اڃا رُڃ مان رَڙ اچي ٿي اچي ٿي!(مهاڳ)
سنڌ جي قومي تحريڪ جوباني، محترم سائين جي. ايم. سيد، شاعريءَ جي اُنهيءَ تاثير کان واقف هو، جنهن جڏهن ’قومي تحريڪ‘ شروع ڪئي، ته اُن وقت قومي تحريڪ ۾ عشق جي روح ڦوڪڻ لاءِ هن جيڪي چونڊ ڪتاب لکارايا، تن مان هڪ ڪتاب ’سنڌ جي قومي شاعري‘ جي چونڊ تي مبني.به هو، جنهن ۾ ڀاڳو ڀان کان وٺي نياز همايونيءَ تائين سڀني شاعرن جا چونڊ قومي شعور سان ڀرپور شعر ڏنل هئا- ڇو ته سيد کي خبر هئي ته، شاعري اُها شيءِ آهي، جيڪا نه رڳو ڀنڀور کي باهه لڳائيندي آهي، پر مئل دلين ۾ زندگيءَ جي حرارت به پيدا ڪندي آهي. اُن کان علاوه شاعري، غلاميءَ ۾ ورتل اُداس روحن ۾ تازگيءَ سان گڏ همت جو روحُ به ڦوڪيندي آهي.•
اُها شاعري ئي هئي، جنهن عرب جي بدو قبيلن کي سالن جا سال ميدانِ جنگ ۾ اڏول رکيو. اُها شاعري ئي آهي، جنهن جي ڪري قرآن پاڪ جي فصاحت کي عرب جي قومي شاعر ’امراءُ القيس‘ جي شاعريءَ سان ڀيٽيو ويندو هو، ته ڇا قرآن پاڪ به ’امراءُ القيس‘ جي شاعريءَ سان ٺهڪي اچي ٿو يا نه؟ اُن ڪري سائين جي. ايم. سيد، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين ادبي تنظيمن کي خاص اهميت ڏيندو هو. سائين پنهنجي سالگرهه جي جلسن ۾، شاعرن ۽ راڳيندڙن کي بي پناهه اهميت ڏني، ۽ ڪڏهن به هو شاعري ٻڌندي بيزاري محسوس نه ڪندو هو. مون کي شيخ اياز ٻڌايو ته: ’هڪ ڀيري سائينءَ جي سالگرهه جي جلسي ۾ سٺ هزار ماڻهو آيا هئا. ايوب خان جي طرفان تقرير ڪرڻ تي بندش هئي، اُن ڪري سائينءَ چيو ته: ’اياز! تو جيڪو شاعريءَ ۾ ڊرامو ’دودي سومري جو موت‘ لکيو آهي، اُهو پڙهي ٻڌاءِ!.‘ سائينءَ جي حڪم تي جڏهن مون اُهو نظم پڙهيو ته، اُن منهنجي شاعريءَ، سٺ هزار ماڻهن تي وجد طاري ڪري ڇڏيو.“ اُن سلسلي ۾ رڳو اڪيلو شيخ اياز نه هو، سائينءَ وٽ ته نياز همايوني، مومن مليرائي، استاد بخاري، راشد مورائي، خاڪي جويو، تاج جويو ، جمن دربدر، حليم باغي، ابراهيم منشي، عبدالحڪيم ارشد، محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي، روشن ڪلهوڙو، ارڏو اُترادي، يا هن ڪتاب جو ليکڪ مشڪور ڦلڪارو سڀ ايندا هئا. سائين اُنهن کي وڏيءَ عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو، ڇو ته سندن شاعري، ماڻهن جي رَت ۾ حرارت ۽ زندگيءَ ۾ اُتساهه ڀريندي هئي. اُنهيءَ ڪري سائين ائين سمجهندو هو ته، سنڌ جي سائي ڪُک مان جيستائين اهڙا قومي شاعر جنم وٺندا رهندا، تيستائين منهنجي سنڌ مرڻي ناهي.
شاعريءَ جي اُنهيءَ تعريف کان پوءِ، اڄ مون کي ڪجهه سالن کان پوءِ، پنهنجي پراڻي ۽ بااعتماد دوست مشڪور ڦلڪاري جو سنڌي ٻوليءَ جي ’ٻاونجاهه اکريءَ‘ تي مشتمل شاعريءَ جو هيءَ ڪتاب ڏسڻ جو موقعو مليو آهي. گاهي ماهي ڪجهه پڙهڻ جو وجهه به مليو. سچ پچ ته مشڪور جي شاعريءَ جو هيءَ ڪتاب، سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ اهم ڪارنامو آهي. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ بدين جي مولانا حاجي احمد ملاح، قرآن مجيد جو ’منظوم سنڌي ترجمو‘ ڪري، دنيا جي ادبي تاريخ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو. وري مشڪور ڦلڪاري پراڻيون سڀ روايتون ٽوڙي، عربيءَ جي ’ٽيهه اکريءَ‘ بجاءِ سنڌي ٻوليءَ جي ’ٻاونجاهه اکريءَ‘ تي شاعريءَ جو هي پهريون ڪتاب لکي، تخليق جي دنيا جو جمود ٽوڙي، اهم ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. مشڪور ڦلڪاري جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي نه صرف درد ڪٿا موجود آهي، پر هن اُنهن دردن جو درمان پڻ ڏَسڻ جي ڪوشش ڪري، هڪ سڄاڻ ۽ محب وطن قومي شاعر جو فرض به ادا ڪيو آهي. مشڪور جي شاعري پڙهي، مون کي شيخ اياز جو شعر ياد آيو ته:
اڃا رڃ مان رڙ اچي پئي، اچي پئي،
متان ائين سمجهين ته مئا مور سارا!
مئي ناهه مڪلي، اڙي او اُمارا!
اياز اڄ وتاسين پٿر جا پنارا.
بس، مون کي خوشي ٿي آهي ته منهنجو دوست ۽ پراڻو ساٿي مشڪور، نه صرف جسماني طرح، پر ذهني ۽ جذباتي طور به ائين زنده آهي، جيئن سائين جي. ايم. سيد جي حياتيءَ ۾ زندهه هو.
هڪ ويٽنامي شاعر لکيو آهي ته: ”جڏهن ويٽنامي گوريلا دشمن جي فوجي ڪئمپن تي حملو ڪرڻ ويندا آهن، ته اُنهن جي کيسن ۾ ويٽنامي شاعرن جا انقلابي گيت هوندا آهن. سندن وڃڻ کان پوءِ اسين سندن کيسن جي سلامتيءَ جي دعا گهرندا آهيون.“- ۽ آءٌ جڏهن ڪنهن شاگرد کي تعليمي اداري ۾ پڙهندي ڏسندو آهيان ته دعا گهرندو آهيان ته، شال! هي ٻار وڏو ٿي، جيجل سنڌ جي ڪُکِ کي ڪاڻيارو نه ڪري!
واقعي مشڪور جي سڄي حياتي، عملي جدوجهد ۾ گذري آهي. هو ٻاٽ اونداهين ۾ لاٽ ٻاريندڙ، سيد جي فڪر کي سنڌ جي واهڻ واهڻ، وستي وستيءَ ۾ پهچائڻ لاءِ پيرين پنڌ نڪتل عشق جي قافلي جي مُهڙ وارن پانڌيئڙن ۾، اسان سان گڏ نه صرف هلندو رهيو، پر هو سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ عشق جي چڻنگ کي ڀڀڙ بڻائيندڙ شاعرن ۾ به شامل رهيو آهي. هن نه صرف شاعري ڪئي آهي، پر هن صوفين جا سُنگَ ٺاهي، سنڌ جي ڳوٺن ۾ ’سمنگ چارڻ‘ وارو ڪردار به ادا ڪيو آهي. بوقت ضرورت هي سنڌ جي ڳوٺن ۾ صوفين جو سنگ وٺي ويندو هو، جڏهن ماڻهو صوفي راڳ ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئا ته هي وري سنڌ جي تاريخ ٻڌائي، ماڻهن کي موجوده بي حسيءَ جو احساس ڏياريندو هو. سنڌ جو شايد ئي ڪو ڳوٺ رهيل هجي، جتي مشڪورُ، سيد جي فڪر پهچائڻ لاءِ نه پهتو هجي. هن ۾ هر قسم جي ماحول ۾ ضم ٿيڻ جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي. هو سڄي زندگي عشق جي راهن تي بغير لالچ ۽ لوڀ جي هلندو رهيو آهي ۽ هن سنڌ جي ڪُکِ کي ڪڏهن به ڪاڻيارو نه ڪيو آهي، اها ئي سندس عشق جي سچائي آهي ته هو ڪالهه به سنڌ لاءِ زندهه هو، ۽ اڄ به فڪري طور سنڌ جي وڃايل وجود جي ڳولا جي سفر ۾، سُک نه سمهڻ واري کاهوڙيءَ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ۽ هو زندهه آهي!
ڪنهن ماڻهوءَ کان پڇيو ويو ته: ”تون زندهه آهين؟“ اُن چيو ته: ”هائو! آءٌ زندهه آهيان.“ پڇڻ واري پڇيو ته: ”ڪيئن؟“ هن ورندي ڏني ته: ”گهُمي ڦري سگهان ٿو.“ وري ٻئي کان پڇيو ويو ته: ”ڇا تون به زندهه آهين؟“ هن به جواب ڏنو: ”هائو!“ پڇيائينس: ”ڇو ۽ ڪيئن؟“ هن جواب ڏنو ته: ”آءٌ زندهه اُن ڪري آهيان، جو آءٌ سوچيان ٿو.“
ڪارل مارڪس جي وفات تي اينگلس، مشهور جملو لکيو هو ته: ”1884ع ۾ دنيا جي دردن تي سوچيندڙ هڪ ماڻهوءَ ڪارل مارڪس جي دماغ سوچڻ ڇڏي ڏنو.“ پر مون کي خوشي آهي ته، قومي تحريڪ جو شاعر مشڪور ڦلڪارو، جيڪو ڪجهه وقت بيمار هئڻ جي باوجود، اڄ به زندهه، تروتازه ۽ توانائيءَ سان ڀرپور سوچ رکي ٿو، ۽ سنڌ سان محبت جي روشنيءَ جو ڏيئو روشن رکيو اچي. سندس سنڌ سان عشق ۽ سچائيءَ جو ثبوت، هي ڪتاب پڻ آهي، جنهن ۾ هن سائين جي. ايم. سيد جي ’مڪتبِ عشق‘ مان سکيل سبق کي پنهنجي شاعريءَ جي رنگن جو گيڙو لباس پارائي، ’پيغامِ سنڌ‘ کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ ڀٽائيءَ جي ڇڏيل تنبور جون ٻيهر تندون ڇِڪي، جُوءِ کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن سندس شاعريءَ ذريعي لطيف جي فهم، سچل جي بغاوت، ساميءَ جي ڌيرج، حمل فقير جي سماجي تنقيدَ، صوفي صادق فقير ۽ خليفي نبي بخش جي ڪيڏاري، بيدل فقير جي هُجت، روحل سائينءَ جي ايڪتا جي فلسفي، منٺار فقير راڄڙ جي اُميدَ، عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي اسرار و رموز جي نُقطن،
شيخ اياز، نياز همايونيءَ، استاد بخاريءَ ۽ راشد مورائيءَ جي سنڌ پرستيءَ جي فڪري روشنيءَ جا موتي سهيڙي، هڪ عشق جي لافاني مالها جوڙي آهي، جنهن جي پائڻ سان سنڌ جي اُجڙيل سونهن جي موٽڻ جي پڪ جي اُميد تي، عشق جا قافلا هلندا رهندا.
مشڪور ڦلڪاري، نه صرف ’پيغام سنڌ‘ جي فلسفي کي شاعريءَ جو روپ ڏئي، ’سنڌ جي عالمگيريت‘ کي اجاگر ڪيو آهي، پر هن ’سنڌ جي تاريخ‘ جي امر ڪردارن کي پڻ حياتِ جاوداني ڏني آهي. هن پنهنجي رهبر، سائين جي. ايم. سيد جي ’فڪري عالمگيريت‘ بابت لکيو آهي ته:
فڪر جيئينم سيد جو، آهي ’پيغامِ سِنڌ‘،
ڇُٽندي جنهن سان جِند، دنيا جي مظلوم جي!
هن صوفي ’شاهه عنايت شهيد‘ کي ڪهڙي نه اُتساهيندڙ ڀيٽا ڏني آهي، جيڪا عشق جي ’اذانِ سحر‘ آهي، جيڪا سُتلن کي ڀڙڪو کائي جاڳڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي:
’طريقت شاهه عنايت‘ جي، جي سڀئي پاڻ سِکون،
ته کڻي ڪجهه وِکون، ماڻيون پنهنجو آجپو!
اُنهيءَ کان علاوه هن تاريخدان شاعرَ، لطيف جي سورمين کان سواءِ، جيجل سنڌ جي لوئي، لڄ، عزت ۽ آجپي لاءِ پنهنجي سر جا نذرانا ڏيندڙ هر شهيد جي قربانيءَ جي اهميت کي ’سيد جي فڪر‘ جي روشنيءَ ۾ اجاگر ڪري، سڀني تاريخي ڪردارن کي امر ڪري ڇڏيو آهي.
هي سنڌو نديءَ جي مستيءَ کي ماٺو ڪندڙ ڊئمن جي سازش خلاف وڏي واڪي چئي ٿو ته:
ٿَــرُ ٿي ويندي سنڌڙي، سُڪو جي مهراڻ،
مون سان تون ڪا هاڻ، ڳالهه نه ڪر ڪنهن ڊئم جي!
ٿر نه ڪر تون سنڌڙي، نه ته ٿيندي رتوڇاڻ،
وڏي جنگ جنگاڻ، پنهنجي ٿيندي پاڻيءَ تي.
تاريخ جي ڄاڻوءَ، هن شاعر، سنڌ جي سموري سونهن موٽائڻ لاءِ، جتي همت، ٻڌي، مسلسل جدوجهد ۽ ٿڃ ملهائڻ جي تلقين ڪئي آهي، اُتي علم جي روشنيءَ سان ساڃاهه ۽ شعور جي اهميت تي پڻ زور ڏنو آهي:
ٻاريو ڏيئا عِلم جا، ٽوڙيو چُپِِ چُپات،
ته ماٺ جي مماتِ، تڙي ڪڍون سنڌ مان.
مطلب ته مشڪور جي شاعري، سنڌ جي ازلي روحَ جي پڪارَ، سائين جي. ايم. سيد جي ’پيغام سنڌ‘ جي تشريحَ ۽ تاريخ جي بيچين دراوڙ جي دانهَن آهي.
منهنجي دعا آهي ته هو سنڌ جي دردن تي سوچيندو، لوچيندو ۽ پوريءَ سگهه سان لکندو رهي، ۽ کيس ڪڏهن به مولانا عبيد الله سنڌيءَ وانگر ائين نه چوڻو پوي ته: ”آءٌ پرهه ڦٽيءَ ويل ڪنهن ٻرندڙ ڏيئي جو آخري جهٽڪو آهيان.“
پلي آس ٿر مان نه آ ٿوهرن،
ڀٽائي! ڏسين ٿو وڄون ٿيون ورن!
ڪڏهن سِنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي،
ڪڏهن موڙ تَنهن جا نه مُرجهائجن!
-
عبدالواحد آريسر
18.11.2009