گھوڙن ۽ گھوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا... يا حسين!! مون ڪڏهن ڪٿي اهو سوچيو هو ته سنڌ جي بادشاهه پُٽ ٿر جي شهزادي لطيف، اياز ۽ حسن درس جي عاشق، سنڌ جي قدرتي سونهن ۽ وطن جي عاشق، مٽي ۽ ماڃارن جي عاشق، وطن ۽ ويڙهيچن سان قرب ڪندڙ صادق جي شهادت تي هڪ ڏينهن ايئن تعزيتي تاثرات لکندس. لکي نٿو سگھان. کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سندن گھر پهتا آهيون. هٿن ۾ گُل، اکين ۾ لڙڪ، دل ۾ اُداسي، ڳرين وکن سان... ساهه پٽي ڪجھ لکندس ضرور ...پر اڄ نه... اڄ سندس ٻچڙن سان ڀاڪر پائي دل جيڪا درد سان ڀريل آهي، تنهن کي هلڪو ڪرڻ ڏيو. هن فقير جي گھر هڪ فقير اُداس آهي. ذوالفقار هاليپوٽو حيدرآباد