شهناز راهو
شهيد محمد فاضل راهو جو “سنڌ عوامي تحريڪ” ۾ مکيه ڪردار رهيو. عوامي تحريڪ اها تنظيم آهي. جنهن سنڌ جي عورتن کي سياست ۾ ڀرپور نموني سان حصو وٺڻ جي ترغيب ڏني. 1977ع کان عورتن جي مضبوط سياسي تنظيم ٺاهڻ لاءِ تنظيمي ڪم جي شروعات ڪئي ويئي. جنهن ۾ شهناز راهو جو مرڪزي ڪردار رهيو. شهناز راهو انهي قومي ۽ تاريخي ڪم لاءِ سڄي سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جا دورا ڪيا. ۽ سنڌ جي عورتن ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪئي.
جنرل ضياءُ جي بربريت واري دور ۾ سياسي جڳاڙي شخصيتون سياست کان پاسيرو ٿي، ڇپر (انڊر گرائونڊ) ٿي ويو، يا جنرل ضيا جون همنوا ٿي ويون. اهڙي المناڪ دور ۾ 1979ع ۾ محمد فاضل راهو ضيا شاهي جي خلاف راهوڪي ۾ وڏو اجتماع گڏ ڪري تاريخي جلسو ڪيو. جنهن ۾ سنڌي عورتن جو تعداد هزارن ۾ هو. اها سڄي ڪوشش، ڪاوش، جدوجهد شهناز راهو ۽ ساڻس گڏ سندن ساٿي عورت ڪارڪنن جي هئي. جنهن جي پاداش ۾ ٻئي ڏينهن اهلڪارن راهوڪي ڳوٺ تي ڪڙو چاڙهي، چادر ۽ چوديواري جي تقدس کي پائمال ڪيو. اهڙي صورتحال ۾ شهناز راهو ۽ سندن ساٿي ڪارڪن عورتن سخت مزاحمت ڪئي. جنهن جو پڙاڏو غيرجانبدار ميڊيا ذريعي پڻ گونجيو هو. جنهن ڪري سڄي دنيا ۾ ضيا شاهي جي انسان دشمني جي پت وائکي ٿي.
1982ع ۾ عوامي تحريڪ جي ذيلي تنظيم سنڌياڻي تحريڪ جو بنياد پيو ته، انهي تحريڪ جي مرڪزي صدر شهناز راهو ٿي ۽ جنرل سيڪريٽري خديجه ڪيڙانو هئي. شهناز راهو پوري سنڌ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي تنظيم سازي ڪري ضلع باڊيون ٺاهيون. سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سنڌياڻي تحريڪ جا يونٽ کوليا. سنڌياڻي تحريڪ کي ڏسي ٻين تنظيمن ۽ سياسي پارٽين پنهنجي پنهنجي ادارن ۾ عورتن لاءِ الڳ ذيلي تنظيمن جي شروعات ڪئي. انهي مان اهو نتيجو اخذ ڪري سگهجي ٿو ته، سنڌ جي عورتن کي سياست ۾ سرگرم ڪرڻ ۾ شهناز راهو جو هڪ تاريخي ڪردار آهي. جنهن منظم نموني عورتن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو.
اها پوري دنيا ۾ مڃيل حقيقت آهي ته، ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو مرڪزي ڪردار رهيو. جيڪڏهن انهي تحريڪ ۾ عورتن جو حصو نه هجي ها ته، پوءِ ايم آرڊي تحريڪ پنهنجو حدف پوري نه ڪري سگهي ها... !!! سنڌياڻي تحريڪ جي انهي تاريخي ڪاميابي پويان شهناز راهو جي رهنمائي، صلاحيت، عقل ۽ شعور وارو جذبو ڪارفرما هو.
ايم آر ڊي واري تحريڪ ۾عوامي تحريڪ جي مرڪزي رهنمائن اهو فيصلو ڪيو ته شهناز راهو پوري تحريڪ ۾ پردي پويان ويهي، سنڌياڻي تحريڪ جي ڪمان سنڀاليندي. هو گرفتار نه ٿيندي ۽ انڊر گرائونڊ ٿي پنهنجي وس آهر منظم طور ضيا شاهي جي خلاف سرگرم عمل رهندي. شهناز راهو لاءِ پارٽي جو اهو فيصلو انتهائي ڏکئي امتحان جيان هو. ضيا شاهي جي وحشتناڪ دور ۾ خابرو ادارا سڄي ملڪ ۾ چپي چپي تي جاسوسي جو ڄار وڇايو ويٺا هئا. اهڙي المناڪ دور ۾ شهناز راهو ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران مسلسل سنڌ جي ڳوٺن شهرن ۾ مصروف عمل رهي. هو گرفتاري کان بچڻ لاءِ ڳوٺاڻين عورتن جو روپ اختيار ڪري، عوامي سوارين ۾ سفر ڪندي هئي. هن ڪافي تڪليفون برداشت ڪيون. ڪڏهن ڪڏهن ته کيس پيرين پنڌ به گهڻو سفر ڪرڻو پوندو هو. سندس ساٿ ۾ چند عمر رسيده، ٻه چار جواڻ جماڻ عورتون ۽ ٻه ٽي ڇوڪريون هونديون هيون. سندن لباس، ڳالهائڻ ٻولهائڻ صفا ٻهراڙي جي سادين سودين عورتن وارو هوندو هو. انهي جو نتيجو اهو نڪتو ته، ايم آر ڊي واري تحريڪ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي تنظيمي عورتن جي وڏي انگ گرفتاريون ڏيئي، ملڪ جي سياسي پندتن کي حيران ڪري ڇڏيو. غيرملڪي خابرو ادارن به پاڪستان جي سياست ۾ انهي حيران ڪن تبديلي تي حيرت انگيز تبصرا ۽ تجزيه ڪيا هئا. سينٽرل جيل ڪراچي ۾ عورتن لاءِ الڳ بيريڪون مخصوص ڪرڻيون پيون. سرڪار اهو اندازو لڳايو ته، عورتن جو لامحدود تعداد گرفتارين لاءِ حڪم جو منتظر آهي. انهي ڪري شهناز راهو کي گرفتار ڪرڻ لاءِ هر قسم جون تدبيرون استمعال ڪيون ويون. ڇاپا لڳا پر حڪمت عملي، انقلابي سوچ ۽ جديد سياسي طريقا اختيار ڪندي شهناز راهو گرفتاري کان محفوظ رهي. ۽ ايم آر ڊي تحريڪ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو.
سنڌياڻي تحريڪ جي پليٽ فارم تان جن عورتن گرفتاري ڏني. انهن مان چند نالا هن ريت آهن غلام فاطمه پليجو، مريم راهو، صاحب زادي ميرجت، شهربانو راهو، شاهده پليجو، نظيران پليجو، حسنه راهو، شريفان پليجو، فاطمه چانگ، ماروي پليجو، ستو لانگاهه، لالٻائي راهو، سکان ڏاهري، ڀاڳڀري راهو، شبانه پليجو، زرينه سمون، سڪينه، ميران، حور سميت ٻين انيڪ عورتن جو هن ملڪ جي تاريخ ۾ سياسي عورت قيدين جو وڏي ۾ وڏو تعداد هو.
ايم آر ڊي جي تحريڪ کان علاوه شهناز راهو جي رهنمائي ۾ حيدرآباد ۾ سياسي قيدين جي نالي سان يوم اسيران وڏي پئماني تي ملهايو ويو. انهي کان علاوه مائي بختاور جو ڏينهن، ضمير جي قيدين جو ڏينهن، ڪالا باغ ڊيم جي خلاف ٿيندڙ سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺڻ، لطيف سائين جا ڏهاڙا ملهائڻ، 1986ع ۾ ايم آرڊي جي ٻي رائونڊ جي ڀرپور تيارين سميت انهن سڀني سرگرمين جي شهناز روح روان رهي.
سيپٽمبر 1986ع ۾ شهناز راهو شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويئي. سندن ور ڊاڪٽر خليل قاضي به جاکوڙي سياسي ڪارڪن، سٺو ليکڪ ۽ شعلي بيان مقرر آهي. انهي ڪري شادي هن جي سياسي سرگرمين ۾ حائل نه رهي. چار مهينا شادي کان پوءِ شهناز راهو جي والد عظيم پورهيت رهنما محمد فاضل راهو 17 جنوري 1987ع ۾ شهيد ڪيو ويو. جنهن سبب سڄي سنڌ سوڳوار بنجي وئي. راهو خاندان سخت متاثر ٿيو. سياست ۾ جمود طاري ٿي ويو. ٿوري وقت ۾ عوامي تحريڪ به وکري وئي. جنهن ڪري جڏهن راهو خاندان عوامي تحريڪ کان پنهنجا رستا الڳ ڪيا ته، شهناز راهو به سنڌياڻي تحريڪ کان جدا ٿي وئي.
شهناز راهو اهڙي تاريڪ دور ۾ به دلشڪسته نه ٿي. هن جنهن سياست جو آغاز ڪيو هو. هو اڃان تائين انهي منزل طرف گامزن آهي. فرصت جي وقت هن جو بهترين مشغلو مطالعو آهي. پڙهڻ سان گڏ هن قلم کان به ڪم وٺڻ شروع ڪيو آهي. عورتن ۾ سياسي بيداري آڻڻ لاءِ هن “ جاڳ ڙي سرتي جاڳ” جي نالي سان پبليڪيشن جاري ڪئي. جنهن جي ايڊيٽر هو پاڻ رهي. ڪافي عرصي تائين اها پبليڪيشن جاري رهي. انهي کان علاوه تحريڪ رسالي، روزانه الک، ڪاوش سميت ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ به شهناز راهو جو مواد ڇپجندو رهندو آهي.
شهناز راهو پنهنجي والد شهيد محمد فاضل راهو طرفان جيل مان کيس لکيل خطن بابت ڪتاب ترتيب ڏنو آهي. جنهن جو مهاڳ عبدالقادر جوڻيجي لکيو آهي. انهي کان علاوه ٻن ڪتابن جا قلمي نسخا به تيار ڪيل اٿس.
شهناز راهو جي رهائش هن وقت ڪراچي ۾ آهي. کيس ٻن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي. هو چوي ٿي ته سياست ۾ عورتن وارو حلقو صفا پويان رهجي ويو آهي.