شخصيتون ۽ خاڪا

سون سريکيون عورتون

تحقيقي مضمونن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو صحافي عثمان راهوڪڙو آهي.”سون سريکيون عورتون“ سنڌ جي کاهوڙي ليکڪ ۽ محقق عثمان راهوڪڙي جو ڏاڍو اهم ۽ ڪارائتو ڪتاب آهي. جنهن ۾ هن ٿر، لاڙ ۽ وچولي جي سدا حيات عورتن جي ڪردار کي دل سان اجاگر ڪيو آهي. هُن هڪڙي نئين تاريخ هن ڪتاب ذريعي قلمبند ڪئي آهي.
Title Cover of book سون سريکيون عورتون

ادب جو جوڳي عثمان راهوڪڙو

عثمان راهوڪڙي کي سڄي سنڌ جو پڙهيل لکيل ۽ باشعورطبقو سڃاڻي، صحافت جي واٽن تي اڀن ڪاون تان گذري سچ لاءِ سوريءَ تي به چڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندڙ هن جاکوڙي صحافي ۽ کاهوڙي ليکڪ ادب جي جهنگ ۾ ڀٽڪي انهن پيچرن تان سفر ڪيو آهي. جن رستن تي اسهندڙ ڪيئي مسافر صفحي هستيءَ تان مٽجي ويا. مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس شاهڪار شاعري يا مضمون ڇپبا هئا. ٻه ٽي سال پهرين سندس ڪتاب “سڪو سنڌو ڪنارا رُنا” ڇپيو . جنهن ۾ هن ڳولا جو رڻ جهاڳي ٽنڊي باگي جي تاريخ جا پيرا هٿ ڪيا. جن بابت ڪنهن به اڳ ۾ نه لکيو هو. سڪو سنڌو ڪنارا به سندس نظم جي هڪ سٽ هئي. ان کان پوءِ به هن کاهوڙي هڪ نئين جستجو سان سنڌ جي 133 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل “مٽي جا مور ماڻهو” ڪتاب پڙهندڙن کي ڏنو. جيڪو به ريفرنس بوڪ بنجي ويو آهي. عثمان راهوڪڙي سان منهنجي ويجهڙائپ ان ڪري به رهي آهي جو هو نيت جو نيڪ ماڻهو آهي. هي محبوب ماڻهو سنگت تي سر ڏيڻ وارو آهي ته بنا ڪنهن رکاءُ جي هر ڪنهن کي سچ چئي ڏيڻ به سندس عادت رهي آهي. جڏهن عثمان ۽ مون سنڌ جي عظيم عورتن بابت ڪتاب “سون سريکيون عورتون” بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ته اسان کي ٽنڊي باگي ۾ ڪتاب جي ڪمپوزنگ بابت ڪافي ڏکيائي محسوس پي ٿي. جنهن ڪري اهو ذمو مون کنيو. ۽ کيس چيم ته جيڪي مضمون تيار ٿيندا، اهي آئون ڪمپوز ڪندس ته جيئن ڪتاب جي ڪمپوزنگ بابت پريشاني ۽ اجايو وقت زيان نه ٿئي. ڪتاب “سون سريکيون عورتون” سنڌ ۾ عورتن بابت ڇپيل سڀني ڪتابن کان منفرد آهي. هي عثمان راهوڪڙي جي تمام بهترين ڪاوش آهي. ڪتاب ۾ امرڪردارن واري حصي ۾ عثمان انهن عظيم عورتن بابت تحقيق ڪري لکيو آهي. جن بابت اڳ ۾ ڪنهن به قلم نه کنيو. سهند اڍيجو ۽ حاجران ڦلڻ جا ڳوٺ منهنجي ڳوٺ ڀرسان آهن. سنڌ جي انهن سخي، مهمان نواز ۽ بهادر عورتن جون ڳالهيون اڄ به ڳوٺن ۾ ڳائجن ٿيون. پر ڪنهن به ڪتاب ۾ سندن ذڪر نٿو ملي. سنڌ جي مشهور دائي ڀاڳي ڀيل هجي يا موجوده دور ۾ به ٽنڊي باگي جي وچ شهر ۾ پٽڪو ٻڌي هلندڙ مينا ڀيل، حر تحريڪ جي گوريلي راڻي ٺڪر هجي يا پنهنجي اوطاري تي مسافرن کي کير، مکڻ، لسي سان سڳداسي چانورن جو مانيون به کارائيندڙ مهمان نواز آمي ابڙو. عثمان اهڙين سون سريکين عورتن تي لکيو آهي. جن کي زمانا وساري ناهن سگهندا. ڪتاب ۾ تعليم جي خوشبو لاءِ جاکوڙيندڙ سنڌ جي نياڻين آسو ٻائي، الهه بچائي چانهيو تي قلم کڻي عثمان نئين عزم کي خراج پيش ڪيو آهي. جيتوڻيڪ اهي مضمون مختصر آهن پر ڏاڍا دلچسپ ۽ نرالا آهن. عثمان راهوڪڙو ادب جو اهڙو جوڳي آهي، جيڪو سدائين پنڌ ۾ رهيو آهي. هن ڪڏهن به هڪ موضوع تي بسيرو ناهي ڪيو. تنهن ڪري مونکي يقين آهي ته سون سريکيون عورتون کان پوءِ به هي ڪنهن نئين موضوع تي تحقيق ۽ کوجنا لاءِ پنڌ ۾ ئي هوندو.


غلام شبير لغاري
مارچ 2017ع