علم ۽ ادب جي سمنڊ مان سپون سوجهيندڙ عثمان راهوڪڙو لاڙ جو هڪ تاريخي ڪردار آهي. طبعيت ۾ کرائي سبب ڳالهين ۾ رک رکائي ڪرڻ بجاءِ منهن تي چئي ڏيندو آهي ۽ ادبي تنقيد اهڙي گرجدار انداز سان ٿو ڪري، ڄڻ اجھو ٿو جهيڙو ٿئي؟ پر گھڻو ڪري سڄو ادبي لڏو هن کان چڱي ريت واقف آهي ته، هن جو من کير جهڙو اڇو ۽ مهاڻي ٻار جهڙو سادڙو آهي. هي تمام محبتي، شفيق، حساس، نازڪ ۽ نفيس انسان آهي. هي زماني جي آوي ۾ پچي راس ٿيل ماڻهو آهي. طوفانن ۾ ٻيڙيون تارڻ واري لاڙ جي هن ارڏي ڪردار جو ٻالڪپڻ حسن درس جي نظمن جھڙو آهي. هي لاڙي ٻار شاگردي واري زماني ۾ جيميسٽ ڪامريڊن جي صحبت ۾ اچي ويو. لاڙ سميت سڄي سنڌ جي ڳوٺن ۾ مسڪين، مظلوم ۽ اٻوجھه ماڻهن کي سجاڳي ۽ جاڳرتا جي سفر ۾ هن اوجاڳن جا ڪيئي رڻ جھاڳيا. هن جي پيرن ڌرتي تي ڪيئي اڙانگا پنڌ ڪيا آهن پر انهن پنڌن ۽ پيچرن جي مشڪل مسافرين ۾ به هي کاهوڙي ٿڪو ناهي. ڪنهن به مسڪين سان ڪا بي واجبي ٿئي ته عثمان راهوڪڙو جو قلم جنبش ۾ اچي ويندو هو. جڏهن ٽنڊي باگي جي پوليس بي گناهه رفيق کوسي کي شهيد ڪيو ۽ پوءِ عارب لوهار ۽ ٻين جيڪا جدوجهد ڪئي، ان ۾ هن جو قلم تکي تلوار جيان ظالمن کي گهائي وڌو. هن جي گھڻ رخي شخصيت جا کوڙ سارا پاسا آهن پر سنڌ ۾ هن جي سڃاڻپ هڪ باصلاحيت ۽ بي باڪ صحافي ۽ ليکڪ طور آهي. سائنس جي جديد ٽيڪنالوجي واري تيز ترين دور جي ميڊيا سان لاڳاپيل هي نج ڳوٺاڻو ماڻهو ان فيشني چمڪ ڌمڪ جي طوفان ۾ لڙهڻ بجاءِ پنهنجي ماروئڙن، جھانگيئڙن جي اباڻي لوڏ ۾ نظر ايندو آهي. هن جو قلم وقت جي وڏن ماڻهن جي ثناخواني ڪرڻ بجاءِ هن معاشري جي ڌڪاريل طبقن ڏکوئل ماڻهن جي دردن جو درمان آهي. هن ڪيترائي نوجوان ميڊيائي ميدان ۾ متعارف ڪرايا آهن. هن جي صحافتي حس جتي تمام گھڻي شاطر، تيز ۽ پٿر جھڙي سخت آهي اتي هن جو قلم ڏتڙيل انسانن لاءِ نازڪ مزاجي سبب نرم گوشو رکندي هڪ وڏو سهارو به آهي. لاڙ جي هن قلم ڌڻي ۽ يگاني انسان عثمان راهوڪڙي جي حياتي جو هر پل سخت محنت، جفاڪشي، جستجو، جدوجهد ۽ کوجنا ۾ گذري ٿو. هر سمي علم جي ڳولا، تاريخ جي ڇنڊڇاڻ جو جنون، تحقيق لاءِ ڪتابن کي ڦلهورڻ، پنا ڪارا ڪرڻ، ملڪي توڙي عالمي سياست تي بحث مباحثا، صحافت ۾ نواڻ، مذهب ۽ انقلابن جي ماضي حال ۽ مستقبل جي تواريخ تي سنجيدگي سان وزنائتي راءِ رکڻ، قديمي ٻولين کي لاحق خطرا، تهذيبن جو ٽڪراءُ، پُراڻا ماڳ، مڪان، قلعا، ڀِڙا، هڙاپا، موهن جو دڙو، ٽيڪسيلا، ڪاهو جو دڙو، جھڏو گدام، ٻرڙائي ڪوٽ، روپا ماڙي، ديبل بندر، ڀنڀور، نهٽو، راڄ پار جو راڄ، مومل جي ماڙي جي حقيقت سميت ثقافت جي رنگن روپن جي اصليت کي منظر تي آڻڻ لاءِ ڪوششون، محفل، موسيقي، رڻن جو رولاڪيون، پرده پوش تاريخي ڪردارن جي ڳولا، آثار قديمه جي رکوالي، ڊهي پٽ پيل ۽ غرق ٿيل شهرن جا پنڌ پُڇائڻ، وڃائجي ويل پيچرن جا پيرا کڻڻ، پاڻي جي فطري گسن، رخ موڙي ويل يا سڪي تباهه ٿيل پاڻي جي قديمي وهڪرن ۽ گذرگاهن، ساڱرو، نيرو، پراڻ، هاڪڙو، پٽيهل درياهه جا پيرا کڻڻ، ونگو پتڻ ڍنڍون ڍورا، جھنڊي پاتڻي جو پتڻ، لاڙ جي ساموندي پٽي جي بربادي جا داستان، قاتل سم نالو ايل بي او ڊي جا قهر، 99 وارو طوفان، 2011ع واري مها برساتي ٻوڏ جا احوال هن جي عملي جدوجھد، گفتگو، ڪچهرين، تقريرن ۽ تحريرن جو موضوع رهيا آهن. عثمان راهوڪڙو عورتن جي سورن کي پنهنجي قلم جي شاعراڻي نثري ٻولي ۾ بيان ڪري ٿو ته نازڪ مزاج ۽ حساس ماڻهن جي اکين مان نير وهيو پون ٿا. هُن جو قلم جڏهن هن بي حس سماج ۾ جُرت ۽ همت سان جيون گھاريندڙ مائي مينا ڀيل جي زندگي جا رنگ رچي ٿو ته حيرانگي جي حد نٿي رهي. هو جڏهن مذهبي مت ڀيد، اوچ نيچ ۽ انساني اڻبرابري جي تفرقي کان آجي ۽ بالاتر تاريخ جي لڪيل عشقيه داستان بچي سامياڻي ۽ صالو کوسي جي پيار ڪهاڻي کي پنهنجي منفرد لاڙي ٻولي ۾ منظرعام تي آندو آهي. سندس قلمي پورهيي “سون سريکيون عورتون” واقعي جس لائق تاريخي علمي پورهيو آهي. سنڌ جي باذوق پڙهندڙن کي هي ڪتاب پسند ايندو. ان ۾ ڪيترائي ڪردار حقيقي طور وڏا ڪردار هئڻ جي باوجود گمنام رهيا آهن. عثمان انهن ڪردارن کي وڏي محنت سان تحقيق ڪري پنهنجي ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي، اها جس لائق تاريخي علمي خدمت آهي.