عشقُ اٽل مُنهنجو (پنهنجي پاران)
قاسم علي شاهه، صوفي فقير يارمحمد رند، ۽ ٻيا صوفي محمد فقير کٽياڻَ جا طالب، ڏينهن جو پنهنجو ڪم ڪار ڪندا هئا ۽ رات جو ڪٿي نه ڪٿي محفل مچايو ويٺا هوندا هئا. اسين ٻارَ به ويجهيءَ ڇڪ ۾ انهن جون محفلون پيا ٻڌندا هئاسين . ائين ننڍپڻ ۾ ئي مون کي صوفي ماحول مليو: جيتوڻيڪ منهنجي قبيلي ۾ اڪثريت چورن ۽ ڦورن جي هئي. جيڪي ڏاڍ مڙسيءَ کي ئي پنهنجو مسلڪ ۽ مذهب سمجهندا هئا. اسان جي قبيلي جو آءٌ پهريون ٻارُ هئس، جيڪو اسڪول ۾ پڙهيس. اسان جو قبيلو ڦلڪارا، رند بلوچ قبيلي جي هڪ شاخ آهي. ميرن جي دور حڪومت ۾ اسان جي قبيلي کي سماواتي پرڳڻي (لڳ ٽنڊي محمد خان) ۾ هڪ جاگير به مليل هئي، جتي هن قبيلي جو هڪ وڏو ڳوٺ هو، جيڪو اڄ به ’ڦلڪارا‘ جي نالي سان ننڍو شهر ۽ يونين ڪائونسل جي حيثيت رکندڙ آهي: جنهن شهر ۾ هن وقت هڪ گهر به ڦلڪارن جو موجود ناهي . ميرن جي دور ۾ ٻين بلوچ قبيلن جيان ڦلڪارا قبيلي کي به ميرن جي فوج ۾ شامل ڪيو ويو هو، انهيءَ ڪري ڦلڪارا قبيلي، هالاڻي، مياڻي ۽ دٻُي جي جنگين ۾ مير حڪمرانن جو ساٿ ڏنو. ميرن جي ناڪامي ۽ انگريزن جي قبضي بعد ’ڦلڪارا‘ قبيلو، سنڌ جي انهن تمام ٿورن قبيلن ۾ شامل هو، جيڪي راڻي وڪٽوريا جي سالگرهه ۾ شامل نه ٿيا هئا. نتيجي طور ڦلڪارا قبيلي کي انگريز مخالف باغي قرار ڏنو ويو، ۽ ميرن جي طرفان مليل جاگير تان کين بيدخل ڪرڻ لاءِ مٿن ملٽري آپريشن ڪيو ويو، جنهن ڪري ڦلڪارا قبيلو پنهنجو ڳوٺ ڇڏي، ٽنڊي غلام عليءَ جي ڀرسان هڪ گهاٽي جهنگل ۾، جيڪو ’ڪنڊياري جي ڇَن‘ جي نالي سان سڏبو هو، لڏي، ولي محمد فقير جي نالي سان ڳوٺ ٻڌي وڃي ويٺا ، جتي هو انگريزن جي لڳاتار ملٽري آپريشنن سبب خانه بدوشيءَ جي حالت ۾ روزگار جا سمورا ذريعا بند ٿيڻ ڪري، چورين ۽ ڦرلٽ تي پنهنجو گذران ڪرڻ لڳا. ائين هو سماج کان ڪٽجي بلڪل وحشي بنجي ويا هئا. منجهانئن اها حيوانيت، پاڪستان ٺهڻ بعد به صفا ختم نه ٿي سگهي هئي. اهڙي قبيلي ۾ منهنجو والد شيرمحمد خان، جيڪو هڪ مولوي ميانجي ’بچل دل‘ جي صحبت ۾ اچي پڙهڻ ۽ لکڻ سکي ويو ۽ ميانجيءَ جي صحبت منجهس ماڻهپو پيدا ڪيو ، ان ڪري هن کي قبيلي جي ماحول کان نفرت ٿي ويئي، جڏهن ته منهنجو ڏاڏو سرمست خان به اڳي ئي فقير قسم جو ماڻهو هو. مٿان وري منهنجي والد پنهور قبيلي جي هڪ عورت سان پيارَ جو پرڻو ڪيو ، ته ڦلڪارا قبيلي وارا مٿس ناراض ٿيا. ان ڪري، منهنجو ڏاڏو ۽ والد، ڳوٺ مان لڏي ويجهو ئي ڳوٺ صوفي آباد ۾ اچي ويٺا، جتي تاجپور جي نواب حاجي محمد علي خان جون زمينون هيون. منهنجي والد ۽ ڏاڏي ، نواب صاحب جي ٻنين تي هارپو شروع ڪيو. ائين مون هڪ غريب هاريءَ جي گهر ۾ امڙ سوڍي پنهور جي پيٽان جنم ورتو. جيئن ته نواب حاجي محمد علي خان، صوفي نواب ولي محمد فقير لغاريءَ جي صوفي خاندان جو اهم فرد هو ۽ پاڻ صوفي هئڻ سان گڏ هڪ وڏو علم دوست بزرگ قسم جو انسان هو . هن ڳوٺ صوفي آباد ۾ اسڪول قائم ڪرايو، جتي مون اٺين درجي تائين تعليم حاصل ڪئي. غربت سبب مون وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هاءِ اسڪول رپ شريف (لڳ تلهار) ۾ داخلا ورتي، جتان وڏيري محمد رحيم ٿيٻي طرفان ’مفت بورڊنگ هائوس‘ جي سهوليت سبب مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، ڦلڪارا قبيلي جي پهرئين پڙهيل نوجوان جو اعزاز حاصل ڪري ورتم. اُن بعد مون کي ماستريءَ جي نوڪري به ملي وئي. ائين هن قبيلي مان پهرئين سرڪاري ملازم جو رتبو به مون کي حاصل ٿيو، جنهن سان منهنجي قبيلي ۾ تعليم پرائڻ جو شوق پيدا ٿيو، ۽ اڄ منهنجي قبيلي جا اڪثر ماڻهو پڙهيل لکيل آهن.
منهنجي زندگيءَ جي سکيا جي عمل ۾ آسپاس جي صوفياڻي ماحولَ، زميندار نواب حاجي محمد علي خان لغاريءَ جي اوطاق تي عالمن ۽ اديبن جا ميڙاڪا ۽ محفلون، ۽ نواب صاحب جي محبت ڀريي رويي، تعليم جي حاصلات لاءِ غربت ۽ دربدري، ڏاڏي، ڏاڏيءَ، امڙ ۽ ابي جي بيوسيءَ جا زخم، مون کي ننڍپڻ ۾ ئي نصيب ٿيا. اڳتي هلي سائين جي. ايم. سيد [جنهن کي اسين سڀ پيار مان ’سائين جيئينم‘ سڏيندا آهيون]، مون ۾ سنڌ جي عشق جي چڻنگ دکائي، بقول شاهه لطيف جي:
سرڄيس ته سور، سامايس ته سُکَ ويا،
اهي ٻئي پُور، مون نماڻيءَ نصيب ٿيا.
انهيءَ ڪري مون ۾ عشق جي راهن جي ’آتش نمرود‘ جون صعوبتون سهڻ جي شڪتي وڌي وئي، جنهن سبب مون کي عشق جي پنڌ ۾ ڪڏهن به شرمساريءَ جو منهن نه ڏسڻو پيو آهي.
’زندگي‘ ڪجهه ڪري وڃڻ جو نالو آهي. گمناميءَ جي موت مرڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو ڄمي ئي نه. بقول سچل سرمست جي ته: ’سوئي ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي.‘ اهي نصيحتون، مون کي منهنجي هڪ استاد بزرگ ڪامريڊ يعقوب حاجاڻي ’ساقيءَ‘ ڪيون هيون، اُن وقت منهنجي عمر 14 سال هئي. اُنهن نصيحتن ئي منهنجي زندگيءَ ۾ اهڙو روحُ ڀريو، جو آءٌ مسلسل عشق جي سفر ۾ ثابت قدميءَ سان هليو آهيان ۽ هميشه نواڻ جي ڳولا ۾ ڏوريندي، نه کرڪڻا لاٿا اٿم ، نه ئي نڀاڳي ننڊ منهنجو ڪڏهن پاسو ورتو آهي. مون هميشه پنهنجي عشق جي سلامتي پئي گهُري آهي .اهوئي سبب آهي، جو مون پنهنجي عشق جو جيڪو به ٿورو گهڻو سفر ڪيو آهي ، اُنهيءَ مان مطمئن آهيان. مون کي پنهنجي ڪيل پنڌ تي ڪو به پڇتاءُ ڪونهي. پنهنجي ضمير جو اهو اطمينانُ، منهنجي وڏي ۾ وڏي دولت آهي، جنهن املهه دولت تي آءٌ ڪابه سودي بازي ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان ،۽ اهو ئي منهنجي فقيريءَ جو راز آهي. جو آءٌ فقير هوندي به بادشاهن کان وڌيڪ سُڪون جي زندگي گذاريان پيو.
منهنجي زندگيءَ جي شروعاتي خوشنصيبي اها به هئي، ته مون کي ننڍپڻ ۾ ئي زندگيءَ جي سڀني ڪڙين حقيقتن جو ذائقو چکڻ جو موقعو مليو، ۽ پوءِ مون زندگيءَ جي شاهراه تي هلندي ، سڀني ڪڙن، مِٺن، کٽن ۽ کارن ذائقن جي شناسائي حاصل ڪري ورتي. اگهاڙي پيرين تتل زمين تي پنڌ ڪرڻ کان وٺي، هوائي جهازن جي آرامده ’اڏامندڙ قبر‘ جي سفر تائين، آءٌ سفر جي سمورين هيٺانهين ۽ مٿانهين کي سمجهي ويس. ڪڻڪ جي ڏاري جي پٽڙِي ۽ پاڻيءَ ۾ اوٻاريل رَٻَ، سُڪل جوئر ۽ ٻاجهرَ جي ڍوڍي کي پاڻيءَ ۾ پُسائي کائڻ کان وٺي، سمورن طعامن جي ذائقي کان واقف آهيان. مون کي هفتن جي بکن ۾ پاهه ٿيل، هڙٻاٺيون ۽ پاسراٽيون نڪتل ماڻهوءَ جي محروميءَ کان وٺي، اوبرون بچائيندڙ ۽ الٽيون ڪري وري کائيندڙ ماڻهوءَ جي هَوس جي پڻ ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي :جيڪو ئي منهنجو علم آهي، جنهن تي مون کي ناز آهي.
آءٌ بنيادي طور ’سنڌي صوفي‘ آهيان، مون کي ’اصحاب صفه‘ ۽ ابن عربيءَ جي اسلامي تصوف، ويدن جي ويدانيت (تصوف)، آڌُوتي تصوف، گرونانڪ جي ’صلح ڪل‘ واري تصوف، ۽ راجا اندر، مخدوم بلاول، حسين بن منصور حلاج، سرمد شهيد، صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سائين جيئينم سيد جي وطن دوست سنڌي تصوفَ جي رازن جي ڄاڻ آهي. مون کي ننڍپڻ کان ئي صوفي راڳ ٻڌڻ جو موقعو مليو، جنهن ڪري ئي، آءٌ شاهه لطيف جي ’نفي ۽ اثبات‘ جي فلسفي واري ’اويسي رنگ‘ ۽ سچل سرمست، مهدي شاهه، محمد فقير کٽياڻ، جانڻ چَن جي سرمستيءَ کي سمجهڻ جهڙو ٿيس. اهو ئي سبب آهي، جو منهنجي هن سنڌي ٻاونجاهه اکري ءَ: ’سنڌو حرفيءَ‘ ۾ ترتيب ڏنل ڪلام ۾، اوهان کي تصوف جا اهي سمورا رنگ ڏسڻ ۾ ايندا. گڏو گڏ پنهنجي رهبر سائين جيئينم سيد جي’پيغام سنڌ‘ جي فلسفي جو روح پڻ منهنجي شاعريءَ ۾ ساهه کڻندي اوهان کي نظر ايندو.
آءٌ هميشه نواڻ جي تلاش ۾ رهيو آهيان ، ڇو ته آءٌ پَروَرتِيءَ (تقليد) جي خلاف آهيان، منهنجي بي چين روح کي هميشه نَروَرتِيءَ (تخليق) جي ڳولا رهي آهي. انهيءَ ڪري، جڏهن مون سنڌي شاعريءَ جي مطالعي دوران ٽيهه اکريون ڏٺيون ۽ پڙهيون ته مون کي خيال آيو ته اُهي ته عربي زبان جي الفابيٽ موجب لکيون ويون آهن، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻاونجاهه اکر آهن. اُنهيءَ لاءِ سنڌي ۾ ’ٽيهه اکرين‘ لکڻ بجاءِ ’ٻاونجاهه اکريون‘ لکڻ کپن . انهيءَ خيال اچڻ شرط مون ٻاونجاهه اکريءَ ۾ سُر سسئيءَ جا بيت لکيا. اها ٻاونجاهه اکري، جڏهن مون1979ع ۾ سن ۾ ٿيندڙ شاهه حيدر سنائيءَ جي ميلي دوران
’ادبي ڪانفرنس‘ ۾ پڙهي ته مون کي وڏو داد مليو، ۽ خاص طور منهنجي رهبر سائين ’جيئينم سيد‘ منهنجي تمام گهڻي همت افزائي ڪئي ۽ انهيءَ ڏِس ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. انهيءَ کان متاثر ٿي، منهنجي دوست روشن ڪلهوڙي پڻ ٻاونجاهه اکريءَ ۾ هڪ نظم لکيو هو، جيڪو پڻ پسند ڪيو ويو. انهيءَ ڳالهه مون ۾ وڌيڪ اُتساهه پيدا ڪيو. مون انهي چئلينج کي قبوليندي، سسئيءَ بعد سر مارئيءَ ۾ پڻ ٻاونجاهه اکري لکي ۽ انهن ٻنهي ٻاونجاهه اکرين کي’سنڌو حرفيءَ‘ جو نالو ڏنم. منهنجي بزرگ دوست ۽ لاڙ جي محقق، محمد سومار شيخ، منهنجي انهيءَ ڪم کي ساراهيو، ۽ 1980ع ڌاري هن بزرگ ۽ اُتساهيندڙ ماڻهوءَ، لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، طرفان ’سنڌو حرفي‘ ڇپائڻ جو واعدو ڪري، مون کان اهو مسودو ورتو ، پر شيخ صاحب جي غربت ۽ بيماريءَ سبب اهو مسودو ڇپجڻ بجاءِ گم ٿي ويو. روشن ڪلهوڙو صاحب به شايد انهيءَ ٻاونجاهه اکريءَ ۾ لکيل نظم کان اڳتي ڪم نه ڪري سگهيو، ۽ جي ڪو وڌيڪ ڪم ڪيائين، ته به اهو منظر عام تي نه آيو، ليڪن منهنجي جاکوڙ جاري رهي، سنڌي ٻوليءَ جي ڪجهه اکرن ’ڃ ، ڙ، ڱ، ڻ، ء‘ سان ڪو به اکر شروع نه ٿي ٿيو، جيڪو عام طور گفتگوءَ ۾ استعمال ٿيندو هجي، جنهن مشڪلات سبب ئي اڳ ۾ سنڌو حرفي نه لکجي سگهي هئي . منهنجي شروعاتي پهرين سنڌو حرفيءَ لکڻ دوران پڻ مون کي انهن اکرن سان شروع ٿيندڙ اکر نه ملي سگهيا هئا ، ۽ نه ئي روشن ڪلهوڙو صاحب اهڙا لفظ ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو . مون پهرين سنڌو حرفيءَ ۾ اسڪولن ۾ پڙهايل استادن طرفان لهجي جو استعمال ڪيو هو، مثال طور هڪ بيت هو ته:
’ڙي ماڙي‘ نه محلات، نه وڻي ڀُونءِ ڀنڀورَ جي،
تن ۾ اهائي تات، پڄان پنهونءَ ڏي پنڌ ڪري.
يا
’ڻي وڻ‘ نه سُجهي واٽَ تي، جت ڪيان مانجهاندو،
پيو پنهونءَ سان پاندو ، جنهن ڇِڪي آنديس ڇپرين.
پر حقيقت ۾ آءٌ انهن اکرن سان شروع ٿيندڙ اصلَ لفظن جي تلاش ۾ هئس، منهنجي اطمينان لاءِ پهرين ’سنڌو حرفي‘ ڪافي نه هئي، اهو ئي سبب هو، جو آءٌ اصل لفظن واري سنڌو حرفيءَ جي تلاش ۾ رهيس. مسلسل ڳولا ڪندي، مون کي پياري دوست تاج جويي، ۽ ٻين ماڻهن جي واتان ڪجهه سنڌي ٻوليءَ جا متروڪ ٿيل لفظ ملي ويا، جيئن ’ڃ‘ سان شروع ٿيندڙ لفظ ’ڃُوڃڻ‘ [معنيٰ وَنگ ، ڍَنگ.]، ’ڙ‘ سان شروع ٿيندڙ لفظ ”ڙاڪون“ [معنيٰ درياهه جي پيٽ ۾ پاڻيءَ جي سُڪڻ بعد ٻيٽ ۾ پيل ڦوٽون يا ڏارَ.] ’ڱ‘ اکر سان شروع ٿيندڙ لفظ ڱڱو [معنيٰ ڳاڙهو، ڳڀرو، ڳاڙهو ڳٽول.] ۽ ’ڻ‘ سان شروع ٿيندڙ لفظُ ڻُڻو چڻو [معنيٰ ڪاڙهڻ بعد به نه ڳرندڙ چڻو يا مٽر جو داڻو، سو ٻٽ چڻو] ائين آخرڪار ڳولا جو سفر منزل تي پهتو، ۽ مون 2007 کان باقاعدي ٻاونجاهه اکري [سنڌو حرفيءَ] سنڌي ادبي سنگت ٽنڊي محمدخان جي هفتيوار ادبي گڏجاڻين ۾ پڙهڻ شروع ڪئي ، جتي پڻ سڀ دوست منهنجي اتساهه جو سبب بڻيا . خاص طور علم موسيقي ۽ شاعريءَ جي فن جي ڄاڻو ڀاءُ، رفيق ’آس‘ لغاريءَ جي تنقيدي نظر منهنجي ڪيل ڪم کي بي عيبو بنائڻ ۾ مدد ڪئي . حڪيم يوسف کتري، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، سائين تاج ٽکڙائي، انعام ٽکڙائي ، سارنگ شاهه، عاشق ڳاهي، سومار سنگم ، صالح امير ، قادر بخش ’حاتم‘ مگسي (مرحوم)، عثمان علي زئور ۽ ٻين دوستن جي تنقيد ۽ مشورا، منهنجي هن اهم ڪم کي فني ۽ فڪري طور سگهارو بنائڻ ۾ ڪارگر بڻيا.
اهڙيءَ ريت 2009ع ۾ مون سنڌو حرفيءَ ۾ ترتيب ڏنل هي ٻاونجاهه اکري- شاعريءَ جو ڪتاب مڪمل ڪري ورتو. ڪتاب مڪمل ڪرڻ بعد مون هن ڪتاب جو مهاڳ لکڻ لاءِ سائين جيئينم سيد جي فڪري شارحَ ۽ مون کي انتهائي ويجهو رهندڙ ۽ بي انتها پيارُ ڏيندڙ، منهنجي اڳواڻ، محترم سائين عبدالواحد آريسر جي چونڊ ڪئي، ڇو ته آريسر صاحب هڪ طرف منهنجي حال ۽ خيال کي سمجهندڙ، مون کي وڌيڪ ويجهو رهندڙ دوست هو، ٻئي طرف هو منهنجي تخليق ’ٻاونجاهه اکري ‘(سنڌو حرفي: جنهن ۾ مون فڪري طور پيغام سنڌ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي)، جو سنڌ ۾ وڏو شارحُ هو. انهيءَ لاءِ مون جڏهن کيس پنهنجي خواهش کان واقف ڪيو، ته هو پنهنجا سمورا ڪم ڇڏي، مون وٽ آيو ۽ لڳاتار ٻه ڏينهن مون وٽ رهي، منهنجي ڪتاب جو مطالعو ڪري، ڀرپور مهاڳ لکي ڏنائين، جيڪا ڳالهه آءٌ پاڻ لاءِ وڏو اعزاز سمجهان ٿو. سندس خواهش هئي ته هي ڪتاب جلد ڇپجي پڙهندڙن تائين پهچي، پر افسوس سندس حياتيءَ وفا نه ڪئي، ۽ ائين نه ٿي سگهيو. سنڌو حرفيءَ جي مڪمل ٿيڻ بعد، مون پنهنجي سموري ٽڙيل پکڙيل شاعري به هن ڪتاب ۾ شامل ڪئي ته جيئن منهنجي سموري شاعري، هڪ هنڌ محفوظ ٿي سگهي. ائين هيءُ ڪتاب منهنجي سموري شاعريءَ جو مڪمل ڪتاب بنجي ويو.
آءٌ بنيادي طور هميشه ’ڏٺي مان به ڏسجي‘ واري وڏڙن جي سوچ سان اتفاق ڪندي ، هر ڪم کي اطمينان سان پورو ڪري، پوءِ سُک جو ساهه کڻندو آهيان. سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکريءَ ۾ هن ڪلام کي مڪمل ڪرڻ ۽ مهاڳ لکرائڻ بعد، منهنجيءَ دل ۾ اهو خيال پيدا ٿيو، ته سنڌي ٻوليءَ جي هن بنيادي ڪم ۾ سمورين غلطين جو ازالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ته جيئن هن رستي جا سمورا ڪنڊا دور ٿين ، ۽ منهنجي پويان ايندڙَ، هن رستي جا قافلا پنهنجو سفر بغير ڪنهن مشڪلات جي جاري رکي سگهن. اُنهيءَ لاءِ مون پنهنجي هن ڪم جي تڪميل جي اطمينان لاءِ ، پنهنجي هن ڪم جو سمورو مسودو پنهنجي ’عشق جي سفر جي ٻئي ساٿي‘ ۽ مون کي وڌيڪ ويجهي رهندڙ دوست، تاج جويي جي حوالي ڪيو، جيڪو نه صرف منهنجن سمورين ڳالهين کي چڱيءَ ريت سمجهي ٿو ، پر منهنجي ڪيل پنڌ جو اکين ڏٺو شاهد هئڻ سان گڏ، منهنجي فڪري اڏام ۽ عشق جي پيڙا کي پروڙڻ جي به صلاحيت رکندڙ آهي. مون مٿس اعتماد رکندي، کيس پنهنجي نظر چُڪن ۽ غلطين جي اصلاح جا سمورا حق ڏيندي ، کيس عرض ڪيو ته هن مسودي جي مواد کي چڱيءَ ريت جانچي، اڇو اُجرو ڪري ڏئي، ۽ پنهنجي ڀرپور راءِ پڻ لکي ڏي! پر تاج جويو، جيڪو انتهائي مصروف ۽ گهڻ ڪاريو ماڻهو آهي ، تنهن هن مسودي کي ڪجهه مهينا پاڻ وٽ رکي ڇڏيو. جڏهن به پُڇا ڪريان ته چوي اڃا انتظار ڪر. منهنجي گهڻي تنگ ڪرڻ تي، هن منهنجي فون کڻڻ به ڇڏي ڏني. انهيءَ سموري عرصي ۾ منهنجو انتظار ۽ تاج جويي جي آسرن، اسان کي پاڻ ۾ هڪٻئي کان خفا ۽ پري ڪري ڇڏيو. پر جڏهن مون کي سندس اصلاح ڪيل مسودو واپس مليو ته دل خوش ٿي ويئي. ڇو ته هن مسودي جي هر هڪ لفظ کي انتهائي باريڪ بينيءَ سان ڏٺو هو، ۽ شاعريءَ جي وزن بحر کي به ٺيڪ ڪيو هو. ايتري دلچسپي شايد ئي منهنجو ڪو ٻيو دوست يا ٻيو ڪو سنڌي ٻوليءَ جو ڄاڻو وٺي سگهي ها. مسودي ملڻ بعد مون کي پنهنجي تڪڙ ۽ بيزاريءَ تي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ اسان جي دوستي ۽ پيار هڪ ڀيرو وري نئين ’نرواڻ‘ حاصل ڪري ورتي. تاج صاحب، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو عاشق هئڻ سان گڏ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ نوڪريءَ دوران سالن جي تجربي جي بنياد تي سنڌي ٻوليءَ جي باريڪ نقطن کي جانچڻ ۾ مهارت رکي ٿو، تنهن پيار جي پورهيي سان، منهنجيءَ هن تخليق کي بي عيبو بنائي، مستند هئڻ جو سونو نڪ وڌو. انهيءَ ڪري هن ڪتاب کي پڙهندڙن لاءَ پيش ڪندي، منهنجو ڳاٽ فخر مان اوچو آهي
منهنجي پياري نوجوان ساٿي، اعظم ڀٽيءَ، منهنجي زندگيءَ جو مختصر خاڪو پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ لکي ورتو. سندس خلوص ۽ محبتون، مون سان هر وقت گڏ رهيون آهن. هن نوجوان، مون سان واعدو ڪيو آهي ته منهنجي عشق جي سفر جي پوئواري ڪندي، منهنجي رهيل ڪم کي پورو ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهندو، شال! سندس واعدو ۽ جيجل سنڌ جو عشق لانجهو ٿي قوم وٽ مياري نه ٿئي! ساڳي طرح آئون پنهنجي دوستن ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ۽ جعفر ميمڻ جو پڻ ٿوارائتو آهيان . جن هن ڪتاب جي باري ۾ ۽ منهنجي باري ۾ پنهنجا رايا لکي هن ڪتاب جي سونهن ۾ اضافو ڪيو .
هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ دوران پياري دوست عارف قريشي صاحب جا وڏا وڙ، جنهن رات ڏينهن جنون جي حد تائين سچائيءَ سان ساٿ ڏنو. سندس ساٿ کان سواءِ غلطين کان صاف ڪمپوزنگ ۾ مشڪلاتون پيش اچن ها. عارف قريشي صاحب جي مون سان محبت جو اندازو مون کي ان ڏينهن ٿيو، جڏهن هن ڪمپوز ڪيل سڄي ڪتاب جي پرنٽ پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري عاليشان جلد بندي ڪري مون کي گهر پهچائي، جيئن آءٌ پنهنجي تخليق کي ڇپجڻ کان اڳ ۾ ڏسي نظرثاني ڪري سگهان. آءٌ تاج صاحب جي آفيس جي ڪارڪن، محترم راز محمد لغاريءَ جو به ٿورائتو آهيان، جنهن شام جو گهر ۾ ويهي هن ڪتاب جي لاجواب سيٽنگ ڪئي ۽ لي آئوٽ تيار ڪيو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل پهرين ٻاونجاهه اکريءَ ’سنڌو حرفيءَ‘ جي تڪميل سان، جتي مون کي روحاني سڪون مليو، اتي اها چنتا پڻ رهي ته، هي ڪتاب جلد ڇپجي پڌرو ٿئي، ڇو ته هن ضخيم ڪتاب جي ڇپائڻ جي پُڄت مون ۾ نه هئي. انهيءَ انتظار ۾ وقت گذرندو ويو. هڪ ڏينهن مون کي منهنجي پياري دوست جعفر ميمڻ مشورو ڏنو، ته توهان پنهنجي ٻاونجاهه اکريءَ کي ’ريڊيو وائس آف سنڌ، لنڊن‘ تان پيش ڪريو، جنهن ڳالهه تي منهنجي رضامنديءَ کي ڏسندي، هن ريڊيو وائس آف سنڌ، لنڊن جي سرواڻ محترم امداد علي اوڍي سان اهڙي ڳالهه ڪئي. محترم امداد علي اوڍو صاحب، جنهن پنهنجي سموري ڄمار، سنڌ جي عشق جي اڀن ڪاون مٿان هلندي گذاري آهي، تنهن منهنجي ’ٻاونجاهه اکري‘ باقاعدگيءَ سان نشر ڪرڻ جي خوشيءَ سان حامي ڀري. اهڙيءَ ريت ريڊيو وائس آف سنڌ، لنڊن تان هفتيوار هر جمعي ڏينهن تي سنڌو حرفيءَ جا پروگرام نشر ٿيڻ لڳا. پوريءَ دنيا ۾ سنڌ جي عاشقن جي طرفان منهنجي ٻاونجاهه اکريءَ کي وڏي مڃتا ملي ، جيڪا ڳالهه آءٌ نه صرف پنهنجي لاءِ، پر سموري سنڌي قوم لاءِ فخر جو باعث سمجهان ٿو.
ڪتاب جي مڪمل ٿيڻ جي خبر ملندي ئي منهنجي پياري دوست، فقير غلام قادر ڪيريي صاحب، ’مهراڻ ادبي سٿ سنڌ‘، پاران هن ڪتاب ڇپائڻ جي حامي ڀري. پر ٻئي طرف، سنڌ جي ضمير جي عالمي ترجمان اداري ’ريڊيو وائس آف سنڌ، لنڊن‘ جي سربراهه ڀاءُ امداد علي اوڍي ۽ پوريءَ دنيا ۾ سنڌيت جي پرچار ڪندڙ سنڌين جي بين الاقوامي تنظيم ’ورلڊ سنڌي ڪانگريس‘ طرفان ڀاءُ هدايت ڀُٽي صاحب، هن ڪتاب کي ڇپائي منظر عام تي آڻڻ لاءِ گڏيل طور مون سان رابطو ڪيو ۽ گڏوگڏ منهنجي ذاتي نگرانيءَ ۾ ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪرڻ جي ذميواري پڻ مون تي رکي سندن مقصد هو ته هر لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکريءَ ۾ پهريون ڀيرو ترتيب ڏنل هيءُ ڪلام، سنڌوحرفي، ڇنڊجي ڦوڪجي، بي عيب ٿي، منهنجي هٿان منظرعام تي اچي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکريءَ ۽ سنڌي تصوف جي ’پيغام سنڌ‘ جي ڦهلاءَ لاءِ، آئنده ڪم ڪندڙ شاعرن جي همت افزائي ٿئي. ريڊيو وائس آف سنڌ لنڊن ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي اهڙي عاشقانه رندي جذبي مون کي مجبور ڪيو ته پياري غلام قادر ڪيريي صاحب کان معذرت ڪندي، هيءُ ڪتاب مٿين ادارن جي مالي مدد سان پنهنجي نگرانيءَ ۾ ڇپائي پڌرو ڪريان . گڏوگڏ مٿين ادارن جي اهڙي بي لوث جذبي ۽ سنڌ سان فنائيت واري عشق جي جذبي ۽ مون فقير تي اعتمادَ، منهنجي همت افزائي، ۽ سندن محبت کي آءٌ نه صرف پنهنجي لاءِ اعزاز ٿو سمجهان، پر انهن جلاوطن ٿيل حلالي سنڌي ٻچڙن [جن پنهنجي وات جي گرهه مان ڪجهه رقم ڪڍي، سنڌ جي عشق جي سفر جي راهه ۾ پنهنجي عشق جا اڻمٽ نشان ڇڏيا آهن.] جي هن قدم کي سنڌ جي تاريخ ڪڏهن به وساري نه سگهندي ۽ اهڙو اعزاز سندن نصيب ۾ اچڻ، سندن سڀاڳ جو پڻ اهڃاڻ آهي . مون فيصلي ڪرڻ وقت اهو سوچيو ته هڪ طرف دوست غلام قادر ڪيريو صاحب آهي، جيڪو اڪيلي سر هيءَ بار کڻي، جيجل سنڌ جي ٿڃ ملهائڻ لاءِ بي چين آهي، ته ٻئي طرف سنڌ جا جلاوطن ٿيل حلالي ٻچڙا، جيڪي پنهنجي سنڌ سان سچي عشق جو ثبوت ڏيڻ ٿا چاهين، جن جي خلوص کي سلام ڪندي، مون هائوڪار ڪري ڇڏي. دوست غلام قادر ڪيريي صاحب به منهنجي انهيءَ فيصلي کي خوشيءَ سان قبولي، جلاوطن ڀائرن جي عشق کي سلام ڪيو. ائين مون کي هن ڪتاب کي توهان تائين پهچائڻ جو سهارو ملي ويو .
ڪتاب جي ڇپجڻ جي تياريءَ جي مرحلي دوران، سنڌ جي هڪ بزرگ مصور محترم عبدالرّسول عباسيءَ، انتهائي پيار سان پنهنجو تخليقي نُور نِچوئي، ڪتاب جو شاندار ٽائيٽل مفت ۾ ٺاهي ڏنو، ۽ سنڌ جي عاشقن جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو لکائڻ ۾ سوڀارو ٿيو. منهنجي هن عشق جي سفر جي ’رنڍا روڙ‘ ڪيئن ٿي لڳي، انهيءَ جو پتو ته اڳتي پوندو . شال! هي ڪائو ڪچ، صرافن وٽ اگهامي قبول پوي!
مشڪورڦلڪارو
10 مارچ 2016ع
03322058701 --- 03473222554.
mashkoor.phalkaro@gmail.com