروريءَ جو آخري هفتو ڄڻ ته اسان جو وجود ورهائڻ آيو هو، جنهن ۾ سڀڪجهه هٿان ڇڏائجي ويو، ۽ مان پنهنجي ڳوٺ جي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي ڄڻ سڀڪجهه وڃائي بيٺو هئس. اها اسٽيشن، جتان گانڌي ريل ۾ لنگهيو هو، جتي بابا هڪ ڇوڪر جي روپ ۾ ڪجهه گهڙين لاءِ بيٺل ان ريل جو آڌر ڀاءُ ڪيو هو. مون ٻڌيون هيون پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ اهي رڙيون، جيڪي ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ هالاڻيءَ مان لنگهندي ڪندي هئي. هاڻ ته ان ريل جي اسٽيشن به باقي ناهي رهي، نه پٽڙيون باقي بچيون آهن. بهرحال گذريل هفتي گهڻو ڪجهه ويو. صادق فقير ويو، سائين نذير ميمڻ ويو، انيتا وئي، سائين راڻا ڀڳوانداس ويو. ڄڻ ڪا ڪربلا هجي جيڪا سنڌ مٿان طاري آهي. شڪارپور جون گهايل گهٽيون آهن، واٽ واٽ تي مدرسن جون ديوارون آهن ۽ اسين هن مٽيءَ جا الستي ويس ڍڪيو، روميءَ سان هڪ ٿيڻ جي رمز ۾ ڦيريون پيا پايون.
عجيب هو استاد منظور به- بابا جي سامهون رچي ڳائيندو هو. اهڙو ٻئي ڪنهن سامهون به نه ڳائي سگهندو هو. اها اقبال بانو جيڪا نوابشاهه بابا جي هيڏي وڏي بنگلي ۾ راڳ ڳائڻ ايندي هئي. ناصر ڪاظمي کان وٺي فيض تائين سڀ ايندا هئا. مولانا ڀاشانيءَ کان وٺي ميان افتخار، ته باچا خان به ايندو هو. بابا روئيندو هو ۽ آخر ۾ چوندو هو ته "بابا راڳ مري ويو". اڄ جڏهن صادق فقير سعوديءَ جي پاڪ زمين تي بي احتياط عرب جي اوچتو پويان ڌڪ لڳڻ سان فوت ٿي ٿو وڃي ته ان جو روح به اتي ڄڻ قيد ٿي وڃي ٿو ۽ هو مارئيءَ جي ملير موٽڻ لاءِ واجهائي ٿو. تڏهن بابا جا چيل اهي لفظ منهنجي ڪنن تي پڙاڏو ڪن ٿا ۽ مان رڙ ڪري هن پوري ريگستان ۾ هن کي چوان ٿو ته "نه بابا، راڳ نه مرندو.. جي راڳ مري ويندو ته پوءِ ڄڻ سنڌ مري پوندي. هي راڳ ئي ته آهي، جيڪو شاهه جي رسالي ۾ سمايو پيو آهي. هي "ڪن فيڪون" ۾ به ته موسيقي هئي. ڪوئي ساز هو، جيئن رومي چيو ته "بانسريءَ جي ڪوڪ ۾ جيڪا رمز آهي، اها ان ڪري آهي جو اها پنهنجي بانس کان وڍيل آهي، ۽ پوءِ هاڻي هو جدائيءَ کي ڳائي روئي ٿي. بانسري اهو وڄائيندو، جيڪو وڍيل هوندو." سو ايئن سڄي سنڌ به عشق جي نظر ٿيل آهي ۽ ان جا مسيحا ڀٽائي، اياز ۽ سچل آهن. سڄي سنڌ زمان و مڪان جو عظيم ميلاپ آهي. ان جي تاريخ ۾ موهن جا دڙا پيا آهن، سنڌو پنهنجي پوري وهڪ ۾ ساز آهي ۽ ناچ اسان جو اعزاز آهي. اسان مست ۽ الست سنڌي، ان خودڪش بمبار کي ڀاڙيو ثابت ڪنداسين.
اسان هاڻي ڀٽن کي الوداع ڪنداسين، جيڪڏهن انهن جا پونيئر هينئر ننڌڻڪو ڪري هنن ماروئڙن کي رڻ ۾ رولي ڇڏيندا ۽ پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ لڳا پيا هوندا. هيڏا ننڌڻڪا سنڌي ته ڪڏهن به ڪونه هئا. بهرحال هاڻ انهن بمن آڏو هي سول سوسائٽيءَ جا شاعر، ڪالم نگار، وڪيل، انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ نياڻيون بيهنديون ۽ هي ڪارين پراڊو وارا ايترو به ڪونه ڪري سگهيا، جو چار ڏيئا ٻاري شڪارپور جي هيڏي وڏي ماتم تي ڪو ڏک ونڊين.
شايد هنن کي واپس سنڌ ۾ ورڻو ناهي. شايد وڏڙن هنن کي ڀٽائي ۽ اياز سبق ۾ نه پڙهايو هو. هاڻ ته دهلوي ۽ گورکپوري به سنڌي ٿيڻ لاءِ آتا ويٺا آهن، پر هو ڇو سنڌ لاءِ اجنبي ٿي پيا آهن.
"جان جان هئي، جيئري ورچي نه ويٺي" اي سنڌ توتي وڏا قرض آهن، جيڪي توکي لاهڻا آهن. هو رنڪل کڻي ويا، اسين چپ هئاسين، هنن ڪنور ماريو، اسان ڪونه ڪڇيو، پر هاڻ ايئڻ ٿيڻ نه ڏينداسين. هاڻ اهنسا جي ڏانءَ سان گڏ ڀالا به کڻي سنڌ جي دشمنن جا پيرا کڻنداسين ۽ انهن کي وائکو ڪنداسين. اسين ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ واهڻ 16 مارچ تي نڪرنداسين ۽ ڏيئا ۽ ميڻ بتيون ٻاري گلن جي ورکا ڪري، پشاور کان شڪارپور تائين انهن ڪانئرن کي وائکو ڪنداسين، جيڪي ڀٽائيءَ جا دشمن آهن. جيڪي اياز ۽ سچل جا ويري آهن. جيڪي ڌمال ۽ موسيقيءَ جي ڳائيندڙن کي بدعتي چئي واجب القتل ٿا چون. اسين سڀ ٽورنٽو کان وٺي لنڊن ۽ بوسٽن تائين 16 مارچ تي شهرن جي چوڪن تي بيهي ميڻ بتيون، ڏيئا ۽ مشعلون ٻارينداسين، جي نه ته پوءِ پنهنجي شهر جي اڱڻ ۾ ايئن ڪنداسين ته جيئن ڀٽائيءَ جي سنڌ آباد رهي.
صوفي صادق جو راڳ جيئندو رهي ۽ انسانيت جو ڀرم رهندو اچي، ته سورهين مارچ جي شام جو ڇهين وڳي اسين ملنداسين. جڏهن ڀڳت ڪبير رحلت ڪئي ته بنارس ۾ هڪ پاڪ قبرستان به هو، جنهن کي "سگهڙ" جي نالي سان سڏيو ويندو هو ۽ ٻيو عام ماڻهن جو قبرستان هو، جتي عام ماڻهن، مسڪينن ۽ لاچار ماڻهن کي پوريو ويندو هو. ڪبير پنهنجي لاءِ اهو عام قبرستان چونڊيو هو. اڄ صادق فقير پنهنجي مٽيءَ ۽ ماڳن ڏي موٽڻ ٿو چاهي ته جيئن ڪبير جي روايت قائم رهي، ته جيئن مارئيءَ جو ڀرم رهجي وڃي. ڪيترائي ڏک هن ننڍڙي وجود ۾ رکندو اچان، الائي ڇو منهنجي وڏڙن بابا جي وصيعت جو ڀرم نه رکيو، جو هن کي هن جي رسمن مطابق عام قبرستان ۾ ڪونه دفنايو، ۽ هن کي خاص قبرستان ۾ پنهنجي وڏڙن سان دفنايو ويو.
"جڏهن ورنديون ڪونجڙيون، هر هر ڪري هُل، تڏهن ملنداسين. "
(اياز)
(روزاني سنڌ ايڪسپريس، مارچ 2015)