شخصيتون ۽ خاڪا

سون سريکيون عورتون

تحقيقي مضمونن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو صحافي عثمان راهوڪڙو آهي.”سون سريکيون عورتون“ سنڌ جي کاهوڙي ليکڪ ۽ محقق عثمان راهوڪڙي جو ڏاڍو اهم ۽ ڪارائتو ڪتاب آهي. جنهن ۾ هن ٿر، لاڙ ۽ وچولي جي سدا حيات عورتن جي ڪردار کي دل سان اجاگر ڪيو آهي. هُن هڪڙي نئين تاريخ هن ڪتاب ذريعي قلمبند ڪئي آهي.
Title Cover of book سون سريکيون عورتون

مهاڳ : سنڌ جي عورت جي دردن جي اڻ لکيل تاريخ

سنڌ جي عورت ئي سنڌ جي اها سگهه آهي، جنهن سان سنڌ جي سموري سونهن ۽ سڃاڻپ وابسته آهي.پر ان سگهه کي اڃا سنڌ واسين سڃاتو ناهي. ان جي پنهنجي دردناڪ سماجي صورتحال تي جنهن گهري سنجيدگي ۽ سچائي سان ويچارڻ ۽ ان جي اهميت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، بدقسمتي سان اڃا تائين ان طرف ڌيان ئي نه ڏنو ويو آهي، جيڪا گهڻي ڏکوئيندڙ صورتحال آهي. هونئن ته اڄڪلهه جي ميڊيائي دور ۾ چينلن، اخبارن ۽ ادارن اندر عورت بظاهر ڇانيل نظر اچي ٿي، پر ان جو سڀ کان وڏو سبب دنيا جي ميديا توڙي بين القوامي امدادي ادارن پاران جينڊر بئلينس وارو سلوگن آهي، نه ڪي وري ڪو سنڌ جي عورت ڏانهن سماج جا رويا بدلجڻ ان جو ڪارڻ آهي. سنڌ جي عورت اڄ به ڪاريءَ واري ڪهاڙيءَ جي پاڇي هيٺ ساهه کڻي رهي آهي. ان جي باوجود بظاهر ئي سهي سنڌ ۾ عورت جي مختلف فورمز تي اڳيان نظر اچڻ پونيان خود عورت جي جدوجهد ۽ ان پاران ان لاءِ چٽيون ۽ ڏنڊ ادا ڪرڻ کي نظرانداز ڪرڻ نا انصافي ٿيندي. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هاڻي سنڌ جي عورت کي پنهنجي وجود جو شدت سان احساس ٿيو آهي ته هوءَ هڪ جيئرو جاڳندو وجود آهي، جيڪا ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ، زال ۽ محبوبه کان سواءِ پاڻ به وجود رکي ٿي، جنهن جون ضرورتون ۽ خواهشون آهن، هو جيڪا هميشه سراپا فرض ئي فرض رهندي آئي آهي، ان جا پنهنجا به ڪي الڳ انساني حيثيت ۾ توڙي عورت هجڻ ناتي ڪجهه حق آهن. اهو احساس ئي جڏهن کان سندس اندر جاڳيو آهي، تڏهن کان وٺي هن جو مزاحمتي آوازسگهارو ٿيڻ شروع ٿيو آهي. ٿوري تعداد ۾ ئي سهي، پر هن مختلف ادارن ۽ فورمن تان توڙي اڪيلي سر پاڻ تي ٿيندڙ سماجي جبر ۽ ڏاڍ خلاف پنهنجي وس آهر ته ڪڏهن وس کان به وڌيڪ پاڻ پتوڙيو آهي ۽ ان جون ڳريون قيمتون پڻ ادا ڪيون آهن. هن ڪڏهن قديم دور ۾ سسئي بنجي جبل جهاڳيا آهن، مارئي بنجي حاڪم جي جبر کي للڪاريو آهي، سهڻي بنجي حق حاصل ڪرڻ لاءِ درياه پار ڪندي سازشن جو شڪار ٿي ٻوڙي ويئي آهي، ته ڪڏهن ليلا، سورٺ، نوريءَ ۽ مومل بنجي ڏاگهه چڙهي پنهنجي پريت جي ريت نڀائي آهي. جديد دور ۾ جيجي زرينه بلوچ ۽ اختر بلوچ بنجي قوم تي ٿيندڙ جبر خلاف وڙهندي قيد ڪاٽيا ۽ سزائون سٺيون آهن، هن پنهنجي مرد کي ڪڏهن ڪنهن ويڙه ۾ اڪيلو نه ڇڏيو آهي. هميشه هر حال ۾ هن ساٿ نڀايو آهي، پر مرداڻي سماج ۾ سندس ان وجود جي ويڙهه جي تاريخ کي مورخ لکڻ کان نابري واريندي سندس وجود کي تسليم ڪرڻ کان اڳي جيان انڪاري رهندو آيو آهي. هن ڪتاب جو مصنف ان تاريخدان جي تعصب بابت هن ريت رقمطراز آهي ته،”انگريزن جي سڌارن ۽ قيام پاڪستان کان پوءِ پڪن رستن ۽ درياءَ تي اڏيل بئراجن سميت هاڪڙي ۽ سنڌو درياءَ جي ڇاڙهن ۽ ڍورن جا نشان باقي رهجي ويا آهن پر انهن پتڻن ۽ پاتڻين ۽ مٿي ڏيکاريل پتڻن تي قافلا ٽڪائيندڙ ۽ پنهنجي دور ۾ انوکا ڪردار ادا ڪندڙ انهن عظيم عورتن جي عظيم ڪردارن بابت ثناخواهن تاريخ نويسن هڪ لفظ به نه لکيو آهي. مون جڏهن آمريڪا جي انتهائي مالدار ۽ ڪنجوس عورت هيٽي گرين جو نالو ڪنجوس پائي سبب گنيز بڪ آف ورلڊ ۾ شامل هئڻ بابت پڙهيو تڏهن منهنجي پيرن هٿان زمين نڪرندي محسوس ڪيم، ته مائي سهند اڍيجو ۽ ٻين عظمتن جا ڪوٽ اڏيندڙ عظيم عورتن جي ڪردارن بابت اسان جي ديسي تاريخدانن هڪ به اکر سندن عظمتن جي حوالي سان تحرير نه ڪيو آهي پر اڄ به انهن جي چڱاين جون ڳالهيون راڄن جي ماڻهن زبانن تي ڪنهن ڪنڀارڪي دلي تي چٽن جيان چٽيل آهن. “عورت غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي، جتي غلام جي حيثيت ۾ نه سندس چڱايون ليکيون وينديون آهن، نه ئي کيس ڪنهن غلطي ڪرڻ جو ڪو حق آهي، ڇو ته سندس انسان هجڻ واري حيثيت هزارين ورهين کان وٺي هن جديد انساني آزادين واري دور ۾ به تسليم نه ڪئي ويئي آهي. ها! البت جتي عورت کي هن مرداڻي حاڪميت واري سماج پنهنجي فائدي لاءِ ضروري ڄاتو، اتي کيس پنهنجي مٿڀرائي ثابت ڪرڻ لاءِ بلڪل ايئن استعمال ڪيو آهي، جيئن حاڪم محڪومن کي استعمال ڪري پوءِ ڦٽي ڪري ڇڏيندا آهن. ان جو هڪ مثال سنڌ جون سياسي پارٽيون آهن، جن وٽ عورتن جون ونگز قائم ٿيل آهن، پر اهي محض پارٽي اليڪشن ۾ سندن ووٽن کي استعمال ڪرڻ لاءِ ۽ جلسن جلوسن ۾ ميڊيا کي اهو ڏيکارڻ لاءِ ته عورتون به ساڻن گڏ آهن، باقي اڄ سوڌو سنڌ ۾ عورتن تي ڪير ڪيترو به ظلم ۽ ڏاڍ ڪري، ان تي انهن پارٽين ۽ اڳواڻن جا چپ سبيل هوندا آهن. نه ڪڏهن اهي ان ظلم جي مذمت ڪندا آهن ۽ نه ئي وري سندن پارٽين ۾ عورتن جي مسئلن بابت ڪا ايجنڊا هوندي آهي. جڏهن اهڙن روين کي ڏسندي ڪجهه سڄاڻ عورتون اڳيان اچي عورتن جي مسئلن تي الڳ سان ڪا جدوجهد ڪنديون آهن ته، انهن کي به مرد دشمن چئي ننديو ويندو آهي ۽ ڪئين الزام لڳائي، انهن جي جدوجهد کي بي اثر بنائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ان منافقاڻي روش کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟ ڇا ان مان ڪنهن به طرح اهو ثابت ٿئي ٿو ته اسان هن ماڊرن ايج ۾ پنهنجي سوچ ۽ عمل کي تبديل ڪري نئين ۽ تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ داخل ٿيا آهيون؟ جتي آمريڪا جهڙي سپر پاور جي صدارتي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندڙ ڊونالڊ ٽرمپ جي عورت مخالف روين خلاف سمورو آمريڪا اٿي بيهي ٿو، اتي اسان وٽ اڄ سوشل ميڊيا جهڙي فورم کي عورتن کي گار گند ڪرڻ لاءِ سموري نام نهاد سول سوسائٽي ۽ جيالا توڙي گوريلا خريد ڪري ڇوٽ ڇڏيا وڃن ٿا ته سڀني جي وات ۾ مڱ پئجي ٿا وڃن ۽ اخلاقيات جا درس ڏيندڙ دانشور انهن سان گڏجي بيهن ٿا. اگر سنڌ هن دور ۾ به ايترا عورت دشمن رويا پنهنجي وجود ۾ سنڀالي ٿي ته پوءِ اسان وٽ ڪهڙي سماجي تبديلي آئي آهي؟ بلڪه هن جديد دور ۾ مون کي چوڻ ڏيو ته سنڌي سماج ڦيٿو پوئتي ڦرندي محسوس ٿئي ٿو. اسان ته اڄ به ان درٻاري انتهاپسند سان گڏ بيٺا آهيون، جيڪو ڇوڪرين جي اسڪولن کي مسمار ڪرڻ ۽ عورت کي سنگسار ڪرڻ جون فتوائون صادر ڪري ٿو ۽ عورت جي حڪمراني کي حرام سمجهي ٿو. ان سموري صورحال ۾ ٿورو دل تي هٿ رکي سوچيو ته اڄ عورت جي وجود جي بقا جي ويڙهه ڪيتري سنگين کان سنگين تر ۽ خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي ۽ ان ۾ عورت کي پنهنجي مرد جي ساٿ جي ڪيتري ضرورت آهي. پرڪيڏي نه ستم ظريفي آهي ته اهو ترقي پسند انساني توڙي عورتن جي حقن جا نعرا هڻندڙ دانشور هر اهڙي موقعي تي عورت کي هميشه هيڪلو ڇڏي ڏئي ٿو ۽ ان تي ٿيندڙ سنگباري ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. چون ٿا ته منصور حلاج تي سنگباري ٿي رهي هئي پر هو خاموش هو، پر جڏهن سندس دوست شبلي هڪ گل هٿ ۾ کڻي کيس هنيو هو ته منصور کان رڙ نڪري ويئي هئي. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته تون پٿر لڳڻ مهل خاموش هئين ۽ شبلي گل هنيو ته تو رڙ ڇو ڪئي؟ ته هن وراڻيو هو ته لوڪ جي پٿر هڻڻ جي مون کي ان ڪري تڪليف نه ٿي جو اهي غير هئا، پر شبلي منهنجو دوست هو، ان ڪري سندس گل هڻڻ سان به مون کي تڪليف رسي ۽ مون کان رڙ نڪري وئي. بلڪل ساڳي طرح مرد ۽ عورت هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن. هڪ وجود جا ٻه حصا آهن، انهن کي پنهنجي توانائي هڪٻئي خلاف نه پر هڪٻئي جي حمايت ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي، ته جيئن حق ۽ انصاف تي مبني انساني برابري واري خواب جي ساڀيان ممڪن بنجي سگهجي.
هي ڪتاب”سون سريکيون عورتون” عورت کي سنڌي ادب ۾ مڃتا ڏيڻ جي هڪ اها ڪوشش آهي، جيڪا گهڻو دير سان ئي سهي پر هڪ قسم جي تلافي جي شروعات پڻ آهي، ان زيادتي جي، جنهن تحت عورت جي هر بهترين صلاحيت ۽ ان جي اظهار کي ڊي گريڊ ڪيو ويندو رهيو آهي. توڙي جو اها ڪنهن هڪ فرد جي پاران نه پر پوري سماج پاران ٿيندڙ غلطي يا زيادتي آهي، پر ان کي اگر ڪو هڪ فرد به پنهنجي طرفان درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اها بهترين شروعات آهي. اهو هڪ جرئتمنداڻو قدم آهي، جيڪو اسان جي ڀاءُ سينيئر صحافي ۽ بهترين ليکڪ عثمان راهوڪڙو صاحب جي حصي ۾ آيو آهي. آئون کيس ان سهڻي ڪم تي سلام پيش ڪريان ٿي.
هن ڪتاب ۾ قديم دور جي سنڌي سورمين کان وٺي ڪري هن جديد دور جي سجاڳ، باعمل عورت ڪردارن تي به مختصر روشني وڌي ويئي آهي. جنهن ۾ اهي سڀ سنڌ جون سڄاڻ ۽ سجاڳ باعمل مثالي عورتون شامل آهن، جن پنهنجي سونهن، سچ ۽ ڏات وسيلي سنڌ کي هڪ خوبصورت سڃاڻپ بخشي آهي، جن جي آئون بذات خود معترف هجڻ سان گڏ پرستار به آهيان، انهن کان مون گهڻو سکيو آهي. جن ۾ مانائتي سانئڻ نورالهدي شاهه صاحبه کي پڙهي سنڌي سماج ۾ عورت جي حيثيت ۽ درد کي محسوس ڪرڻ ۽ ان کي جرئت سان اظهارڻ جي بغاوت جو علم اوچو ٿيو. ايئن ئي جيجي زرينه بلوچ، عابده پروين، جيوڻي ٻائي، شازيه خشڪ، مائي ڌائي، نوربانو، مائي ڀاڳي ۽ مائي الله وسائي جهڙين املهه ماڻڪ ڪلاڪار عورتن بابت سندن مختصر سوانحي خاڪا لکي سندن سونهن پرور ڪردارن کي تازو ڪيو آهي، اتي ليکڪ سنڌ جي معتبر نالي وارين ليکڪائن ۽ شاعرائن کي مرکان شيخڻ کان وٺي مريم مجيدي، خيرالنساءَ جعفري، ڪلا پرڪاش، سحر امداد، سلطانه وقاصي، روبينه ابڙو، نجمه پهنور، گلبدن جاويد ۽ ثمينه ميمڻ کي به هڪ خراج تحسين پيش ڪيو آهي، جن پنهنجي ڪلا ۽ قلم وسيلي پنهنجي سماج اندر متعين ڪيل محدود ڪردار کي تسليم نه ڪندي انهن حدن کي چئلينج ڪيو ۽ پنهنجي ڏات ۽ قلم جا ڏيئا ٻاري بغاوت جو علم بلند ڪيو ۽ ان ناانصافي تي معاشري جي ماٺار کي ٽوڙڻ جو فرض ادا ڪيو. آئون پاڻ کي انهن سڀني هستين جي عظمت جي محرابن ۾ سجده ريز محسوس ڪريان ٿي، ڇو ته انهن سڀني اڳواڻ ڪردارن جي پوئين صفن ۾ ڪٿي پاڻ کي بيٺل سمجهان ٿي، جنهنجو سمورو ڪريڊٽ آئون انهن هستين کي ڏيان ٿي. منهنجي خيال ۾ اڃا ڪيترائي ڪردار هن ڪتاب جي صفحن ۾ سمائجڻ کان رهجي ويا آهن، جنهن بابت ادا عثمان راهوڪڙي صاحب يقين ڏياريو آهي ته هن ڪتاب جو ٻيو حصو به اچڻو آهي، جنهن ۾ باقي رهجي ويل ڪردارن کي به شامل ڪيو ويندو. هونئن به هن کان اڳ سندس ٻه ڪتاب اچي چڪا آهن.
راهوڪڙي صاحب هن ڪتاب ۾ جيڪوبيحد تحسين جوڳو ڪم ڪيو آهي، اهو سنڌ جي تاريخي لوڪ ڪردارن، لوڪ قصن ۽ علائقي جي اهم وسري ويل ماڳن بابت شاندار ڄاڻ شامل ڪرڻ آهي، جنهن لاءِ منهنجو خيال آهي ته اهو هڪ الڳ موضوع هجڻ ۽ پنهنجي وسعت سبب هڪ الڳ ڪتاب جو گهرجائو پڻ آهي. ان جي باوجود آئون سچ پچ بيحد ٿورائتي آهيان، راهوڪڙو صاحب جي، جنهن جي علم ۽ قلم سبب مون کي لاڙ، ٿر ۽ پراڻ جي قديم قصن، ڪهاڻين ۽ ماڳن جي ايتري اهم معلومات نصيب ٿي آهي، جن کان پنهنجي ڪم علمي سبب اڻڄاڻ هيس يا انهن بابت پيرائتي ڄاڻ نه هيم. اڃا به منهنجي دل محسوس ڪري ٿي ته اها پراڻ هاڪڙي جي گمشده تاريخ جيڪا اڻلکيل آهي، ان تي نهايت باريڪ بيني سان ڪم ڪرڻ جي بيحد شدت سان ضرورت آهي. راڻي ريٻارڻ، ٻانهياري ڀٽ، سنڌ راڻي جي سونهن نگري ٺري، راڻو چندن ۽ ڀٽياڻي، وهڻائي جو ويران ٿيل قديم ماڳ ۽ ٻيا ڪيترائي قصا معلومات سان ٽمٽار هجڻ سان گڏ ليکڪ جي خوبصورت طاقتور لاڙي لهجي واري سنڌي ٻوليءَ سان هن ڪتاب تي ڄڻ ته ميناڪاري ڪيل لڳن ٿا ۽ سندس ئي لکڻ موجب مون کي سندس لهجي ۽ لکڻيءَ مان سڳداسي چانورن جي خوشبو اچي رهي آهي ۽ سچ پڇو ته مون کي پنهنجي لاڙپٽ سان تعلق رکندڙ ڏاڏي ۽ ان جا اباڻا ياد اچي رهيا آهن، جن وٽ رڳو قرب ئي قرب هو، ٻي ڪا مايا ڪانه هئي. ادا جي ان جرئت تي به آئون بيحد حيران آهيان ته، هن پنهنجي انساني هيڪڙائي جي اسٽينڊرڊ تي عمل پيرا ٿيندي پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي بين القوامي شهرت يافته عورتن ۽ لوڪل سطح تي ناماچاري رکندڙ علائقائي ڪردارن سان انصاف ڪندي، انهن کي ساڳي اهميت ڏيندي هڪ ئي فهرست ۾ رکيو آهي. اها جرئت صرف لاڙ جو ليکڪ عثمان راهوڪڙو ئي ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ ادا اوهان کي منهنجو سلام آهي. هن ڪتاب ۾ ملاحن بابت مضمون ۾ راهوڪڙي صاحب ملاحن جا پاڙا ۽ ذاتيون جيڪي لکيون آهن، سي يقين ڄاڻو ته نه رڳو منهنجي لاءِ پر پڙهندڙن لاءِ پڻ بيحد قيمتي ڄاڻ جو خزانو ۽ راهوڪڙي صاحب جي بهترين محقق هجڻ جو ثبوت آهن. سندس رڳو اهو هڪ ڪم ئي لک لهي. ڪمال ڏسو... ”ملاح، ميد، مير بحر يا مهاڻن جا ڪيترائي پاڙا آهن، انهن ۾ آبڙاڻي، عاقباڻي، بچاڻي، باغاڻي، باجاڻي، بارا، باريجا، بٿرا، ڀاڳل، بورا، ٻڌڙ، ڇيڙ، چالڪا، چاريجا، ڊاڀا، ڊڀاڻي، ڊاميجا، ڏيپراڻي، ڏاڍا، ڏانڊيا، آدماڻي، اٽلاڻي، بڇيرا، باگڙا، ٻلهڙا، بڙڇ، بورا، ٻيلائي، بگرا، بوڌاڻي، بوهيرا، ڇاڳيندو، چن، چوٻٽ، ڊاڀلا، ڏپر، دند، ڏرها، ڏکڻ، ڏهريا، آجايا، عزيزاڻي، باداڻي، بهلم، بلواڻي، بارهرا، ڀٽ، باديلا، ڀولگائي، بودراڻي، ٻرڙا، چاڪي، چانڊاڻي، چونڊ، ڊڀراڻي، ڊاگبا، دندا، ڏيرا، ڌنڌل، ڌوڪي، ڍوليا، دوداڻي، ڏنڀر، گڏڙ، گنجڻ، گيگلاڻي، گهونگهٽ، گدڙ، گوجيرا، هالاڻي، حسنناڻي، جهازئي، جاريڪو، جال جائي، ڪاهيا، ڪان راڻي، ڪاريڄا، ڪاٺير، ڪاڇڙي، خديجا، ڪاڪواڻي، خاق پرا، خاداڻي، کڏائي، ڪونچي، قوم واڻي، ڪونجيرا، لاکاٽي، لارائي، لياراڻي، لودائي، لٽير، ڌنداهي، ڏوڪي، گڊا، گانڀاڻي، گاگھم، گھوگھرا، ڇڄڙا، گھوگھير، غلام، هولائي، آبواڻي، جکراڻي، جسراڻي، جوڻاڻي، ڪنڌرا، ڪان ويرا، ڪاسائي، قراق، ڪاڌا، ڪڪڙا، خال ناڻي، خاراڻي، خمينائي، ڪهريجا، ڪونا، ڪونهگئي، قطريا، لالاڻي، لاڙڪ، لونگائي، لولا، مکڙا، ڏيلاسيا، ڍولا، گڏيجاڻي، گدارا، ڳاڙهيا، گهوٽا، گنگاڻي، گجيرا، گنا، هوت خاناڻي، انعامي، جابير، جوڻيا، ڪانهيرا، ڪارا، قاسم پوٽا، ڪيڪائي، ڪاڌترا، کهڙا، خميرائي، کتري، کوپرا، ڪوچاڙا، ڪوٽائي، ڪونگهٽيا، لاکاڻي، لارا، ليارا، لونٺيارا، لوٿرا، مڪڙا،ملحانان، مندارا، مانجواڻي، ماٽي، ميرگاڻي، موريا، مڇيرا، موڪا، مورگل، ناهيا، پکڙا، پنجابي، پارها، ڦوليا، پوپائي، را، رام نائي، روڌيا، سهتا موهاڻا، ساموٽ، سانگيا، سانجهيجا، ساٿياڻي، سکرا، شيلهياڻي، سيال، سوڀ پوٽڙا، ٽالاڻي، ٽينگا، ٿينگا، ولاهري، ويسراڻي، ظهرا، منارا، منگريا، مرائي، ميري، ميسائي، موريائي، مگرا، مولاڻي، موسوائي، نرائي، پکيار، پنجارا، پاريري، پنيار، ڦودڙا، رباني، ريلاڻي، صفراڻي، سکيرا، سانداڻي، سانگي، سانجهوجا، ساٽي، سيا، سرگول، سوڍر، سپرا، ٽانڊيا، ٿهيم، ٽوپياڻي، وساڻا، وونگرا، اسراڻ، منڇري، مانجهواڻي، متار، ميساوا، مٺاڻي، موٽٽاڻي، مهاڻا، مراپورا، ناهيجا، اوٻاڙا، پالڪيا، پارائي، پارسي، پوپرائي، پوريجا، راکيا، روڌ، شارا، سميجا، سنگراسي، سانجاڻي، ساسيائي، ساکٽيا، شاهپورائي، سيريا، سونڙا، طاهراڻي، ٽانرا، ٿاهي موري، ٽويا، ويلاسا، ظاهارا، مورڙا شامل آهن.“ آخر ۾ آئون ادا عثمان راهوڪڙي جي هن ڪتاب ۾ شامل ”روپا جي ڪهاڻي“ مان هڪ ٽڪرو شامل ڪندي اوهان پڙهندڙن کان هٿ ٻڌي اهو چئي اجازت چاهينديس ته هن ليکڪ جي محنت ۽ سچائي کي ضرور مان ڏيو، ڇو ته هي سنڌ جي سچن تاريخدانن منجهان هڪ آهي، جيڪي درٻاري ڪلچر کان دور آهن. هن ٻنهي اکين سان جيڪو ڏٺو ۽ محسوس ڪيو، اهوئي ايمانداري سان لکيو آهي.” تاريخ لکي ٿي ته دودي سومري جي شهادت کان اڳ ان جنگ ۾ سنڌ جو ٻچو ٻچو ڌارين سان وڙهيو هو، ۽ پوءِ ريٻاري قبيلي جي عورتن، ٻارن ۽ مردن صدين تائين دودي جي شهادت جي ڏک ۾ پنهنجي شادين ۾ به ڪارا ويس پاتا، جن کي اها سوڳ ولي ڀائي سومري 70 واري ڏهاڪي ۾ ٽنڊي باگي اچي سنڌ جي ريٻارين جو ڪٺ ڪٺو ڪري، ڪارا ويس ۽ سوڳ ختم ڪرايو، پر ان ڪٺ ۾ ننگر پارڪر جا ريٻاري شريڪ نه ٿيا ۽ انهن اڄ به سوڳ ختم نه ڪئي آهي. ريٻارين جيان دودي جي شهادت کان پوءِ سومرين به سوڳ سبب پنهنجي نڪ ۾ وري بولا نه پاتا آهن. روپا ماڙي واري بستي اڄ به ساڙيل نظر اچي ٿي. تازو شرپسندن سنڌ جي هن قديم آثار روپا ماڙي جي آثار کي نامعلوم شرپسندن مسمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان حرڪت تي سومرا اتحاد پاڪستان جا اڳواڻ سراپا احتجاج بنجي ويا آهن، پر آرڪيالاجي کاتو ننڊ مان اڃان به سجاڳ نه ٿيو آهي. روپا ماڙي ۾ دودو سومرو جي مزار سامهون هڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي تپو چور هڏي تعلقو بدين ۾ چنيسر جي قبر به موجود آهي.“ (اهو چنيسر، جنهن رڳو ماءُ کان پڇڻ جو ڏوهه ڪيو هو.) بيشڪ تاريخ کي ٻئي اکيون کولي لکڻ جي ضرورت آهي.


گلشن لغاري
اسلام آباد
4 مارچ 2017