ٿر جي ماٿي جو جهُومر ٽٽي پيو! ؛ علي اڪبر راهمون
هڪڙو ٿر اُهو آهي، جيڪو اُن غريب ۽ بيوس ماءُ وانگر آهي جيڪا پنهنجن ٻچن کي هنج وٺيو زماني جي بي واجبين، اُرهه زوراين ۽ ڏڪاري حالتن ۾ ٻچن جي آجپي لاءِ پريشان آهي. سندس ممتا جو درياءُ ڇوليون هڻي ٿو، پر ٻچڙا مٺي پاڻيءَ جي ٻُڪ لاءِ پريشان آهن. ابر آسري آهي، اُميد جو پانڌ به ڪونه ڇڏيو اٿس ۽ پنهنجي جگر جي ٽُڪرن کي هِنئين مخاطب آهي ته:
منهنجي مٺڙي پياري ڌي،
پاڻي ناهي ڳوڙها پي،
مِينهن ته پنهنجي مُند تي وسندا،
کوهه ويا سڀ کارا ٿي!
هُن ٻاجهه ۽ پيار جي پتلي عورت جي سادگي، اکين ۾ حياءُ ۽ شرم آهي، ۽ ظاهري سونهن ۾ مٿي تي هڪ جهُومر (ٿر ۾ ٽِڪو به چيو ويندو آهي، جيڪو سِينڌ ۾ پوئي نرڙ تي ڇڏبو آهي) ۽ مٿي تي مارئيءَ جي لوئي آهي. ٿر جي مٿي تي سجيل اِهو جهُومر انهي سپوت اولاد جي نشاني آهي، جنهن ٿر جي لوئي ۽ لڄ محفوظ رکي آهي، جنهن ثقافت، روايت ۽ پيار پاٻوهه جو وکر ورهايو آهي. اهڙي ٿر جو هڪ سَپُوت پُٽ هو صادق فقير. صادق فقير ٿر جو اُهو آواز هو، جنهن ديس پرديس ۾ ٿر جو سفير ٿي محبتون ورهايون. هميشه مسڪرائي ملندڙ ماکيءَ جهڙو ماڻهو، جنهن جي ٽهڪن لاءِ ٿر ته پنهنجي جاءِ تي پر شايد سنڌ سڪندي رهندي. هُن جو آلاپ ڀٽن جي ڏيهه ۾ اُڃايل مورن جي ڄڻ رڙ هُجي، جيڪا هانءُ چيري وجهي! صادق جي سُرن جو اثر اياز گُل جي لفظن ۾ ئي بيان ڪري سگهجي ٿو:
پيارا راڳ ته ڇيڙيئي سهڻا،
ڪيڏا سور سهيڙيئي سهڻا،
صادق يار! جو راڻو ڳاتئي
ڪيڏا ڦٽ، اڊيڙيئي سهڻا!
هو هڪڙو مثالي مهمان نواز به هو، جنهن جي مٺيءَ واري اوطاق سدائين وسيل ڏٺي سون. ڪي اديب، سياح، صحافي ۽ فنڪار اچيو مڙن ۽ وري محفل به صادق فقير جي- پوءِ سج کٽي يا ٻج کٽي. هن فنڪار فقير کي به کوڙ دفعا اهي ٽهڪن واريون محفلون مليون. هونءَ ته قبائلي يا زرعي سماج ۾ مڱڻهار فقير ٻين کان گُهرندا آهن، پر هتي ته مون جهڙا ڪيئي صرف ماني ٽڪي ۽ رهائش نه پر ڀاڙو ڀتو به وٺندي ڏٺاسون!
صادق هڪ اهڙو ڪردار هو جنهن جي ذات جا ڪيئي پاسا آهن. اسان کيس ڪڏهن به پريشان نه ڏٺو، نه ئي ڪڏهن کيس نرڙ ۾ ڪو گُهنج ڏٺوسين. نه ڪنهن جي گلا ڪندي، نه ئي وري ڪنهن جي هروڀرو ثنا خواني ڪندي ٻڌوسين. ٿر جي اندر مذهبي رواداري برقرار هُجڻ ۾ به صادق فقير جهڙن ماڻهن جو ڪردار رهيو آهي. صادق بنا مت ڀيد جي مندرن ۽ ميلن ۾ ڀڄن به ڳائيندو هو. هو ته صوفين جي درگاهن تي حاضري ۽ امامن جي ساراهه جا ڍُڪ به ڀريندو هو. ايئن لڳندو هو ته ڄڻ ڪبير ڀڳت چيو ئي صادق فقير لاءِ هُجي ته:
ڪبيرا کڙا بزار ۾، سب ڪي مانگي خير،
نا ڪسي سي دوستي، نا ڪسي سي بَير!
سچو ۽ کرو وري اهڙو جو ڇا چئجي. ڀاءُ جي شاديءَ جون دعوتون ڏيڻ عمرڪوٽ آيو. چيومانس ته پهرين لسٽ ٺاهيون، پوءِ ڪارڊ لکي ٿا ڇوڪرن کي ورهائڻ لاءِ موڪليون. لسٽ ٺاهڻ ويٺس. جيئن ئي ڪنهن نام نهاد وڏي ماڻهوءَ جو نالو کڻان ته چئي "ڇڏينس". وري نالا هلندي، ڪو اهڙو نالو اچي ته وراڻي "ڇڏينس". ائين ٽئين چوٿين ڀيري ٺهه پهه چيائين ته يار! هي ’وڏا ماڻهو‘ آهن ئي ڪونه، ماڻهن جي ڀُل آهي ۽ آئون ته انهن کي دعوت ڏيندس ئي ڪونه. ڇو ته ڪوٺ انهيءَ کي ڏجي، جنهن جي اچڻ سان سرهائي ٿئي ۽ هو به خوشي محسوس ڪري. باقي هي نام نهاد وڏا ماڻهو ايندا ته به اسان لاءِ حاضري ڀرڻ جو ڏچو، ۽ ٻيا پاڻ وارا فقير فقرا پڻ پريشان ٿيندا. انهيءَ ڪري اهڙن کي ڪوٺ ئي ڇو ڏيون. پوءِ ٿيو به ايئن ئي. هن جيڪي به ڀت ڪيا، تن ۾ ڪڏهن به ڪو نام نهاد وڏو ماڻهو ڪاڄ ۾ نه ڏٺوسين. باقي نراليون دعوتون، سڄي رات راڳ رنگ ۽ رهاڻيون هيون، جيڪي سنڌ ۾ شايد ئي ڪٿي ٿينديون هجن. يارن جو يار هو. سنگت سان ڪڏهن به محفلن لاءِ خرچ پکي جي چٽائي ڪونه ڪندو هو. حڪم ڪريون ته سنگت سميت مٺي کان همايون شريف هليو وڃي. وري ڪڏهن سنگت جي اصرار تي لنڊن به پهچيو وڃي ۽ ڪڏهن محسوس به نه ڪرائي ته سفر ڏکيو گذريو يا سُکيو. پنهنجي برادري توڙي سنگت ساٿ سان راڄوڻي اُٿ ويهه ۽ چار پير ڀرڻ جو وڙ به ڪونه ڇڏيائين. هڪ دفعي ڪنهن سماجي ڪارج جي حوالي سان بُک هڙتال تي ويٺو ته زخمي ٿي پيو. انهن ئي ڏينهن ۾ ڪنهن لکيو ته:
صادق کي سمجهاءِ،
جيالن جي جوءِ ۾،
باغي گيت نه ڳاءِ!
پر هُن باغي گيت به ڳاتا ۽ شيخ اياز جهڙي وڏي شاعر جي شاعري ڳائڻ جو حق به ادا ڪيو. هاڻ نٿو لڳي ته ڪو سنڌ ۾ اياز کي هيئن به ڳائي سگهندو! هڪ دفعي ڳالهين ڳالهين ۾ ان واقعي جو ذڪر ڪندي، ساڄي ڀرون تي لڳل لٺ واري زخم جو نشان ڏيکاري وڏو ٽهڪ ڏيئي چيائين ته ڏس! نشان پڪو آهي نه؟
آخري ڀيرو خليل ڪنڀار ۽ صادق فقير گڏ هُجن. فون ڪيائون. اسان جي سماجي اداري جي آفيس تي ٿيل حملي جي ڄاڻ وٺڻ لاءِ، پر صادق سائين هميشه جيان وڏا ٽهڪ ڏيئي چيو ته، علي! مزو نه ٿيو. ڪو رَت ڪڍن ها ته مذمت به ڪريون ها. باقي خالي ڌمڪين تي ڇا ڳالهايون!
اها منهنجي فون تي آخري ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. جڏهن وري 26 فيبروريءَ جي شام سندس وڇوڙي جي خبر ملي ته پنهنجي ذهن جي ڪينواس تي صادق فقير جون سڀئي تصويرون اُڀري آيون، پر انهيءَ ۾ ڪابه تصوير ۽ ڪوبه عڪس اهڙو ناهي، جنهن ۾ هن جي شخصيت جو ڪو اڀرو پاسو نظر ايندو هُجي! وڏا ٽهڪ، مٺي، ننگر، ڇاڇرو، امراڻو، حيدرآباد، سکر ۽ جيڪب آباد جا پنڌ ۽ محفلون "سڀ ساٿ سجايو آ پيارا" جي مصداق آهن. صرف ۽ صرف آخري ننڍڙي ٻاراڻي خواهش ته ڪاش! اڃان به ڪي وڌيڪ گهڙيون ملن ها ۽ ڪي دل کولي ڪچهريون ڪجن ها!
صادق فقير جو وڇوڙو سنڌ جو نقصان ته آهي ئي آهي، پر مونکي ائين لڳي ٿو ڄڻ ٿر جي سينڌ جو جهومر اڄ ٽُٽي پيو آهي ۽ ٿرڪوجهو ٿي پيو آهي!