مائي سنڌو پاتڻي جو پتڻ، لاڄان جتڻ، مياڻيون ۽ وڻجارا
”جاڳ جي ٻيڙي ته پرزا ٿي چڪي،
شاهبنـــــــدر ڇـــو ڀلا سمهين نــٿو.!“
شاعري واري صدا جڏهن مون ٻڌي ته، منهنجي اڳيان شاهبندر ڀرسان ابن شاهه جي ٽڪري وٽان سنڌو درياءُ جو وهڪرو ۽ مائي سنڌو پاتڻي جو پتڻ ياد اچي ويا. جتي ڪڏهن خوشين جا گيت گونجندا هئا. ۽ مائي سنڌو پاتڻي پنهنجي پتڻ سان انهن کي جڏهن ٻي پار پهچائيندي هئي. تڏهن هتي رنگ ئي نرالا هوندا هئا.آڏاڻن تي سُٽ ڪتبو هو. ڳاڙهن چانورن جا کراڙن جا کراڙ پيل هوندا هئا. سنڌي گيهه ۽ چانورن سان ڀريل اٺن جون قطارون پيون لڏبيون هيون. اتان کان سنڌو جي وهڪري جي منهن موڙڻ بعد ابن شاهه جي ٽڪر ۾ ڪڪرالي جي والي ڪيهرن واري مشهور قبرستان ۾ مائي سنڌو پاتڻي جي وفات تي کيس دفن ڪري سندس قبر مٿان يادگار طور ڇٽڙي اڏي، ان تي نادر نموني جي چٽسالي ڪئي وئي. زلزلن، طوفانن، برساتن سبب اها ڇٽڙي ڀُرندي رهي. هن وقت مائي سنڌو پاتڻي جي ڇٽڙي جي جيڪڏهن مرمت نه ٿي ته، اها تاريخ جي اهم ڇٽڙي به ڊهي ويندي. درياءُ بادشاهه جا رخ بدلبا رهيا. انگريز ليکڪ ٽي ايس پوسٽرن، ابن بطوطه، ايڇ ايم پنهور، ڊاڪٽر غلام علي الانا، مرزا قليچ بيگ، ڪمانڊر ڪاليس، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شيخ محمد سومار، رسول بخش تميمي سميت ٻين تاريخدانن سنڌو درياءُ جا جيڪي وهڪرا بيان ڪيا آهن. تن جي رخ تبديل ڪرڻ تي جيڪا تباهي ٿي، ان جو درد صدين کان انڊس ڊيلٽا جا رهواسي ڀوڳيندا رهيا آهن. شاهه سائين جي بيت جي هي سٽ تاريخ جي گواهي هن طرح ڏي ٿي ته؛
نه سي تڙ هوڙاڪ، نه سي وايون وڻجارن جون،
سو هن پٽ جا اهم ماڳ، رڙي، محمد طور، پيرپٺو، ڪيٽي بندر، شاهه بندر، ڀنڀور، روپا ماڙي، نند ڪوٽ، احمد راڄو، علي بندر، سنڌڙي بندر، لاهري بندر، ڪينجهر جون سنڌو واريون ڪنڌيون، مڪلي، سونڊا، ولاسو، ونگو به ويران ٿي ويا. اتي خشڪي وارا اهي رستا جتان ڪڏهن اٺن تي ڳاڙها چانور ۽ سنڌي گيهه جون قطارون لڏبيون هيون. اهي به 1947ع ۾ هند ۽ پاڪ ٻه جدا وطن ٿيڻ سبب به ويران واٽون ٿي ويا آهن. موکي جا مٽ به نه رهيا آهن. ۽ ڪاڪ نه جھليا ڪاپڙي به الاجي ته ڪيڏانهن ويا. رامڪلي ڪنهن نه جھلي جا ڪن ڪٽ ڪاپڙي ڪنوٽيا ڪن چير به پنهنجي ماڳ تي موجود ڪونه آهن ته، جوڳيئڙا پتڻ به ويران ٿي ويو آهي. انهن لاءِ به اهي واٽون ۽ هي پٽ واجھائين پيا، شاهه سائين سر ڏهر ۾ اهڙي پس منظر کي هئين بيان ڪيو آهي ته “سر سڪا سونگي ڪيا” وانگر روپا ماڙي کان وٺي سسئي جي ڀنڀور تائين انڊس ڊيلٽا جو نقشو ئي تبديل ويو آهي. لڄان جتڻ جا عزيز جت هن ويران پٽي تي موجود آهن، پر وٽن اٺن جا وڳ نه رهيا آهن. اهي هاڻي کاري مان سانا جھلي پيٽ گذر ڪن ٿا. مير بحرن جون مياڻون ۽ وڻجارن جا تڙ ويران ٿي ويا آهن. ان درد تي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه سميت سنڌ جا گھڻگھرا سالن کان انڊس ڊيلٽا جي بحالي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏڻ ۽ سمنڊ جي بي لغام ڇولين کي روڪڻ لاءِ آواز اٿاري رهيا آهن. فشر فوڪ جي چيئرمين محمد علي شاهه جي شريڪ حيات سيد طاهره شاهه انڊس ڊيلٽا جي بحالي واري تحريڪ دوران روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي وئي، پر اقتداري ايوانن ۾ اهو آواز ٻڌو اڻ ٻڌو ٿيندو رهيو آهي. هاڻي هتي ويرانن اهڙو واسو ڪيو آهي، جو هي پٽ ڏسڻ سان هيئن لڳي ٿو ته؛ پسيو بازارون هينئڙو مون لوڻ ٿئي.