سنڌوءَ جي ساڃاهَه جو سفيرُ
’ٽيهه اکريءَ‘ مان مُراد اُهو نظم آهي، جو عربي ’الف-بي‘ جي اکرن مطابق هجي. عربي ’الف-بي‘ جا اُصولي اکر جملي اٺاويهه (28) آهن.... البته ٻارڙن کي الف همزو ’ء‘ ۽ ’ل‘ ۽ ’ا‘ جي گڏيل صورت ’لا‘ سيکارڻ خاطر اُستادن اُنهن کي پڻ ٻن جدا جدا اکرن جي صورت ۾ ’هه‘ کان پوءِ [ترتيب ۾] داخل ڪيو.... ۽ پوءِ اهو سلسلو عام رائج ٿي ويو. انهن ’ٽيهن اکرن‘ جي سلسلي مطابق جوڙيل نظم کي فارسيءَ جي لحاظ سان ’سِي حرفي‘ ۽ خالص سنڌي اصطلاح موجب ’ٽيهه اکري‘ چيو ويو....
.... عربي توڙي فارسي ’باب نامن‘ ذريعي ’الف‘ ۽ الف سان شروع ٿيندڙ لفظن، ’ب‘ ۽ ب سان شروع ٿيندڙ لفظن، ۽ اهڙيءَ طرح باقي اکرن ۽ اُنهن سان شروع ٿيندڙ لفظن اُچارڻ جي مشق سان ’تجنيس حرفيءَ‘ جي پڻ مشق ٿيندي رهي، جا صنف ’ٽيهه اکريءَ‘ جو ڪارڻ بڻي.... اهڙيءَ طرح ٽيهن ئي اکرن پويان ملايل نظمَ جي ٽيهن بندن يا بيتن کي ’سِي حرفي‘ (ٽيهه اکري) سڏيو ويو.“ (مهاڳ: ’ٽيهه اکريون‘، ڀاڱو پهريون ص 1-2)
تجنيس جي صنعت ’ٽيهه اکريءَ‘ جي جان آهي، مثلاً:
هي ئون حرف حسابَ جو، پسڻ ٿين پري!
(لطيف)
اُن کان سواءِ ’تجنيس صوتي‘ به ٽيهه اکريءَ ۾ استعمال ڪئي وئي آهي، مثلاً:
الف الکُ من ۾، ڪيو ڪاپڙين!
- ٽيهه اکريءَ ۾ ’تجنيس‘ واري اصول کي اڳيان رکي، اُن جي سٽاءَ ۾ اها به شاعرن تبديلي آندي ته ’الف- بي‘ جي اکرن کي مصرع جي مُنڍ ۾ رکڻ بدران، مصرع ۾ مختلف جاين تي جاءِ ڏني وئي، مثلاً:
تڪيو نه تي منهنجو ڌڻيءَ ڌار ڪئو!
(حافظ حاجي حامد)
- ڪن اُستاد شاعرن ’الف ب‘ جي اکرن سان بيتن يا بندن شروع ڪرڻ واري سلسلي کان هڪ وک اڳتي وڌائي، شروعات اهڙن اکرن سان ڪئي، جن جي منڍ وارا اکر سلسليوار ’الف-ب‘ جا هئا: مثلاً:
آهيمِ الله آسرو، سدا منجهه سريرَ،
باري تون بغداد ۾ ميران محي الدين!
(مخدوم عبدالله واعظ)
عام طرح ’ٽيهه اکريءَ‘ جو هيءُ مقبول عام سٽاءُ آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچَ، سنڌي شاعرن جي ’ٽيهن اکرين‘ تي مشتمل، سنڌي لوڪ ادب سلسلي جا پنجين ۽ ڇهين نمبر وارا ٻه ڪتاب: ’ٽيهه اکريون‘ (ڀاڱو پهريون) ۽ ’ٽيهه اکريون‘ (ڀاڱو ٻيو) ترتيب ڏئي، سنڌي ادبي بورڊ کان 1960ع ۽ 1961ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا هئا. پهرئين جلد ۾ شاهه لطيف کان وٺي محمد فقير کٽياڻ تائين شاعرن جون 53 ٽيهه اکريون، ۽ ٻئي جلد ۾ 80 سنڌي ۽ سرائيڪي ٽيهه اکريون شامل ڪيون ويون آهن. هتي شاهه لطيف جي سِنڌي ۽ روحل فقير جي سرائيڪي ’ٽيهه اکرين‘ مان هڪ هڪ مثال پيش ڪجي ٿو:
الف الکُ مَن ۾، ڪيو ڪاپڙين،
سي حرف ڌاران هيڪڙي، ٻيو ڪين ٻُجهن،
فرض فنا في الله جو، عين عبادت اُن،
’قل هو الله احد‘ ٿا، منجهان پِرت پڙهن،
سعادت سَرين، گُر کي گڏيا ڪاپڙي!
(شاهه: سُر رامڪلي، ٽيهه اکري)
رِي رانجهن دي سِڪ جِنهان ڪون، هر دم رهي هميشان،
سهڻي سيج نه ڀانوين تنهان، ڪيتي پريم پريشان،
سي عاشق صادق نرڀؤ نيهي، اٽڪي رهن نه خويشان،
’روحل‘ در دلبر دي بِکيا، پايا خير درويشان!
(روحل: سرائيڪي ٽيهه اکري)
سنڌي، فارسي، سرائيڪي ۽ پنجابي شاعريءَ ۾ ’سي حرفيون‘/ ’ٽيهه اکريون‘ لکيون ويون ۽ اُهي ’عربي الف-ب‘ تي آڌاريل آهن. سنڌي ٻوليءَ جي ’الف-ب‘ ٻاونجاهه اکرن تي مشتمل آهي، اُن ڪري شايد اسان جي ڪلاسيڪي توڙي عوامي شاعرن ’ٻاونجاهه اکرن‘ تي مشتمل ’ٻاونجاهه اکري‘ نه لکي آهي، ڇو ته سنڌي ’الف-ب‘ جي پٽيءَ ۾ ڪي اکر، خاص ڪري: ’ڃ ، ڱ، ڙ ۽ ڻ‘ اهڙا آهن، جن سان شروع ٿيندڙ لفظ، وقت جي وهڪري ۽ رَوَ ۾ وهندي، اُچارجڻ بند ٿي ويا آهن، بلڪ اهڙا اکر ئي متروڪ ٿي ويا آهن، اُن ڪري شاعرن ’ٻاونجاهه اکري‘ لکڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. پر تحريرن ۽ شاعريءَ جي تذڪرن ۽ لُغتن ۾ سنڌيءَ ۾ ’ٻاون اکري‘ ۽ ’ٻاونجاهه اکري‘ لفظ مستعمل رهيا آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته شايد ماضيءَ ۾ ڪي ’ٻاونجاهه اکريون‘، لکيون ويون هجن، پر سردِست ڪو ثبوت نه هئڻ ڪري، اُن تي بحث نه ٿو ڪري سگهجي.
منهنجي آڏو منهنجي پياري دوست، قومي سفر جي ساٿي، ساڃاهه وند دوست ۽ شاعر محمد بخش ’مَشڪورَ ڦلڪاري‘ جي ’ٻاونجاهه اکري‘ شاعريءَ جو پورو ڪتاب موجود آهي، ۽ مون کي حڪم ٿيو آهي ته نه رڳو اُن جي شاعرانه نوڪ پلڪ دُرست ڪريان، پر هن شاعريءَ جي ڪتاب تي مهاڳ پڻ لکان!
آءٌ ويجهي ماضيءَ ۾ ٽُٻي هڻان ٿو ته مون کي اسان جو هڪ ٻيو ’قومي ساٿي ۽ شاعر‘ ذهن تي تري اچي ٿو: روشن ڪلهوڙو، جيڪو رهاڪو ته محبت ديري جتوئيءَ جو هو، پر نوابشاهه شهر ۾ ڪنهن بئنڪ جو گارڊ هو، ۽ اسان جي ’قومي تحريڪ‘ جو سرگرم ڪارڪن رهيو هو. هن ڪي نظم ’سانوڻ وچولائيءَ‘ جي نالي سان به لکيا هئا، پر سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ ۽ نوابشاهه جي گڏجاڻين ۾ ’روشن‘ نالي ۽ تخلص سان ڊگها ڊگها قومي نظم پڙهندو هو. هُن پهريون ڀيرو ’ٻاونجاهه اکري نظم‘ لکيو هو، ۽ اُن کي سنڌي شاعريءَ جو ’ڪارنامو‘ سڏيو ويو هو، پر مون کي جيتريقدر ياد آهي ته روشن ڪلهوڙي، سنڌيءَ جي نج ۽ منفرد اکرن ’ڱ، ڃ، ڙ، ڻ‘ سان شروع ٿيندڙ ڪو لفظ پنهنجي شعر ۾ ڪم نه آندو هو، پر اُنهن جي الف-ب جي پٽيءَ ۾ پڙهائجندڙ اُچارن کي استعمال ڪيو هو، مثلاً: ’ڱ= سڱ، ڃ= مُڃ، ڙ= ماڙي، ۽ ڻ= وڻ.‘ پر مشڪور ڦلڪارو، سنڌي ٻوليءَ جو پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌي الف-بي جي ٻاونجاهه اکرن تي مشتمل هي ’ٻاونجاهه اکريءَ‘ وارو مڪمل ڪتاب لکيو آهي. آءٌ آريسر صاحب سان ان ڳالهه ۾ سؤ سيڪڙو سهمت آهيان ته:
”[مشڪور ڦلڪاري جو] هيءُ ڪتاب، سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ اهم ڪارنامو آهي. بدين جي مولانا حاجي احمد ملاح قرآن مجيد جو منظوم سنڌي ترجمو ڪري، دنيا جي ادبي تاريخ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو. وري مشڪور ڦلڪاري پراڻيون سڀ روايتون ٽوڙي عربيءَ جي ’ٽيهه اکري‘ [سي حرفي] بجاءِ سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکريءَ تي شاعريءَ جو هي پهريون ڪتاب لکي، تلخيق جي دنيا جو جمود ٽوڙيو آهي!“
مشڪور ڦلڪاري جو هيءُ ’ادبي ڪارنامو‘ رڳو اُن ڪري اهم نه آهي ته هن پهريون ڀيرو، ’سنڌي ٻاونجاهه اکري‘ لکي آهي يا ’ٻاونجاهه اکريءَ‘ جو مڪمل پهريون ڪتاب لکيو آهي، پر هِن جو سڀ کان وڏو اهو به ڪارنامو آهي ته هن سنڌي ٻوليءَ جي اُنهن متروڪ اکرن سان شروع ٿيندڙ لفظ به ڳولي ۽ پُڇي، پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪم آندا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ ۾، سڀ کان اڳ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انتظاميه [ڊاڪٽر فھميده حسين ۽ مُون] سنڌ جي تاريخ جي ’پهرين جامع انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘
[9 جلدَ] ڇپائي پڌرو ڪرڻ سان گڏ، سنڌي ٻوليءَ جا ٻه متروڪ لفظ ’ڃُوڃڻ‘ ۽ ’ڙاڪ‘ هٿ ڪري، اُن ۾ داخل ڪيا هئا، پر مشڪور ڦلڪاري جو اُن کان به وڏو ڪارنامو آهي ته هن سنڌي ٻوليءَ جي چئن مخصوص اکرن: ’ڃ، ڱ، ڙ، ڻ‘ سان شروع ٿيندڙ لفظ [پُڇي ۽ هٿ ڪري] سنڌي شاعريءَ جي منفرد صنف ’ٻاونجاهه اکري‘ جي شاعريءَ ۾ ڪتب آڻي، شاهڪار ڪم سرانجام ڏنو آهي.
هن ’ٻاونجاهه اکريءَ‘ جي حُسناڪي ۽ اهميت بيان ڪرڻ کان اڳ، آءٌ چاهيندس ته متروڪ سنڌي لفظن سان شروع ٿيندڙ ڪجهه مثال هيٺ پيش ڪري، مشڪور ڦلڪاري جي ڪارنامي کان پڙهندڙن کي روشناس ڪرايان:
ڃ: ’ڃُوڃڻ‘ ڇني آءُ تون، سارا دلبر دوستَ،
پنهنجو هڏ ۽ پوست، ڄمُ نه ڪانئرَ ڪُک جو!
[ڃوڃڻ= ونگ، ڍنگ، ڏانوڻ، گوڏِي]
ڙ: ڙي! ڪُڄا پيا ڪريو، چون ڪاڇي ٻارَ،
ويٺا ڏين ميارَ، سَرتن کي اڄ سنڌ ۾.
[ڙي= اڙي!]
ڱ: ’ڱي ڱي‘ گونگن جيئن، ويٺو ڳائين مڱڻا!
اُنهيءَ پر تون ڪيئن، هڻين صدا سُرن جي!
[ڱي ڱي: بي مطلب آواز]
ڻ: ’ڻي، ڱي، ڄي‘، ڄي، ٻولن ابهم ٻار،
سنڌي سڀ اُچارَ، ڄڻ ته ٻولي رَب جي!
[ڻي: ’ڻوڻ‘ جو اُچار]
جڏهن مشڪور ڦلڪاري انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ ’ڃ ۽ ڙ‘ سان شروع ٿيل ’لفظ‘ پڙهيا ته هن مون کي مبارڪون ڏيندي چيو ته:
”تون ته مون واري مِشن کي پورو ڪري رهيو آهين.“ مون کيس چيو: ”پاڻ شاگرد ۽ ساٿي ڪنهن جا آهيون؟“
چيائين: ”شاگرد سائين جي. ايم. سيد جا ۽ ساٿي عبدالواحد آريسر جا!“
تنهن تي چيومانس ته: ”لطيف، جي. ايم. سيد، اياز ۽ آريسرُ- سنڌ مان ڪڍي ڇڏ ته باقي ڇا بچندو؟“
چيائين: ”اِنهن ئي ته يار! اسان کي سنڌ ماءُ سان محبت ۽ سنڌي ٻوليءَ سان عشق جو سبق ڏنو آهي.“
چيم: ”ته پوءِ پاڻ ٻنهي جو مشن ساڳيو آهي، سنڌي ٻوليءَ تي تحقيقَ ۽ اُن جي عظمت جي اُپٽار“-
ائين مون کيس جڏهن ’ڃ‘ سان شروع ٿيندڙ لفظ ’ڃياري‘، ’ڱ‘ سان شروع ٿيندڙ لفظ ’ڱڱو‘ ۽ ’ڻ‘ سان شروع ٿيندڙ لفظ ’ڻڻو چڻو‘ [سوٻٽ چڻو] ٻُڌايو ته سچ پچ فون تي رڙيون ڪري چيائين: ”بس بس پيارا! منهنجو ڪم ٿي ويو، هاڻي آءٌ انهن لفظن تي توکي شعر ٿو لکي ڏيکاريان!“ مون کيس چيو ته: ”اهي لفظ سانڍي رک، اڃا توکي گهڻو ڪجهه لکڻو آهي، گهڻو ڪجهه ووڙڻو آهي ۽ گهڻو ڪجهه سنڌ کي ڏيڻو آهي، آريسر صاحب جي نقش قدم تي هلي، وري ’قومي ڪچهرين‘ کي جيارڻو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي حُسناڪي ۽ نج نبار لفظن کي پرکڻو ۽ ڳولڻو آهي!“
مشڪور ڦلڪارو، ’قومي تحريڪ‘ جي سچن، جاکوڙي ۽ مرد مجاهد ڪارڪنن مان آهي، جيڪي زماني جي ڏاڍ اڳيان نه جُهڪيا، نه رُڪيا، نه وِڪيا ۽ نه ٿِڙيا. آءٌ يقين سان چوان ٿو ته مشڪور جهڙا ڪارڪن، ڪنهن تحريڪ جو ڀاڳُ، ويساهُه ۽ اُتساهُه هوندا آهن. مون، مشڪور، آريسرَ ۽ سرور سهتي گڏجي، سنڌ جون وستيون ووڙيون آهن، گهيڙ ۽ گهاٽ، پها ۽ پيچرا ڏٺا ۽ ڏوريا آهن، ۽ سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ ’لطيف ۽ سيد‘ جو پيغام پکيڙيو آهي، ۽ اُن رستي ۾ ڪنهن به ڪَنڊِ، رڪاوٽ، پٿر ۽ پهاڙَ کي ليکيو نه آهي ۽ هميشه لطيف سائينءَ جي هنن سٽن کي پنهنجي آڏو رکيو آهي ته:
جي تون پهڻ پٻَ جو ته لڱ منهنجا لوهه
آڏو ٽَڪر ٽَرُ، متان روهَه رتيون ٿئين!
مشڪور ۽ مون ’قومي قافلي‘ ۾ ميلن جا ميل پنڌ ڪيا آهن، ساهي نه پٽي آهي، دڳُ ۽ ماڳ نه مٽايو آهي ۽ وچن ڪيو آهي ته:
اُتي ئي آهينِ، جتي اوهان ڇڏيون،
اکيون عبداللطيف چئي، ماڳ نه مٽائين!
مشڪور ڦلڪاري، ’سنڌوءَ جي ساڃاهه‘،’پيغام لطيف‘ ۽ ’سيدَ جي سنيهي‘ سان آدجڳاد کان جيڪو نينهن لڳايو آهي، سندس هيءَ ’ٻاونجاهه اکري‘، اُن جو سچو پچو ثبوت آهي: جنهن جي لفظ لفظ، سِٽ سٽ، بَند بند، بيت بيتَ، وائي، ڪافيءَ توڙي ڀڄنَ، گيتَ ۽ نظمَ مان، مٽيءَ جي مهَڪ ۽ سنڌوءَ جي اُجري ۽ آبحيات جهڙي جل جي سُڳنڌِ، من کي مهڪائي ڇڏي ٿي:
گنگا جمنا امرت امرت،
ليڪن ٿڃُ ته سنڌو آهي!
(نارائڻ شيام)
مشڪورَ، ’سنڌ جي ٿڃ‘ ملهائي آهي ۽ ماءُ جي مٽيءَ جو مانُ مٿانهون ڪيو آهي.
سندس هيءَ ’ٻاونجاهه اکري‘، سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين باب جي ابتدا آهي. مشڪور ڀلي سنڌي شاعريءَ جو وڏو شاعر نه به هجي، پر هن جي شاعري، نون شاعرن لاءِ، سنڌ جي مٽيءَ سان واڳيل شاعرن لاءِ، ’پرهه جو پيغام‘ ۽ ’نئين صبح جي نويد‘ ضرور آهي:
الا! سنڌ جيئي، جيئي سڀ جهانُ،
ماڻهپو مهانُ، گونجن گيت امنَ جا!
اڄوڪي ’مفاد پرستيءَ‘ جي دنيا ۾ ’سنڌ‘ جي آزاديءَ سان گڏ ’ڪُل جهان جي سلامتي‘، ’ماڻهپي جي مهانتا‘ ۽ ’اَمن جي گيتن جي گونج‘ واري مشڪور جي شاعري، ’امن عالم‘ جو منشور آهي:
بمَ ۽ بارودَ کان، آهه سگهاري ڏاتِ،
سدائين حياتِ، ماتِ ڏني آ موتَ کي!
بارودَ ۽ بَم، ڏيندا ناهن آجپو،
عقل، مت، فهمَ، ٽيئي سڙن جنگ ۾!
بارود ۽ ائٽم کان، سگهو آهه شعورُ،
علم سندو نُورُ، مَرڪائي ماڻهپي کي!
هُو ’بم، بارود، ائٽم ۽ جنگ‘ جو سخت مخالف آهي. اڄ جڏهن ’دين‘ جي نالي تي ’دهشتگردي‘ ۽ ’امن‘ جي نالي تي اَمن جي مرڪزن- مسجدن، مندرن، امام بارگاهن، ديولن، اسڪولن ۽ درسگاهن- تي بارودي حملا/ خودڪش حملا ٿي رهيا آهن، اُن وقت مشڪورَ جي شاعري ’انسانيت جو نوحو‘ آهي:
بم ٻڌي پيٽَ سان، مارين پيو انسانُ،
وڃائي ايمانُ، ڳالهيون ڪرين دين جون!
بم، بندوقون، بڻڇيون، ائٽم ۽ تلوار،
ڪر سڀيئي هٿيار، تابع سُرت ۽ سوچَ جي،
ٻاريو ڏيئا عِلم جا، اُڀري پوي سجُ،
ٻيائيءَ جو ٻجُ، ڪڏهن ڦٽي ڪينڪي!
ٻاريو ڏيئا علم جا، سَگهو ٿئي ضَميرُ،
انساني خَميرُ، مَرڪي پوي ماڻهپو!
مشڪور ڦلڪارو، ’ڀوميءَ جو ڀانُ‘ آهي، ’موهن جي مٽيءَ جو راڳي آهي‘ ۽ ’سچ جو سوديندڙ سچو شخص‘ آهي. اچو ته سندس شاعريءَ مان اِن ڳالهه کي پرکيون:
ڀرمَ رکجان ڀانَ، ’موهن جي مٽيءَ‘ جو،
’ڌرتيءَ‘ جو ايمانُ، اڃا آهي سنڌ ۾!
ڀَري ’ڀيرو‘ ڳاءِ، ڪڍي پنهنجو ڪينرو،
ڌرتي پنهنجي ماءِ، سينگاريون سُرن سان!
تڻڪي تندون ڇِڪ، ڪڍي تُون ڪماچَ جون،
ته وري سارا هِڪ، ٿين ڏياچَ ڏيَهه جا!
هو ’سنڌ‘ ماءُ سان گڏ، ’سنڌوءَ جي شادابيءَ‘ جو به ڪانکي آهي. هُو ’سنڌوءَ‘ تي ڊئم ٻڌندڙن، کي للڪاري، ’سنڌ جو آواز‘ بنجي ٿو:
ٿر نه ڪر تون سنڌڙي، ٿيندي رتو ڇاڻ،
وڏي جنگ جنگاڻ، پنهنجي ٿيندي پاڻيءَ تي!
مشڪور به سيد ۽ آريسر جيئن ’عدم تشدد‘ [اهنسا] جو پيروڪار آهي، پر ’دفاعي جنگ‘ ۽ ’ديس جي سلامتيءَ‘ لاءِ مزاحمت جي هر حڪمت عمليءَ جو حامي آهي.
مشڪور ڦلڪاريءَ جي ’ٻاونجاهه اکريءَ‘، جي اهم خوبي اها آهي ته هر اکر ’بيتن‘ جي لفظن سان شروع ٿئي ٿو ۽ اُن ئي اکر واريون ڪافيون، ڀڄن ۽ نظم، ڇند وديا [ماترڪ ڇند] ۽ عروض جي وزنن تي آڌاريل آهن- اها نواڻ به مشڪور کي سنڌي ’ٽيهه اکرين‘ ۽ ’ٻاونجاهه اکرين‘ جي کيتر ۾ منفرد بڻائي ٿي. ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:
ڪافي (1): پيارُ مقدس هاريءَ وانگي
هرڻي ڪنهن اُڃياريءَ وانگي
ساروڻيون ۽ سُڏڪا، سپنا،
لاهياريءَ جي کاريءَ وانگي
[غزل نما، ماترڪ ڇند تي ’ڪافي‘]
ڪافي (2): چٽي ڳالهه چئي پيو سڀن کي سڻايان،
مان ڌرتيءَ جو عاشق، پيو عشق ڳايان.
[ٿلُ ڪافي: بحر تقارب مثمن،
وزن: فعولن فعولن فعولن فعولن]
وائي: ڇم ڇم ڇم ڇم ڇير وڄاءِ، مستو مست فقير،
زندهه ڪر تون ضمير!
[ماترڪ وزن تي چيل وائي]
نظم: رهزنو! هاڻي ڀڄو، سنڌ دشمنؤ! هاڻي ڀڄو،
سنڌ جا سوڍا اُٿيا ۽ سنڌ جون سوڍيون اُٿيون!
[بحر رمل مثمن، مقصور
وزن: فاعلامتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات]
ڀڄن: سنڌ امڙ جا سانگي آهيون، پنهنجو نينهن نڀائڻ ڄاڻون،
طوفانن مان تُرها تاريون، اونداهين ۾ ڏيئا ٻاريون،
سچ جي جوت جلائڻ ڄاڻون!
[ماترڪ وزن تي لکيل ڀڄن]
گيت: ڦيٿا گاڏي ٺاهي ويو، سائنس کي سمجهائي ويو،
موهن دڙي جو ماڻهو سائين، موهن دڙي جو ماڻهو!
[ماترڪ وزن تي لکيل گيت]
هي مثال، ’خرار مان مُٺ برابر‘ به ناهن، پر مون اِهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته مشڪور موسيقي، ڇندوديا ۽ علم عروض جي وزنن جو ڄاڻو آهي. هو راڳ ڄاڻي ٿو، اُن ڪري هن وايون، ڪافيون، بيت، ڀڄن، نظم ۽ گيتَ جهونگاري لکيا آهن، اُن ڪري ڪٿي ڪٿي عروضي وزنن ۾ لفظن کي ’حذف‘ ڪري ٿو، پر اها ڳالهه سندس شاعريءَ جي حُسناڪيءَ کي مجروح نه ٿي ڪري!
مشڪور ڦلڪارو، جيئن مون مٿي بيان ڪيو آهي ته ’فڪر سيد‘ جو سچو پرچارڪ ۽ پيروڪار آهي، اُن ڪري سنڌ جي آزاديءَ ۾ هُن جو اهڙو پختو يقين آهي، جهڙو اسان سڀني کي ’سڀاڻي جي سجَ اُڀرڻ‘ جي پڪ آهي.
فڪر جيئينم سيد جو، آهي ’پيغامِ سنڌ‘،
ڇُٽندي جنهن سان جِند، دنيا جي مظلومَ جي،
فڪر جيئينم سيد جو، ’سنڌوءَ جي ساڃاهه‘،
ڏسيل جنهن ۾ ڏاهَه، آهه اصل آزاديءَ جي!
فڪر ’صوفياءِ سنڌ‘ جو، ’ترقي بني آ دم‘،
ٿيندو ’امن عالم‘، ’انساني اتحاد‘ سان!
هنن ٽنهي بيتن ۾ سائين جي. ايم. سيد جي ’سنڌ جي آزادي‘،’ترقيء بني آدم‘ ۽ ’امن عالم‘ ۽ ’انساني اتحاد‘ واري فڪر جو سمورو تت ۽ جوهر سمايل آهي- جنهن لاءِ جي. ايم. سيد، آريسرَ، مشڪور ۽ اسان جي جدوجهد جاري آهي، جاري رهندي!
مشڪور جي لکيل قومي ’تراني‘ جي ٿلهه تي هن تحرير کي ختم ڪريان ٿو:
يارو! توهان تقدير آهيو، سنڌو ديش مهانَ جي،
لطيف جي پيغام جي، جيئينم جي فرمانَ جي!
سنڌو ديش زنده آباد،
سنڌو ديش زنده آباد!
تاج جويو
حيدرآباد، سنڌ
7 جنوري 2016ع