ساڃاهَه ۽ عشقَ جو سفر
’بين الاقوامي امن مشن‘ کي سگهاري ڪرڻ جيِ پڻ ڪوشش ڪئي آهي. اُنهيءَ لاءِ اهو وڏي واڪي چئي سگهجي ٿو ته ’مشڪور‘ جي شاعري، سنڌ جي بزرگن جي ’پيغام سنڌ‘ جي پڻ تشريح آهي، جنهن کي اڳتي هلي، عالمي ادارن وٽ مڃتا ملڻي آهي.
هيءُ ڪتاب نه صرف سنڌ، پر دنيا جي انسانيت کي ’جياپي ۽ امن‘ جو گَس ڏسي ٿو. اها منهنجي خوش قسمتي آهي، جو سنڌ جي تاريخدان ۽ قومي شاعرَ مشڪور ڦلڪاري جي شاعريءَ جو ڪتاب ’سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه‘ شايع ڪرڻ جي سعادت مون کي نصيب ٿي رهي آهي. جڏهن اسان جي ساٿي، جعفر ميمڻ سان صلاح بيٺي ته مشڪورڦلڪاري جو ڪتاب ’ريڊيو وائس آف سنڌ، لنڊن‘ پاران شايع ڪرائجي ته مون اُن سلسلي ۾ ’ورلڊ سنڌي ڪانگريس‘ جي ساٿي هدايت ڀُٽي صاحب سان رابطو ڪيو، ۽ اسان گڏيل طور ڪتاب ’سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه‘ ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو. انهيءَ سلسلي ۾ مان ’ورلڊ سنڌي ڪانگريس‘ جي محترم لکو لُهاڻي، ڊاڪٽر هدايت ڀُٽي ۽ سانئڻ روبينه شيخ جو به دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان.
مشڪورڦلڪارو، سنڌ جي قومي تحريڪ جي مُهاڙي دستي ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي. سائين جي. ايم. سيد جي ويجهن ساٿين ۽ ڪارڪنن ۾ شامل رهيو آهي. سائينءَ جي وڇوڙي بعد به هيءُ سنڌ جي ’قومي تحريڪ‘ کي سگهاري ڪرڻ ۽ متحد رکڻ لاءِ جاکوڙ جاري رکيو اچي. سندس عشق اڃا تائين ماٺو نه ٿيو آهي. پاڻ قومي فرض سمجهي، اُنهن ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو آهي، جتي اڄ به سنڌ جا عاشق گڏجن ٿا. علمي ادبي خدمتن تي پاڻ ملڪي ۽ بين الاقوامي مڃتا به ماڻي چڪو آهي. کيس پوريءَ سنڌ ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهر به احترام جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو .
دنيا جو اهو دستور رهيو آهي ته نئين نسل کي اُن جي تاريخ کان تعليمي ادارن معرفت ڄاڻ ڏني ويندي آهي. اِهو سلسلو پرائمريءَ کان يونيورسٽيءَ تائين جاري رهندو آهي. پر اسان جي قوم کي شروع کان وٺي تاريخ جي اهڙيءَ ڄاڻ کان محروم رکيو ويو آهي. بدنصيبي اِها رهي آهي ته هتي غاصبن کي ’هيرو‘ ڪري پيش ڪيو ويندو رهيو آهي. اسان جو نئون نسل تاريخَ بابت سچي ۽ اصل ڄاڻ کان محروم رهيو آهي. وري به سنڌ جا محقق ۽ تاريخدان، جس لهڻن، جن سنڌ جي ’مزاحمتي تاريخ‘ کي ڪتابن ۾ محفوظ ڪيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ مشڪور ڦلڪاري جون ڪاوشون به هڪ قومي ورثي جي حيثيت رکن ٿيون.
هن موقعي تي مان اهو به ٻڌائيندو هلان ته، مشڪور ڦلڪاري جوسنڌجي تاريخ بابت پنجويهن (25) ليڪچرن جو مواد پڻ ’ريڊيو وائس آف سنڌ، لنڊن‘ تان سيريز جي حيثيت ۾ نشر ڪيو ويوآهي، جيڪو خود هڪ تاريخي اثاثو آهي .انهيءَ کان علاوه گذريل چئن سالن دوران مختلف موضوعن تي سنڌ جي اهل قلم ساٿين ۽ سنڌ جي عاشقن جو تمام گهڻو مواد نشر ڪيو ويو آهي، جيڪو مواد اسان وٽ محفوظ آهي. اُن يادگار ’قومي ورثي‘ کي ڪتابي صورت ڏيڻ، اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. اُن لاءِ اسان جي ساڃاهه وند پبلشنگ ادارن کي اڳتي اچڻ گهرجي. منهنجي اها به ڪوشش آهي ته ’ريڊيو وائس آف سنڌ‘ تان پبلشنگ جو سلسلو جاري رکجي.
مون 1985ع ۾ ’سجاڳ پبليڪيشن‘ نالي هڪ ادارو قائم ڪيو هو، جنهن جو پهريون ڪتاب، محترم فقير محمد لاشاريءَ جو ’ڌرتيءَ جي دانهن‘ ڇپايو ويو هو. اُنهن ڏينهن ۾ ’سنڌ سجاڳ مئگزين‘، ڪراچيءَ مان شايع ٿيندي هئي، ۽ ف. م. لاشاري صاحب اُن جو ايڊيٽر هو، پر مالي مجبورين سبب اهو پبلشنگ ادارو اڳتي هلي نه سگهيو.
سنڌ ۾ ڪافي پبلشنگ ادارا، مختلف نالن سان ڪم ڪري رهيا آهن. اها ڏاڍي اُتساهيندڙ ڳالهه آهي ته اڄ به سنڌي ڪتاب وڏي انگ ۾ شايع ٿين پيا، ڪتابن جي رونمائيءَ لاءِ ميڙاڪا ٿين ٿا ۽ سنڌي ڪتاب وڪرو به ٿين ٿا. اهو سجاڳيءَ جو وڏو ثبوت آهي. هڪ طرف سنڌ دشمن قوتن پاران سنڌي ٻوليءَ کي ميسارَڻ جون سازشون ٿين پيون ، ته ٻئي طرف اهل علم ۽ باشعور ماڻهن طرفان سنڌ جي قومي وجود کي بچائڻ سان گڏ، سنڌ جي آجپي ۽ بهتر آئيندي لاءِ جاکوڙ، وڏي جوش ۽ جذبي سان جاري آهي، جنهن ۾ اسان شعور ۽ فهم جي هٿيار سان وجود جي بقا جي ويڙهاند وڙهي رهيا آهيون. انهيءَ ۾ هر هڪ کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو آهي .
’ريڊيو وائس آف سنڌ، لنڊن‘، قومي شعور بيدار ڪرڻ واري مقصد لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. مان صرف ايتري گذارش ڪندس ته توهان جتي به هُجو، قومي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ توهان جيڪي به پروگرام ڪري رهيا آهيو، اُنهن جي رڪارڊنگ اسان ڏي نشر ڪرڻ لاءِ موڪليو. هيءُ ريڊيو وائس آف سنڌ، لنڊن‘، ميڊيا جو واحد ذريعو آهي، جتان بنا ڪنهن فرق جي سمورين سنڌ دوست ڌرين کي اهميت سان هر مسئلي تي وقت ڏنو وڃي ٿو. علمي ادبي ۽ قومي پروگرامن جي مڪمل رڪارڊنگ نشر ڪئي وڃي ٿي. اسان سمجهون ٿا ته هيءُ ڪم ڪنهن هڪ فرد جي وس جي ڳالهه ناهي . مون ڪم جي شروعات ڪئي آهي. پر اُن کي مڪمل ’قومي اداري‘ جي صورت ڏيڻ لاءِ توهان جي مڪمل ساٿ ۽ سهڪار جي ضرورت آهي، ته جيئن سنڌ جي ’ضمير جي آواز‘ کي وڌيڪ موثر ۽ سگهاري انداز سان دنيا جي سامهون آڻي سگهجي، ۽ سنڌي قوم کي سندس درد ۽ ان جي علاج کان آگاهي ڏئي سگهجي. ان کان علاوه اهو به مقصد آهي ته مستقبل جي مؤرخ کي سنڌ جي دردن ۽ اهل سنڌ جي جاکوڙ جا دستاويزي ثبوت پڻ فراهم ڪري ڏنا وڃن، جن جي روشن00يءَ ۾ اسان جا ايندڙ نسل، پنهنجي قومي ارتقا جو سفر جاري رکي سگهن .
آءٌ هڪ دفعو وري به ’مشڪور ڦلڪاري‘ کي جس ڏيندس، جنهن ’ريڊيو وائس آف سنڌ‘ سان مڪمل سهڪار ڪيو آهي. مان اُميد ٿو ڪريان ته هيءَ سلسلو باقاعدگيءَ سان جاري رهندو.
موقعي جي مناسبت سان مان اُنهن سمورن دوستن ۽ ساٿين جو به ٿورائتو آهيان. جن ’ريڊيو وائس آف سنڌ‘ جي پروگرامن کي اثرائتي بنائڻ لاءِ مون سان مڪمل سهڪار ڪيو آهي.
شال! سنڌ آباد ۽ خوشحال ٿئي ۽ سنڌي ماڻهو سکيا ۽ ستابو ٿين!
امداد علي اوڍو
ريڊيو وائس آف سنڌ، لنڊن
28 فيبروري 2016ع
www.radiovoiceofsindh.com
www.imdadaliodho.com