سندي جوڳيان ذاتِ (ليکڪ جوتعارف)
مشڪور جو شمار سنڌ جي انهن تمام ٿورن ماڻهن ۾ ٿئي ٿو ، جن کي ’سنڌ جي انسائيڪلو پيڊيا‘ طور سڃاتو وڃي ٿو ، اهو ئي سبب آهي، جو هو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ علمي ۽ ادبي سرگرمين جو رُوح روان آهي. سندس ڄاڻ جي شهرت سنڌ کان ٻاهر به ڦهليل آهي، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن به ڪو پرڏيهي محقق سنڌ ۾ تحقيق لاءِ ايندو آهي ته مشڪور ڦلڪاري سان ملڻ کان سواءِ سنڌ بابت پنهنجي تحقيق کي نامڪمل سمجهندو آهي، اهڙي ڳالهه جو اعتراف لنڊن جي تحقيقي ادارن سان لاڳاپيل ’الائيس البينيا‘ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ’امپائرس آف انڊس‘ ۾ پڻ ڪري چڪي آهي. هندستان سان واسطو رکندڙ پوپٽي هيراننداڻي، ڄيٺو لالواڻي ، گنگارام سمراٽ ۽ ٻيا ناليوارا اديب به مشڪور جي ڪردار ۽ ڄاڻ جي مڃتا کيس پنهنجي ڪتابن ۾ ڏئي چڪا آهن. تاريخ جي موضوع تي سندس ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ ڪالم سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. مشڪور کي سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ ملي چڪا آهن، جن ۾ ’ منهنجو ٽنڊو محمد خان فيسٽيول‘ ۾ مڃتا ايوارڊ، سنڌ يوٿ نيٽ ورڪ پاران ’بيسٽ پوئيٽ اينڊ رائيٽر ايوارڊ‘، روس جي ماسڪو ريڊيو جي ولتينا چستاڪوف پاران ’مڃتا سرٽيفڪيٽ‘، هندستان جي سنڌي اديبن پاران ’نهرو ايوارڊ‘، قابل ذڪر آهن . اپريل 2015ع ۾ سندس ڪتاب ’ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس‘ پڻ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ هن ٿر جي لوڪ ڏاهپ کي جديد سائنسي انداز ۾ پيش ڪري، هڪ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. ان کانسواءِ انٽرنيٽ تي ’ريڊيو وائيس آف سنڌ، لنڊن‘ تان سندس تاريخي مضمون ۽ ليڪچر سموري دنيا ۾ ٻُڌا وڃن ٿا. هيڏي ساري عالمي مڃتا جا موتي چونڊيندڙ، شاهه لطيف جي سُر رامڪليءَ جو هي جوڳي فقيرُ، پنهنجي مزاج ۽ ذاتي زندگيءَ ۾ تمام سادو ۽ سٻاجهو ماڻهو آهي، زماني جا لاها چاڙها ۽ ستم ظريفيون، سندس چپن جي مُرڪ کي مات نه ڪري سگهيا آهن، نه ئي مفاد پرستيءَ جو راڪاسُ، سندس ماڻهپي کي ڳڙڪائي سگهيو آهي. هي کاهوڙيءَ انسان، ’تتيءَ ٿڌي ڪاهه‘ واري جذبي سان سرشار ٿي، پوري ڄمار ڌرتيءَ جي عشق جي راهن جي اُڀن ڪاون مٿان پيرين اُگهاڙو پنڌ ڪندو رهي ٿو. زندگيءَ جي مشڪل مرحلن ۾ ورچي نه ويهڻ وارو هي کاهوڙي ڪردار جيئڻ سان گڏ جاڳندو پڻ رهيو آهي. شال! سندس عشق سلامت رهي ۽ پنهنجي سُندر خوابن جي ساڀيان ماڻڻ ۾ سوڀارو ٿئي. سندس هي ڪتاب ’سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه‘ (سنڌو حرفي) نه رڳو سنڌي شاعريءَ جو اهم تاريخي دستاويز آهي، پر فڪري طور سنڌ جي دردن جي تشريح جو ناياب باب آهي، هڪڙي نئين ۽ منفرد جستجو آهي، جدوجهد آهي، جدوجهد جي هڪ ڀرپور تاريخ آهي ، جنهن ۾ رڳو فتحن جا جشن ناهن، پر شڪستن سان پيار به آهي. حوصلي ۽ همت جو هماليه هن ڪتاب جي سونهن جو سبب آهي. اميد ته سنڌي ادب جو هي ناياب ڪتاب، نه رڳو سنڌ ۾ رهندڙن، پر سنڌ کان ٻاهر به سنڌي ٻوليءَ سان چاهه رکندڙن لاءِ نه رڳو ڪشش جو سبب بنجندو، پر اُنهن وٽ هن جي حيثيت هڪ شاندار ادبي تاريخ واري به هوندي ، جيڪا ادبي تاريخ اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ فخر جو سبب بڻيل رهندي.
اعظم ڀٽي
سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان