شاعري

سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه

هي ڪتاب نامياري محقق ۽ شاعر مشڪور ڦلڪاري جي سنڌي ٻوليءَ جي پهرين ’ٻاونجاهه اکريءَ‘- ’سنڌو حرفي‘- ۽ ٻئي ڪلام تي مشتمل آهي. ڊاڪٽر هدايت ڀٽو لکي ٿو:
”هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جو هڪ منفرد ڪتاب آهي. هيءَ سنڌي ٻوليءَ جي ’ٻاونجاهه اکري‘ ۾ لکيل پهريون شاعريءَ جو ڪتاب آهي، هن کان اڳ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ٽيهه اکريون‘ ته شاعرن لکيون آهن، پر ڪنهن به هن کان اڳ ۾ ’ٻاونجاهه اکري‘ نه لکي هئي: انهيءَ ڪري هن ڪتاب جي منظر عام تي اچڻ سان اسان جي سنڌي شاعريءَ جو جمودُ ٽٽندو ۽ وڌيڪ ’ٻاونجاهه اکريون‘، لکڻ جو رواج پوندو. “
Title Cover of book سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه

س

’سِينڍَن ۾ ڪا مارئي‘، هاڻي تون نه ڳاءِ!
کُلي تون سمجهاءِ، اندر سنديون ڳالهڙيون.

سِينڍن ۾ تون مارئي، هاڻي ڳائڻ ڇڏ،
سڏي وري سڏ، جاڳاءِ ساريءَ جُوءِ کي!

سِينڍ ۾ ڳاءِ نه مارئي، سِڌي ڳالهه تون سَل،
لاکيڻا! سِک لَل، پنهنجن کي پرچائڻ جو.

سِينڍن ۾ ڪا مارئي، وڄاءِ نه تون وِڻواند،
وڏي ڪر ويڙهاند، ويريءَ ساڻ وجودَ جي.

سِينڍ ۾ ڳائڻ مارئي، نڪو لاءُ نه ڪو ساء،
سڌو هاڻي ڳاءِ، آزاديءَ جي گيتَ کي.

سِڌي راند سو نٽي جي، سِڌي ڪر تون ڳالهه،
جيئن ڀِٽائِي ڪالهه، سمجهائي ويو سنڌ کي.

سِڌِي راند سونٽي جي، اگر مگر تون ڇڏ!
سڏي ساٿي گڏ، وڏاندري ڪنهن ويڙهه لئه.

سِينڍ ۾ ڀورا مارئي، ڇو و يٺو ڳائين؟
پيو ڇو پرچائين، رڳو پنهنجي روحَ کي.

سِڌي راند سونٽي جي، هڻ نه اجائي جَک،
مرهم نه ڪو مَک، وڍيل پنهنجي وَڍ تي.

سِڌي راند سونٽي جي، سِڌو ڏيج شعور،
مَهلائِتو ’مشڪور‘، قرض لاهج ٿڃُ جو.
*

[b]وائي[/b]

سڏ ۾ سڏ ملاءِ، ڳاءِ وري تون ڳاءِ، او چارڻ!
ڳاءِ وري تون ڳاءِ! ڀيرو سُر هن ڀونءِ تي،

اسر ويلي سُرندو سوري، سُتن ننڊ ڦٽاءِ، او چارڻ!
ڳاءِ وري تون ڳاءِ! ڀيرو سر هن ڀونءِ تي.

ننڊ ۾ جيڪو ڏيهه سُتل آ جاڳي سو جاڳاءِ، او چارڻِ !
ڳاءِ وري تون ڳاءِ! ڀيرو سُر هن ڀونءِ تي.

نِرڄي جيڪا نُک پيتئي، سا ئي ٿڃ ملهاءِ، او چارڻ!
ڳاءِ وري تون ڳاءِ! ڀيرو سُر هن ڀونءِ تي،

پنڌ ۾ ساهي مور نه کڻبي، هل ڪري مينهن واءُ، او چارڻ!
ڳاءِ وري تون ڳاءِ! ڀيرو سُر هن ڀونءِ تي،

مشڪور پنهنجي گيتن ۾ ڀر، سنڌوءَ جي ساڃاه، او چارڻ!
ڳاءِ وري تون ڳاءِ! ڀيرو سُر هن ڀونءِ تي.


[b]وائي[/b]

سنڌوءَ جر ٿو سُڏڪي سُڏڪي،
ڇُلڪي تنهنجي ڪاڻ، او ساٿي!

سنگهرون پائي، ڪيسين رهندين،
هاڻ آزادي آڻ، او ساٿي!

سورهيه سر گهوريندا آهن.
سوريءَ ڏي تون تاڻ، او ساٿي!

گهڙو ڀڄي پيو، ڏَم پيو مُرڪي،
سهڻي سيرن ساڻ، او ساٿي!

ڳڀرن رت مان، باکون ڦُٽنديون،
ڳاڙهو سج ڳاڙهاڻ، او ساٿي!

مور اڃايل، ڪويل ٻولي،
ڄيري جي لهه ڄاڻ، او ساٿي!

مشڪور! اڄ جو راڻو بڻجي،
مومل پنهنجي ماڻ، او ساٿي!

[b]گيت[/b]

سچائي جو نئون سج، اُڀارڻ ٿا چاهيون،
اسان ميرِ من جي، اُجارڻ ٿا چاهيون.

گُلن جي چپن تي ڪي مرڪون پکيڙي،
سچي ڪا سندرتا، سنوارڻ ٿا چاهيون.

غلاميءَ سان ٺهبو، ڪڏهن ڪين پيارا!
۽ ضميرُ پنهنجو، نه مارڻ ٿا چاهيون.

کڻي جام مئخان جو آءُ ساقي!
جڏو جيءُ پنهنجو، جيارڻ ٿا چاهيون!

اسان جون ته راهون، ڪو روڪي نه سگهندو.
اجهاڳن مان ٻيڙا، اُڪارڻ ٿا چاهيون.

آ مشڪور! سنڌ جو، سدا نانءُ اوچو،
عشاقيءَ جي اَمرت پيارڻ ٿا چاهيون.


[b]ڪافي[/b]

ٿلهه: سڄڻ جي جدائيءَ، پيٺو جنڊ وانگي.
تڏهن ڀي مٺو ٿو لڳي کنڊ وانگي.

جيئڻ جو آ مقصد رڳو سونهن پوڄا،
انهي ريءَ حياتي، آهي ڏنڊ وانگي.

اميدن جي ٻيڙي، ڪناري پڄي شل!
سدائين اکيون هي ڪينجهر ڍنڍ وانگي،

هُجن يار جذبا، ڪارونجهر کان اوچا،
پرينءَ جون نگاهون آهن رَنڊ وانگي.

حسن، عشق جون ٿا، اُهي ڪن گلائون،
رقيبن جون سوچون سُڪل سَنڍ وانگي.

سنڌوءَ جيئن مشڪور جي سوچ آهي،
ڇڏيون سِڪ ورهائي، اچو وَنڊ وانگي.


[b]ڪافي[/b]

ٿلهه: سڄڻ! اچ ملون، آ بهارن جي موسم،
ڀلا ڇو ڪرين پيو، ڪنارن جي موسم!

ڪڪر ڀاڪي پاتي، اُڃايل ڀٽن کي،
چپن کي چمي پئي، ملهارن جي موسم.

نه موکي مُنڊيون ڏي ، مٽن کي تون هاڻي،
اچي پئي اچي پئي، متارن جي موسم!

رقيبئو! نه هاڻي وجهي ڪي به سگهندئو،
اکين ۾ ڪٽر، نه ڪٽارن جي موسم.

خزان کي شڪستون ڏئي باغبانو!
نوان گل پوکيو، آ خارن جي موسم.

او مشڪور! دردن جو ٿي پئي بلو ڪو،
دکي دل گهري پئي سهارن جي موسم.

[b]ڪافي[/b]

[b]ٿلهه[/b]: سچ جي سونهن سلامت رکبي، تار ۽ تانگهو ترڻو آ،
ڏاڍ جا ڏونگر ڏاري وڃبا، زخم غلاميءَ ڀرڻو آ.

زهر کي زم زم سمجهون ٿا، هانوَ نه هاري وهبو هاڻ،
جوت جلائي نيٺ ته ڇڏبي، ائين نه هاڻي مرڻو آ.

اَڀيچند جي ناز ادا مان، سرمد لازم سرجن ٿا،
عشق اڙانگو پٿر دل مان، جهرڻو بنجي وهڻو آ.

محل ۾ ويهي انڌن وانگر، ڪکن ۾ٿو اڇلي تيلي.
پاڳل شايد ڪونه ٿو سمجهي، ’ڏنءُ‘• ٻوڙن مان ٻرڻو آ!

مايوسي ڀي ڪفر وڏو آ، ماڳ ملي ٿو ڏورڻ سان،
همت سان تقديرون ڦرنديون ، وقت جو وارو ورڻو آ.

حسن جي ڀاري برکا ۾، اي عشق سلامت شال رهين!
هن مشڪور جو ويلو سائين! سونهن سواءِ نه سَرڻو آ.

•ڏنءَ: باهه

[b]ڪافي [/b]

سازچارڻ ڇيڙ تون ڪو، گيت نئون اڄ ڳائجي،
رُوح کي ريجهائجي، ۽ پيارَ کي پرچائجي.

گُهگهه ٻوسٽَ گُهٽَ ۾ اڄ رُتِ سانوڻ ٿي کپي،
ڇيڙ تون اڄ ميگهه سُر کي، گل نه ڪو مُرجهائجي.

هير ٿڌڙيءَ سان سنيها موڪلي ڪي پيار جا.
سُر ڪو راڻو ڳائجي، دل يار جي تڙپائجي!

عشق جو ٻيڙو سدائين سِير ۾ لڙهندو وتي،
ڪوڏ مان ’ڪاموڏ‘ ڳائي سونهن کي سرچائجي.

ڪارڪڻڇي رات جو آ ياد ڇيڙي يارَ جي،
مالڪوس ۽ ڀيرويءَ سان، بِرههُ ڪجهه بهلائجي.

ڏاڍ، ڏنجهه، ڏهڪاءَ ۾ ويو برف ٿي آ ماڻهپو،
ساڻ ديپڪ ديپ ٻاري، عشق کي گرمائجي.

جهوڪ ڏي جلدي هلون، ٿو عشق چئي مشڪور کي.
راڳ جي ساگرمنجهان، نِرواڻ نئين ڪا پائجي.

[b]ڪافي[/b]

[b]ٿلهه[/b]: سنڌ امڙ جا سانگي آهيون، جهانگي جهوپن وارا ڙي!
ماڳ ملهائڻ نڪتا آهيون، جيئي سنڌ جا نعرا ڙي!

ٽوپي اجرڪ شان اسان جو، جوڌو هرڪو جوانُ اسان جو،
مانجهي هر مستان اسان جو، ماڻهو موتين-ڌارا ڙي!.

ساڳ مريڙو، مُرٽ، مانڌاڻا، پڪا، پُسيون، لُلر، لاڻا،
ريڀڙ، ميها چڀڙ، هنداڻا، کاڄ نه ڀانيون کارا ڙي!

سرهو سنڌو ديس اسان جو، گربي، کاڌي، کيسُ اسان جو،
وڻندڙ وهوا ويسُ اسان جو، پيڙهين کان هون پيارا ڙي!

ڪانئر جيڪو اسان ڏي ڪاهي، تنهن جا ڇڏيون ليکا لاهي،
وڙهون ويرين سان ٻولائي، دودي هوشوءَ پارا ڙي!

شينهَن جو، شهزورن جو، سنڌ ملڪ سڄو منصورن جو،
مانجهي مردن مورن جو، موذين لئه هون مارا ڙي!

گيت آزاديءَ جا ٿا ڳايون، چارڻ جيان سنگيت وڄايون،
مشڪور ٿي ٿا ريت نڀايون، بستيءَ جا بڻجارا ڙي!


[b]ڪافي[/b]

[b]ٿلهه[/b]: سنڌو پنهنجو ماضي، سنڀاريو پئي سڏڪي،
ڏکيو ڏيل پنهنجو، ڏيکاريو پئي سڏڪي.

اصل کان آ هن جو نماڻن سان ناتو،
ننگا ٻار ، ناريون، نهاريو پئي سڏڪي.

کڻڻ ٽانڊو آيا، بڻي بورچي ويا،
۽ بکيا اگهاڙا، اُساريو پئي سڏڪي.

لُڪن ۾ لوساٽيل، ڏِسي لڱ ٻچن جا،
ويڙهيچا ويڳاڻا، ويچاريو پئي سڏڪي.

ڌوتا ڌاريا آيا، ڌراوت لُٽي ويا،
هي پنهنوار پالها پچاريو پئي سڏڪي.

نه ’مشڪور‘ رهندي، سُڪل ٺوٺ ڌرتي،
’جيئي سنڌ‘ جا نعرا، جياريو پئي سڏڪي.

[b]ڪافي[/b]

[b]ٿلهه[/b]: سنڌوءَ کي ٿا ڪريون سلام،
مستو مستو مست مدام!

ساڳ، مريڙو کاڄُ اسان جو،
ڪين وڻن ٿا گولپ طعام.

ڏُڌ، ڏَهي ڄڻ گنگا جل آ،
ڪين وڻن ٿا شربت جام.

وائي شاهه جي يڪتاري تي،
ڪين وڻن ٿا ٻيا ڪلام.

پتنگ آهيون مچ محبت جا،
حق جي پاسي، حب جي هام.

نعرا هڻندي ’انالحق‘ جا،
ماڻيون ٿا منصوري مام.

مشڪور! ’جيئي سنڌ‘ جا نعرا،
لوڀين جي ٿيا منهن تي لغام.

[b]ڀڄن[/b]

سنڌ امڙ جا سانگي آهيون، پنهنجو نينهن نڀائڻ ڄاڻون،

طوفانن مان ترها تاريون، اونداهين ۾ ڏيئا ٻاريون،
سچ جي جوت جلائڻ ڄاڻون!

مذهب وچ ۾ خالي جهيڙو، هل هنگامو سڄو بکيڙو،
تِلڪ سنڌوءَ جو لائڻ ڄاڻون!

جڏهين سنڌڙيءَ سڏُ ڪيو آ ، سورهين کان ڪو سِر گهريو آ،
پنهنجا سر ڪٽائڻ ڄاڻون!

جڏهن به ڌاريا ڪاهي آيا ، سرويچن ميدانَ ملهايا،
جيجل سنڌ بچائڻ ڄاڻون!

سنڌي سڀيئي سورهيه دلير، مشڪور! مانجهي مرد مٿير،
پنهنجا ماڳ ملهائڻ ڄاڻون!


[b]مرشد کي سڏ (نظم)
[/b]
ساڻيهه ڪر سنڀال ڀٽائي،
ڀونءِ مٿي ڪر ڀال ڀٽائي!
شاهوڪاري بنگلن تي مان ڇيرين جا ڇمڪار ٻڌان ٿو،
عورت جي عصمت جا سودا، نوٽن جا وهنوار ڏسان ٿو،
لوئيارين جي لڄ تي گهيرا، طبلن جا ٻڌ تال ڀٽائي!

انائن جي تيز بٺين ۾، ڪومل ڪومل جذبا ٽَڙڪن،
سنگينن جي پهري ۾ ٿيون، ڪيڏيون پياريون دليون ڌڙڪن،
ڀونءِ مٿي پيا ڀنڀٽ ڀڙڪن، جوءِ مٿي جنجال ڀٽائي!

من ماڻهو ۾ کوريون کامن، پيڙا جا ڏس پُور ڀٽائي،
ڪاڙهن ۾ ڏس روز ڪڙهن پيا، و يڳاڻا وهلور ڀٽائي،
هاڻن جي هوڙهيائي ۾ ڏس، هيڻا ٿيا اڄ حال ڀٽائي!

کاهڙ سارو کامي پيو ڏس! کاڻا خواب ۽ خيال ڀٽائي!
تنبوري کي تڻڪ وري ڏي، ڇورا ڏين ڪو ڇال ڀٽائي!
تنهنجي سڏ تي جاڳن سڀ، او، لاکيڻا لڄپال ڀٽائي!
ساڻيهه ڪر سنڀال ڀٽائي،
ڀونءِ مٿي ڪر ڀال ڀٽائي!

[b]گيت [/b]

سچ ۾ آهي مچ او سائين!
سچ تي پنهنجو سرڙو گهوريم ، پنهنجو ڪيتو پاڻ ئي لوڙيم،
لوڪ سڄو ٿو مون تي جلي، دشمن جي ڀي دل ٿي کلي.
سچ ۾ آهي مچ او سائين!

جڏهن ٿيس مان شاعر سنڌ جو، ڪين ٿيس مان ڪانئر سنڌ جو،
دنيا چئي ٿي هي آ غدار، هن کي چاڙهيو جلد ي دار.
سچ ۾ آهي مچ او سائين!

جڏهن ڏوٿين جا ڏنجهه لکيم، ويرين جا سڀ ونجهه ڪٽيم،
لوڪ چوي ٿو باغي آهي، منصور ڏ سو هي ساڳي آهي.
سچ ۾ آهي مچ او سائين!

جڏ غاصب کي للڪار ڪيم، ۽ پنهنجن کي پوڪار ڪيم،
دنيا چئي هي آهي منڪر، ڪري نه ٿو ڪو شڪر صبر.
سچ ۾ آهي مچ او سائين!

مشڪور ٿي مون ما م مچائي، حق گهرڻ جي هام هُلائي،
دنيا چئي هي آهي ويڙهو، هن جي مٿي تان لاهيو ڦيڙهو.
سچ ۾ آهي مچ او سائين!