شخصيتون ۽ خاڪا

سون سريکيون عورتون

تحقيقي مضمونن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو صحافي عثمان راهوڪڙو آهي.”سون سريکيون عورتون“ سنڌ جي کاهوڙي ليکڪ ۽ محقق عثمان راهوڪڙي جو ڏاڍو اهم ۽ ڪارائتو ڪتاب آهي. جنهن ۾ هن ٿر، لاڙ ۽ وچولي جي سدا حيات عورتن جي ڪردار کي دل سان اجاگر ڪيو آهي. هُن هڪڙي نئين تاريخ هن ڪتاب ذريعي قلمبند ڪئي آهي.
Title Cover of book سون سريکيون عورتون

راڻي ٻانهياري

ريٻارڻ راڄ ۾، پهلوان پيدا ٿي، ڀري مٽ مٿي تي، سڌي پار پئي،
چڙهي چوٽي وئي، “مجاهد” مڙي نه موت کان.
واري بيت بابت جيڪا ڪهاڻي آهي. سا ضلعي ٿرپارڪر ايٽ مٺي جي تعلقي ڏيپلو ديهه ڏنگاريو يوسي ٻولهاڙي جي ڳوٺ ڳڀڻ جي ان راڻي ريٻارڻ سان تعلق رکي ٿي. جيڪا ڪيئي پيڙهيون اڳ هتي رهندي هئي. ساڻس سندس ڏير جنجهه عرف جهانجهل شرط رکي ته، جيڪڏهن تون ٽي دلا پاڻي سان ڀريل کڻي ڀٽ جي چوٽي تي پهتين ته، توکي عاج جي چوڙن جي ٻانهين الهي ڪلهي پارائيندس. اهڙي شرط تحت جوڀن رُت ۾ 7 مهينن جي ڳورهاري راڻي ريٻارڻ پنهنجي ڏير سان طئه ڪيل شرط عاج جي ٻانهين تحت ٽي دلا پاڻي جا ڀٽ واري ڪاٺ جي کوهه تان ڀري کنيا. نٽهڻ اُس ۾ هو دلا کڻي جڏهن ٿر جي ٽيو نمبر اُوچائي واري ڀٽ جي چوٽي تي چڙهي ته، آهستي آهستي اڀي ڀٽ جي چوٽي تي چڙهي رکيل شرط ته کٽي وئي، پر چوٽي تي چڙهي پساهه پورا ٿي ويس. کيس ڀٽ جي چوٽي تي دفنايو ويو. سندس ڏير جنجهه اٺ تي ڀڄ وڃي پنهنجي ڀاڄائي راڻي لاءِ عاج جي ٻانهين به آندي ته، پڪيون سرون به وٺي اچي راڻي جي قبر پڪي ٻڌرايائين. عاج جا چوڙا سندس قبر تي رکيائين. راڻي جي وفات بعد ان ڀٽ تي نالو ٻانهياري ڀٽ پئجي ويو ۽ چوڙن جي ڪري ڳوٺ تي نالو ڳڀڻ پئجي ويو. روايت ۾ اچي ٿو ته، ان وقت ڳڀڻ ڳوٺ ۾ ريٻاري، گوهيل، ميگهواڙ ۽ جت رهندا هئا. علائقي جو چڱو مڙس لياقت جت هو. هن وقت به ڏيپلي تعلقي جي ديهه ڏينگاريو جي زرعي رڪارڊ موجب جنجهه جي ٽوڙي به آهي ته، زرعي زمين به سندس نالي سان رڪارڊ ۾ موجود آهي.
هن وقت ڳوٺ ڳڀڻ ۾ ٻانهياري جو قبرستان سن ( لوڻ کاڻ) ڀرسان اهو پراڻو ڪاٺ وارو کوهه به موجود آهي. پر نه آهن ته هاڻي هتي جت، ريٻاري ۽ گوهيل ميگهواڙ. هن وقت ڳڀڻ ڳوٺ جا 3 ڳوٺ ٿي ويا آهن. هڪ ۾ نهڙيا نک آري، ٺڪر ۽ راهمان رهن پيا. ڳوٺ تائين ارباب غلام رحيم پڪو رستو ۽ بجلي جي سهولت به مهيا ڪرائي ڏني آهي. ٿر ۾ هڪڙو جنجهه نالي وڻ آهي. جيڪو به ڳوٺ ڳڀڻ ۽ ٻانهياري ڀٽ تي ٿئي ٿو. ڳوٺاڻي محمد هاشم نهڙيو جو خيال ٻانهياري جي قصي بابت هن طرح آهي ته، اسان هتي ست پيڙهين کان آباد آهيون. اسان پنهنجي وڏن کان راڻي ۽ جنجهه جي شرط واري ڪهاڻي ٻڌندا رهيا آهيون. پوري ٿر ۾ ٻانهياري مشهور آهي. هتان ٿريلي عورتن کي ٻانهياري جي پهلواني تي اڄ به ناز آهي. هن لوڪ روايت بابت شاعري ڪري راڻي جي پهلواني کي چار چنڊ شعرن ۾ لڳائيندڙ استاد محمد بخش “مجاهد” نهڙيو جو چوڻ آهي ته، ريٻاري ۽ جت ڪيڏانهن لڏي ويا. ان قصي بابت هڪڙي روايت آهي ته، ڪنهن جنگ دوران جت پنهنجا سونا زيور کوهه ۾ ڦٽا ڪري هتان هليا ويا. ريٻاري ڪيڏانهن ويا ڪا ڄاڻ نه آهي. باقي گوهيل ميگهواڙ هن وقت ڏيپلو شهر ۾ رهن پيا. “ريگستان جو سير” ڪتاب ۾ محمد اسماعيل عرساڻي ٻانهياري ڀٽ جي اُوچائي بابت هن ڀٽ کي ٿر جي ٽيون نمبر ڀٽ لکيو آهي. ڳڀڻ ڳوٺ وارو ڪاٺ وارو کوهه لوڻ کاڻ جي وچ ۾ آهي. پر صدين کان اڄ ڏينهن تائين کوهه جو پاڻي مٺو آهي. مون به کوهه وڃي ڏٺو. ڌنار ڍڳين کي کوهه تان پاڻي پياري رهيا هئا. مال جا وڳ پنهنجي وٿاڻن ڏانهن وريا پي. کوهه تي گڏهه، ٻڪريون، رڍون، ڍڳيون پاڻي پيئڻ لاءِ آيا هئا. مون کوهه ۽ ڳوٺ ڏانهن نظر وڌي پري پري تائين مونکي اُٺ نظر نه آيا. مورن جا ٽهوڪا به ٻڌم ته هٺيلا هرڻ به اکين آڏو آيا. وٺل ٿر جي منظرن، گاهن، وڻن جي ساوڪ، ٻاجهر، جوئر ۽ ترن جا سنگ به لڏندي لمندي ڏٺم ته، مونکي ڳڀڻ ڳوٺ جي شاعر محمد بخش “ مجاهد” ٻانهياري تي ڪيل سندس شاعري پي ٻڌائي.
ٻانهياري ڀٽ تي سج لٿو پي، آئون الهه بچايو ساحل راهوڪڙو، فقير لکاڏنو جت، محمد بخش مجاهد، غلام شبير لغاري ۽ ربڏنو نهڙيو راڻي جي کٽيل شرط ۽ ٻانهياري بابت ڪجهه ڪلاڪن کان مسلسل پي ڳالهايو. کٽيل شرط ۽ هارايل زندگي جا عڪس ٻانهياري واري ڀٽ جي واريءَ مان اڏامندي محسوس ٿيڻ لڳا. اسان ڀٽ تي آخري نهار وڌي ۽ پنهنجي ڳوٺ ڏانهن واپس وڃڻ لاءِ محمد بخش کان موڪلايوسين.

