موسيقيءَ جو تقدس صادق فقير ؛ ايوب کوسو
دل کي ڌوڏيندڙ هِيءَ گهڙي آهي
شام لڙي آهي...!
بنا شڪ جي اهو چئي سگهجي ٿو ته صادق فقير جو آخري سفر ٿر توڙي سنڌ جي نئين تاريخ بڻجي ويو آهي. اهڙو اعزاز ڪروڙن مان ڪنهن هڪ کي ملندو آهي. اهو فيصلو فقط تاريخ ڪندي آهي. ڪنهن هڪ هستيءَ لاءِ مختلف ذاتين، مذهبن، قبيلن ۽ فرقن جا ماڻهو هڪ هنڌ گڏ ٿي اشڪبار ٿين، سڀني جون دليون روئيندڙ هُجن، اهو اعزاز گواهي آهي ته ڪنهن حقيقت جي حُسن جو وڇوڙو ٿيو آهي. صادق فقير کي جيڪو آخري سفر ۾ اعزاز مليو، اهڙو فلسطيني شهيدن کي ملندي نظر آيو آهي. هڪ شهيد جهڙو هيءُ اعزاز سنڌ ۾ ظاهر ٿيل بدلجندڙ هوائن جي حقيقت آهي. صادق فقير جي فن ۽ محبت کي مليل هيءَ ڀيٽا اعليٰ روايت آهي. عظيم قومون ائين ئي پنهنجو مزاج پڌرو ڪنديون آهن. آئون هتي نئين تاريخ جي ڳالهه ان ڪري چوان ٿو ته وقت جي ميري سياست ۽ رهزن اميريءَ لاءِ هي ڏسڻ جو موقعو آهي ته عشق جي فقيريءَ جي مهانتا ڇا آهي؟ ماڻهن جي سمنڊ ۾ محبت جي بيچيني تابوت ۾ ليٽيل هڪ راڳيءَ سان والهانه عشق مٺي شهر کي يادداشت نامون ٿي ڏنو ته جيڪو به عاشق سنڌ جي دل کي چُمي ڏئي ٿو، اهو اسان جو محبوب آهي! لڪيل بازيگرن لاءِ به هيءُ کليل نياپو هو ته سنڌ جي شعور ڀنگ ناهي پيتي! هن هجوم ۾ شاهه جو رسالو به آهي ته گيتا به آهي. شاعري ڪندڙ دليون به آهن ته دانشوراڻا دماغ به آهن، حُسينيت جو ماتم ڪندڙ ماڻهو به آهن ته صوفي لاڪوفي به آهن ته ڀڄن ڳائيندڙ زبانون به آهن. اها جديد سنڌ آهي جنهن کي سوڙهو ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. پر هيءُ نياپو وڏو نياپو محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ متحد آهي. وچين ويلا ۾ صادق فقير مٿان جڏهن ملير جي واري ٿي ورائي وئي، تڏهن سُر مارئي پئي ياد آيو. هر دل اهو ٿي سمجهيو ته هي فنا جو سفر ناهي، هي بقا جي تاريخ آهي. هي عشق جي جلوه گري آهي. هي روح مُٺ ۾ صادق فقير جي آواز ۾ رت وهندڙ صدين جو اوڄاڳيل درد هو! ان ڪري ئي اسان جي ساڃهه وندن کيس ٻيجل، ٻاٻيهو ۽ وڪٽر جارا سڏيو. صادق فقير موسيقيءَِ جي فن جو تقدس بحال رکيو، اها هُن جي عاشقي هئي. سنڌ ۾ جڏهن ڪيسٽي ۽ جهنگ جي ڳائڻن توڙي بي سُرن جي سُر جي ڪائنات کي داءُ تي لڳائڻ شروع ڪيو. اهو موسيقيءَ تي لڙڪندڙ تلوار جهڙو وقت هو. بازاري شاعري ۽ بازاري ڌنن جو ڪاروبار عروج تي هو. تاثر اهو پئي ڏنو ويو ته سنڌ ان رنگ کي قبول ڪري ٿي. ان عارضي ڪاروبار جا ادارا مضبوط پئي نظر آيا، پر صادق فقير ان فلسفي کان انڪاري هو. هن سنڌي شاعري ۽ موسيقيءَ جي بقا ۽ تقدس لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. هُن جديد سنڌي شاعري ۽ ڪلاسڪ ۾ رڱيل ڌُنون ڏئي، سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. هن نئون اتساهه پيدا ڪري ڏيکاريو. صادق فقير ڪڏهن به ڪونه وڪاڻو، اهو محبوب سچ آهي ته صادق فقير ڪڏهن به پيٽ لاءِ ڪونه ڳايو، فقط ۽ فقط دل سان ڳايو. هُن رڳو سنڌ لاءِ ڳايو. ڇو جو هو پاڻ ان نظريي جو قائل هو ته؛
سهندو ڪير ميار او يار،
سنڌڙي تي سِر ڪير نه ڏيندو..!
صادق جي ڳايل سُرن ۾ محبوبائي واري نفاست هئي. هن وٽ منفرد سُر هئا. هن جو آلاپ وجداني هو. غرور نالي ڪا شيءِ هن جي وجود ۾ موجود ئي نه هئي. بنا شڪ جي هو وڏو راڳي هو ته وڏو انسان به هو. هُن پاڻ کي هن ڌرتيءَ جي خاڪ جو ذرو سمجهيو هو. هن جي سنجيدگي لاجواب ۽ لازوال هئي. صادق فقير جي صوفياڻي مزاج دلين تي حڪمراني ٿي ڪئي. عظيم آرٽ ۽ سيڪيولرزم گڏ کڻڻ واري عاشقاڻي روايت صادق فقير لطيف کان حاصل ڪئي هئي. لطيف کان ئي هُن سکيو هو ته جهڙو جڳ ۾ آيو، اهڙو خالي ٿي ناهي موٽڻو، ڪجهه ڪري پوءِ موٽڻو آهي. محروم ٿي ناهي مرڻو. ماهر ٿي مرڻو آهي! عشق ٿي اڀرڻو آهي.
صادق جي وڃڻ کان پوءِ گهڻن اڻ ڄاڻن کي اها سُڌ هاڻ پئي آهي ته صادق فقير ٿر ۾ سيڪيولر فڪر جي هڪ پُل هئي. هاڻ اُها اسان کان وڃائجي وئي آهي. اسان هڪ خوشبوءَ کان محروم ٿي ويا آهيون. آئون هن واقعي ذريعي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته سيڪيولرزم جي پُل ڇا ۽ ڪيئن هئي، ته جيئن سچ کي دل سان سمجهي سگهجي.
2013ع ۾ وسڪاري جي مند ۾ ٿرپارڪر تي جواڻيءَ جا کيپ چڙهيل هئا. وڏي خلق اهڙا نظارا پسڻ لاءِ نڪتي هئي. هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن اچي ٿر ۽ پارڪر کي ٿاڪ بڻايو هو. اهو ڪڪوريل سيپٽمبر جو مهينو هو. اسان ادبي ماڻهن کي دوست ڪرشن شرما خاص قافلو ٺاهي گهمائڻ نڪتو هو. آئون، سائين تاج جويو ۽ رسول بخش درس گڏ هئاسين. سفر جي آخري ماڳ ڪاسٻي ۾ اچي فطرت جي حُسن سان مليا هئاسين. وقت رنگين ٿي ويو هو. پارڪر جي مندرن ۾ مقامي فنڪار پنهنجو فن پيش ڪري دليون وندرائي رهيا هئا. ڪاسٻي جي مندرن ۾ راڳ ۽ ڀڄنن جي برسات ٿي رهي هئي. وڏي مندر جي ورانڊي ۾ سڄڻن خواهش ظاهر ڪئي ته صادق فقير ڪجهه آلاپي ۽ سُر وکيري. صادق فقير بنا دير جي اچي ڀڳتن جي وچ ۾ ويهي رهيو. هڪ ڀڳت کان تنبورو وٺي آلاپن کي عروج تي وٺي ويو. مقامي سازندن جي ساٿ هڪڙو وجد جاڳائي ڇڏيو. صادق ڀڄن ڳايا، صوفياڻو ڪلام تنواريو، ڪبير ۽ لطيف کي ڳايو ته سڄو ڪاسٻو سارنگا جي ڇيرن جو ڇمڪو ٿي ويو. نوٽن جو وسڪارو ٿيندو ويو ۽ صادق فقير ڳائيندو رهيو. هڪ ڪلاڪ کان پوءِ نوٽن کي نهارڻ بنا ئي صادق اٿي هليو آيو. مندر جو فرش نوٽن سان پويان سٿيو پيو هو. اِها فقيري صادق جي ان مزاج جو حُسن هئي، جنهن جي ذري به گهڻن فنڪارن وٽ نظر ناهي ايندي. سيڪيولر فڪر جو اهو گُل سنڌ کان وڇڙي ويو آهي. ڄڻ اونداهي ڪاسٻي مٿان ڪِري پئي آهي. صادق فقير سنڌ جو عظيم سرمايو هو. هُن جي وڇوڙي سنڌ جي موسيقيءَ جي سيني تي ويران آڌيءَ اڇلي ڇڏي آهي. صادق فقير سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو اصل روح سمجهندڙ ۽ ان کي اجاگر ڪندڙ محبوب راڳي هو. هُن جي آلاپن ۽ صدائن ۾ به ان تهذيب جي سڳنڌ سمايل هئي. ٿيڻ ائين کپي ته صادق جيڪا موسيقي ترتيب ڏني آهي يا جيڪي سُر وکيريا آهن، جيڪي راڳ هُن ڌنن ۾ پرويا آهن، اسان جا پارکو ان موضوع تي قلم کڻن ته جئين صادق فقير جي فن سان انصاف ٿي سگهي.