دُعا
رام ۽ رحمان، معنيٰ ٻنهي جي هيڪڙي.
’الف حمزو‘ جيئن، ڀري کُڻ الف جو،
شال آئون تيئن، پيار نڀايان سنڌ سان.
الله! تون جيڏو وڏو، تيڏو ڪرم ڪر،
ٻيو ناهي ٻَر، مالڪ مون مسڪين جو.
الفت، عزت، شهرت، همت ۽ صحت،
جيڏي تو قدرت، تيڏي توکان ٿو گهُران.
الله مون عزت ڏي، جيڏو تنهنجو نانءُ،
تون ڇپر، تون ڇانءَ، اجهو تون ئي آسرو.
اگهائي عاجز ڪيو، سَگهو ڪر سبحان،
رحيم تون، رحمان، ٻُڪي ڏي ڪا ٻاجهه جي.
اگهائيءَ عاجز ڪيو، تون ئي منهنجو ويڄ،
پيارج ڪا پيڄ، سگهائيءَ ۽ صحت جي.
اگهائيءَ عاجز ڪيو، شافي! ڏي شفا،
دلبر ڏي دوا، سگهائي ۽ صحتَ جي.
الا! سنڌ جيئي، موٽي اچي مهڪَ،
ٻُڌان ڀوڳ ٽهڪ، اڱڻن ۽ اوطاقن تي.
الا! سنڌ جيئي، جيئي سڀ جهان،
ماڻهپو ٿئي مهان، گونجن گيت امن جا.
*