ڪرمين ملن ڪاپڙي
مشڪور مون کي تمام گهڻو وڻڻ لڳو. مون محسوس ڪيو ته هن ماڻهوءَ ۾ نه نفرت آهي، نه ساڙ، نه ڪنڊا، نه ڪات، نه زهر نه تِکاڻ ، هي ته گلاب جو گل، ڪوهنور هيرو ۽ ڏاهپ جي کاڻ آهي، تخليقن جو سمنڊ، الائي ڇا ڇا نه آهي! پوءِ آءٌ هن کي ويجهو ٿيڻ لڳس. حالانڪ هن پنهنجي زندگيءَ جا ٽيهه سال سينيئر قومپرست اڳواڻ رهندي، سائين جي. ايم. سيد جي ويجهو گذاريا هئا ۽ هو ذهني طور سائين جي. ايم. سيد جو سچو پوئلڳ هو . جڏهن ته مون وري پنهنجي زندگيءَ جا چاليهه سال محترم رسول بخش پليجي صاحب جي صحبت ۾ گذاري ، ’پليجي ازم‘ جي عشق ۾انقلابي نظريا پڙهندي، آدرشي بڻجي گذاريا هئا. جدوجهد جي رستن جي ٻواٽي تي هلندي، اسان هڪٻئي جا ذهني طور مخالف هئاسين. اهو ئي سبب هو، جو اسين ويجهو هوندي به هڪٻئي کان پري هئاسين. اڳ ۾ ڪڏهن به هڪٻئي کي ويجهي ٿيڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي هئي سين. انهيءَ ڪري هڪٻئي جا نالا ته ٻڌل هئا، پر ملاقات نه ٿي هئي، پر ڌرتيءَ سان عشقَ، سنڌي قوم ۽ ٻوليءَ سان عشقَ، وڻن، ولين ۽ گلن سان عشقَ، لطيف سان عشقَ، سنڌ جي فطرتي سونهن سان عشقَ، اڌ اگهاڙن مارو ماڻهن سان عشقَ، ۽ انهيءَ عشق جي يڪسانيت، اسان ٻنهي جي ميراث هئي. مشڪورڦلڪاري جي شخصيت ۽ روّين ۾ الائي ڪهڙي چقمقي ڪشش هئي، جو آءٌ لوهه جهڙو ماڻهو ڏانهس ڇڪبو ويس. هن به مون کي ويجهي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هو روزانو منهنجي اسپتال تي اچڻ لڳو. جنهن ڏينهن هو نه اچي، ان ڏينهن کيس به ماني نه وڻي . نتيجي ۾ اسان ٻنهي پنهنجا نظريا ۽ سوچون، دماغ جي لاڪر ۾ محفوظ ڪري ڇڏيون. اسين هڪٻئي کي ايترو ويجهو ٿي وياسين، جو ٻه هوندي به هڪ ڏسڻ ۾ اچڻ لڳاسين. مرڻن پرڻن ۾ گڏ، جلسن جلوسن ۾ گڏ، ريلين، احتجاجن ۽ بک هڙتالن ۾ گڏ ، سيمينارن ، مچ ڪچهرين ، مشاعرن ۽ ادبي محفلن ۾ گڏ ، جلد ئي اسان جي جوڙي مشهور ٿي وئي .
دستوري گڏجاڻي ختم ٿي ، چانهه پيئندي مشڪورَ ٻڌايو ته هو ’سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکريءَ‘ جي هر اکر سان شروع ٿيندڙ لفظن ۾ بيت ، وايون ، ڪافيون ، ڀڄن ، لوليون ۽ ترانا لکي رهيو آهي. اهو ٻڌي آءٌ حيران ٿي ويس، سوچيم: اها خالي دٻ آهي ، ائين ممڪن ئي ناهي . سنڌي ٻوليءَ جا پنج اکر ’ڃ ، ڙ، ڱ، ڻ ۽ ء‘، اهڙا آهن، جن سان ڪو به لفظ شروع نه ٿو ٿئي . سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ ٺاهيندڙ ٻوليءَ جا ماهر، ۽ بزرگ استاد ڪي عقل ۽ ڄاڻ ۾ مشڪورَ کان گهٽ هئا، جو اهي به الفابيٽ پڙهائڻ وقت انهن اکرن سان شروع ٿيندڙ لفظ استعمال نه ڪري سگهيا. مثال طور ڃي مُڃ. ڙي ماڙي. ڱي سِڱ. ڻي وَڻ ۽ الف همزو . همزي ۾ ته ’ء‘ به ڪو نه ٿي آيو . مشڪور جڏهن انهن اکرن سان شروع ٿيندڙ لفظن تي مشتمل بيت ٻڌايا ته آءٌ حيرت ۾ پئجي ويس .۽ سندس ڏاهپ جي عظمت جو قائل ٿي، کيس چميون ڏيڻ لڳس. هن غريب ماستر ماڻهوءَ، الائي ڪيڏا ڪشالا ڪڍي، ڏکيا سفر ڪري سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جي پاتال مان ڳولي انهن اکرن سان شروع ٿيندڙ لفظ هٿ ڪري، پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيا هئا، جيڪي منهنجي دماغ جي دٻليءَ جي ’ناممڪنات‘ ۾ لکيل هئا . اهي لفظ جڏهن ممڪنات ۾ اچي ويا ته آءٌ صفا چريو ٿي پيس. حيران انهي ڳالهه تي آهيان ته موجوده سنڌي الفابيٽ کي وجود ۾ ايندي ۽ مختلف شڪليون بدلائيندي، صديون گذري چڪيون آهن. ڪئين سنڌي ٻوليءَ جا شاعر، عالم، اسڪالر، محقق، ٻوليءَ تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر، استاد، شيخ المشائخ، ۽ مولوي پيدا ٿيا، پر ڪنهن به اهو ڪم نه ڪري ڏيکاريو، جيڪو هن فقير انسانَ، پنهنجي بي سروسامانيءَ ۾ ڪري ڏيکاريو: سو به اهڙي قبيلي ۾ پيدا ٿيندڙ ماڻهوءَ، جنهن جون ست پيڙهيون جهالت جي اوندهه ۾ گذريون هجن . اهڙي خاندان ۾ افلاطون جي پيدا ٿيڻ تي، آءٌ اچرج ۾ پئجي ويس . مشڪور انهن اکرن سان شروع ٿيندڙ لفظ ۽ پنهنجا ٺاهيل بيت ٻڌائڻ شروع ڪيا ته منهنجو وات پٽيل ئي رهجي ويو:
ڃ: ڃُوڃڻ معنيٰ سوئا مينهن يا ڍڳي کي ڏهڻ مهل وِڌل ڍَنگ يا وَنگ
ڃُوڃڻ ڇِني آءُ تون، ڪهڙي ڪرين ڪٿ،
آهن سڀ ڪجهه هٿ، هلائين ته هاج ٿئي.
ڙ: ڙاڪُون معنيٰ درياهه جي پاڻيءَ جي سڪڻ بعد واريءَ ۾ پيل ڏار يا ڦوٽون.
ڙاڪون سنڌوءَ پيٽ ۾، ڏسي روئي روح،
ٿر جيان ٽوهه، ڇا ٿيندا ٻنهي ڪنڌيين؟
ڱ: ڱڱو معنيٰ ڳاڙهو ڳٽول، ڳڀرو.
ڱڱا ڳڀرو گهوٽ، آتا سر ڏيڻ لئه،
مِهڻو تنين موٽ، وِک اڳيان اڳري.
ڻ: ڻَڻو چڻو معنيٰ، ڪاڙهڻ بعد به نه ڳرندڙ چڻو يا مٽر جو داڻو.
ڻڻو چڻو جيئن، رَجهي نه ڪاڙهڻ سان،
اسان سڄڻ تيئن، پيار لڪايو لوڪ کان.
ء: ئوئان، ئوئان معنيٰ، تازي ڄاول ٻار جي روئڻ جو آواز.
ئوئان ئوئان ڪندي، روئندي ڄائو ٻالڪ،
سمجهي ڪو سالڪ، احساس انهي درد جو.
مشڪور روانيءَ سان جڏهن بيت پڙهي بس ڪئي، ته آءٌ اٿي کيس دلي طور سلام ڪندي ڀاڪرين پئجي ويس .سندس کوجنا ۽ تحقيقي ڪم کان متاثر ٿيندي، مون کي لڳو، ڄڻ شاهه سائين مشڪور جهڙن ماڻهن لاءِ ئي چيو هو ته:
سهسين سجن اڀري، چوراسي چنڊن،
باالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان!
ٻوليءَ ۽ ادب جي آسمان تي ڪئين سج اڀريا، ۽ ڪئين چنڊ چمڪيا، پر مڻيا ۽ مٿڀرائپ شايد مشڪور جي انتظار ۾ هئي .
اهڙيءَ طرح مسلسل جاکوڙ سان مشڪورڦلڪاري، سنڌي الفابيٽ جي ٻاونجاهه اکرن سان شروع ٿيندڙ پنهنجي ’ٻاونجاهه اکري‘ پوري ڪندي، ڪاميابيءَ جي آسمان کي ڇهي ورتو. سنڌي سڀيتا جي هزارين سالن جي ارتقائي سفر ۾ سنڌي ماڻهو پنهنجي ادبي خزاني ۾ ’ٽيهه اکريون‘ ته لکي سگهيا هئا ، پر اڃا ٻاويهه اکر رهيل هئا . هن بي مثال ڪم ۾ مشڪور ڪيتري محنت ڪئي هوندي ، ڪيتري جاکوڙ ڪئي هوندي ۽ ڪيترا اوجاڳا ڪيا هوندا ، اها خبر ته کيس ئي هوندي . پر سندس انهيءَ عظيم ڪارنامي تي سڄي قوم مشڪور جي مشڪور آهي . منهنجي خواهش آهي ته سنڌ جون يونيورسٽيون، مشڪور جي هن بي بها تخليق ’سنڌو حرفي‘ تي کيس مڃتا طور پي. ايڇ. ڊي جي اعزازي ڊگري ڏين . سڌريل ملڪن ۾ ائين ئي ٿيندو آهي. ڪاش! اسان وٽ به قدردانيءَ جا اهڙا جذبا پيدا ٿي پون .
مشڪور ڦلڪارو، سادو، کلمک، سهپ رکندڙ ، هٿ جوڙ ڪندڙ فقير منش آهي. جيڪي مليو، سو کائي وٺبو ، جيڪي هوندو، سو پائي وٺبو. پنگريي ۾ سائين نورمحمد سمي جي ورسيءَ ۾ وياسين، منتظمين طرفان سمن جي قبيلي جي سردار سان گڏ ڊِنگ قسم جا جاهل وڏيرا اسٽيج تي ويهاريا ويا هئا . مشڪورُ چوڻ جي باوجود مٿي اسٽيج تي نه ويٺو ۽ هيٺ پنڊال ۾ ئي عام خلق سان گڏ ويهي رهيو ، ۽ سندس چپن تي مسڪراهٽ هئي . جڏهن جلسي کي مخاطب ٿيو ته پنهنجي علم ۽ ڏاهپ جي ڳالهين سان سڀني ماڻهن کي پنهنجي جادو بيانيءَ سان پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيائين . مون ڏٺو ته اسٽيج تي ويٺل سڀني ڊِنگ وڏيرن جا ڪنڌ جُهڪي ويا ۽ سندن جهالت شرمسار ٿي وئي.
مشڪور، سدائين هٿ ٻڌي سڀني کي ’محبوب سائين‘ چئي مخاطب ٿيندو آهي، انهيءَ ڪري کيس سڄيءَ سنڌ جا ماڻهو ’محبوب سائين‘ سڏيندا آهن .پر منهنجي لاءِ هو ’محبوب ضربيان ڪروڙ ،ارب ، ۽ پدم سائين‘ آهي. مشڪور جا چار پُٽ آهن: هڪڙو جهنگ مان مٺيون ماکيون لاهڻ جو ماهر آهي ، ٻيو پائدار ۽ سچو عشق ڪندڙ عاشق آهي، ٽيون نمبر پٽ سادو الله لوڪ ۽ ماٺيڻو آهي ، چوٿون نمبر پٽ تيز ترين ذهانت جو مالڪ آهي. سندس چار نياڻيون پڻ محنتي ۽ ماڪ ڀنل چانڊوڪيءَ رات جهڙيون معصوم ۽ نماڻيون آهن. سندس گهر واري منهنجي ڀاڄائي وفاشعار، حيادار، ڪمزور، پر وڏي سگهڙ ۽ ورڪر عورت آهي. هوءَ گهر جو سمورو ڪم اڪيلي سر پاڻ سر انجام ڏيندي آهي. اُنهن سڀني جي وصفن کي پاڻ ۾ گڏ ڪجي، ته مشڪور ٺهيو پوي . مشڪور جي همت ، سهپ ۽ فقيريءَ جو هڪ زبردست مثال اِهو به آهي ته جڏهن 2011ع جي ٻوڏ ۾ سندس گهر جي ڀر واري ’سونپاري ڍنڍ‘ اُٿلي پئي ته سندس سمورو الهه تلهه ۽ گهر ٻُڏي ويو. هو صرف پنهنجي جان بچائي، ٻچا وٺي دربدر ٿي ويو . انهيءَ حالت ۾ جڏهن آءٌ ساڻس ملڻ ويس، ته سندس چهري تي ڪنهن به قسم جي ڪربَ، ڏک يا مايوسيءَ جو نالي ماتر به نشان نه هو. هو پنهنجي بي سروسامانيءَ تي ننڍڙا ٽهڪ ڏئي رهيو هو. جنهن پٺيان سنڌ جي هزارين بي گهر ٿيل ماڻهن جو تمام وڏو درد لڪل هو، جيڪو مون محسوس ڪيو.
مشڪور خالي شاعر ناهي، هو گهڻ پاسائين شخصيت آهي. هو هڪ بهترين شاعر سان گڏ نثرنويس، محقق، تاريخدان، ڪالم نگار، ٻڌندڙن کي پنڊ پهڻ ڪندڙ قهر جو مقررُ، لطيف جو پارکو، قومي ورڪر، بهترين ليڊر، سٺو منتظم، غريب پرور، تعليمي ماهر، حڪمت جو ڄاڻو حڪيمُ، علم الاعداد ۽ نجوم جو ڄاڻو، سماج سڌارڪ ، بهترين دوست ۽ هرفن مولا آهي. هڪ ئي وقت ايتريون صلاحيتون رکندڙ ماڻهو سنڌ ۾ تمام گهٽ ۽ نه هئڻ جي برابر آهن.
مشڪور موقعي جي مناسبت سان هر وقت تيار هوندو آهي. هڪ دفعي ’ثقافتي ريلي‘ پيا ڪڍون، مشڪورَ ’ثقافتي ترانو‘ منٽن ۾ تيار ڪري ورتو. ’سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ‘ لاءِ احتجاج پيا ڪريون ته مشڪور سنڌي ٻوليءَ جي عظمت تي عاليشان گيت ٺاهي پيش ڪيو . ڪهڙو به موضوع هجي، ڪهڙي به تنظيم جو پروگرام هجي، ڪهڙي به قسم جا سامعين يا ناظرين هجن، مشڪور تقرير لاءِ اٿيو ته هال گونگو ٿي ويندو. سندس لهجو عاليشان، ڌيمو ۽ چٽو، لفظن ۽ جملن جو اڻکٽ سمنڊ، عملي جدوجهد جو اتساهه ۽ سچائي، ڳالهه ڪندي، ٿورو بيهي، ٻڌندڙن جو ڌيان ڇڪائڻ جي استادانه مهارت سان هو پوري مجموعي کي پاڻ سان گڏ کڻي، وٺي اهڙي ڳالهه ڪندو، جو تاڙين جي گونج ٿي ويندي. هو ناظرين کي کِلائڻ ۽ روئاڙڻ جي وڏي مهارت رکندڙ مقرر به آهي .
سندس نثر جو ڪتاب ’ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس‘ پڻ ڇپجي چڪو آهي. جنهن ڪتاب پڻ پنهنجي انفراديت سان ادبي حلقن ۾ وڏي مڃتا ماڻي آهي. هي موجوده ڪتاب ’سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه‘ ذهنن ۾ ڪيڏا طوفان ٿو آڻي ، ان جي شاهدي ته ايندڙ وقت ڏيندو . افسوس، مشڪورَ جي زندگيءَ جو وڏو قلمي پورهيو اڻ ڇپيل حالت ۾ سندس گهر ٻڏي وڃڻ سبب پاڻيءَ جو کاڄ ٿي ويو. اهو مواد پڻ هزارين صفحن تي لکيل مون پاڻ سندس گهر ۾ ڏٺو هو ، جنهن سان ڪيترائي ڪتاب ڇپجي ميدان ۾ اچن ها ۽ سنڌ ۾ هڪ وڏو ذهني انقلاب اچي ها . مشڪورڦلڪاري، جيڪي ريڊيو ’وائس آف سنڌ‘، لنڊن تان سنڌ جي قديم تاريخ ۽ ٻين موضوعن تي ليڪچر ڪيا آهن ، تن کي پڻ پوريءَ دنيا ۾ حيرت ۾ وجهندڙ موٽ ملي آهي . ڦلڪارا جي ننڍڙي شهر مان بي گهر ٿيل هي فقير ماڻهو، هن وقت پوريءَ دنيا جي سنڌين جو هيرو ۽ محبوب ليکڪ آهي.
زماني جي گردشن ، بي گهر ٿيڻ ، اڀري سڀري ماستريءَ تان رٽاير ٿيڻ، غربت ۽ محرومين هوندي به وطن جي عشق ، ٻوليءَ ۽ ادب کي سرخرو ڪرڻ واري جاکوڙَ، سوچڻ، لوڙڻ، لوچڻ ۽ جيئڻ جي جاکوڙ کيس شگر ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. پر هي سنڌ جي عشق ۾ فنا ٿيل فقيرُ، انهن بيمارين کي ليکي ئي ڪو نه ٿو . هن جي سوچ ۽ قلمي پورهيئي جي هر وک اڳي کان اڳري آهي.اسين سنڌي ماڻهو مشڪور جا مشڪورُ آهيون، جنهن سنڌي قوم کي ’ٿرجي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس‘ جهڙي تحقيقي ڪتاب کان پوءِ وري هي’سنڌو حرفي‘ يعني ’سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکريءَ‘ تي مشتمل شاندار ڪتاب ڏنو آهي. آءٌ مشڪور جي عشق ۾ ايترو مستغرق آهيان ، جو لکندي ڍاپان ئي نه ٿو، پر ڪتاب جي ضخامت وڌڻ جي ڊپ کان اِتي ئي دل تي پٿر رکي، مشڪور جي عظمتن کي شاهه صاحب جو هي بيت منسوب ڪندي، بس ٿو ڪريان ته:
جان آهن اوطاقن ۾، تان ڪي ساڻن اور،
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، پاڻ مٿانئن گهور،
ويا جي هنگلور، ته ڪرمين ملن ڪاپڙي.
ڊاڪٽر عزيز ٽالپر
5 مارچ 2016ع