محمد طور يا مهاتم طور جو ماڳ ۽ ليلان
جو چونڊين سو چونڊ، مڻيون توڙي ماڳ،
ڀُوري تنهنجو ڀاڳ، آهي تنهنجي هٿ ۾.
چنيسر جو ليلان سان چاهه هو. هن جي روح جي راڻي ليلان ئي هئي. هن جي نيڻن ۾ حاڪم جا نيڻ مينهن ڪنڍي پورن جيان پيوند ٿيل هئا. سندس بادشاهي ۾ راڄ جي راڻي ليلان ئي هئي. پر بدقسمتي سان ڪوئنرو واري ٻرندڙ طلسمي هار تي هرکجي، هن پنهنجي روح جي راڻي چنيسر کي هڪ رات لاءِ هار عيوض ڏيئي ڇڏيو. ڪوئنرو چالاڪ هئي، جنهن حاڪم کي ليلان جو لکيو ڏيکاريو. جنهن تي چنيسر جي دل چڪناچور ٿي وئي ۽ ليلان کي ڏهاڳ اچي ويو. ليلان گھڻو ئي ليلايو پر حاڪم به ريسارو هو. لطيف چيو ته
ليلان ليلائج، ليلائي مه لهين ته پڻ ليلائج
آسرو مه لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گھڻو.
اهو قصو لوڪ ادب ۾ اهم جڳهه سومرا دور جي حوالي سان جتي والاري ٿو. اتي تاريخ لکيو آهي ته چنيسر محمد طور کي ڇڏي وڃي ديبل وسايو. جتي پساهه پورا ڪيائين. تاريخ سنڌ جي مصنفن مولوي نور محمد نظاماڻي، عبدالغني عبدالله ۽ محمد صديق مسافر باب ٽيو ۾ ڄاڻائيندي سومرن جي بڻ ۽ بڻياد بابت ايبٽ جي حوالي سان لکيو آهي ته سومرا اصل راجپوت هئا. پوءِ قرمطي بڻيا. تنهن کان پوءِ شيخ بهاءٌ الدين ذڪريا جي روحاني فيض سان مسلمان بڻيا. ايليٽ به تاريخ طاهري جي حوالي سان لکي ٿو ته سومرن جي تخت گاهه محمد طور شهر ۾ ڪيترائي وڏا ماڻهو ۽ زميندار، شيخ مشائخ، مخدوم بهاءُ الدين ذڪريا جا مريد هئا. جن مان ڪيترائي خدا رسيده بزرگ پيدا ٿي پيا. ساڳي باب ۾ سومرا سردارن بابت لکيو ويو آهي ته هو هڪ ڀيرو نئون ڪپڙو پائيندا هئا ته ٻيهر لاٿل ڪپڙن کي پائڻ پنهنجي شان لاءِ عيب سمجھندا هئا. سومرا رعيتي راڄ جي ماڻهن تي ڏنڀ جو نشان ڪڍندا هئا. محمد طور جي حڪومت جو عرصو 15 سال ڏيکاريو ويو آهي. هتي رهندڙ جيوت آزادي جي هڳاءُ ڀريل هوائن ۾ ساهه کڻندي هئي. ان سمي هي وسندڙ شهر هو. هتي پتڻ به هو. ڳاڙها سڳداسي چانور، ادرڪ، تماڪ، گيهه ۽ نير هتي جام ٿيندو هو. ارٽ تي ڪپڙو اڻبو هو. رات ٿيندي ئي هتي فانوس تارن جيان ٽمڪندي پري کان نظر ايندا هئا. گھاڻن ۾ سرنهن جو تيل پيو پيڙهبو هو. هن وقت تعلقي جاتي جي ديهه شاهه ڪپور ۽ تپي شاهه ڪپور ۾ ان قديم ماڳ جا کنڊرات ٽڙيل، پکڙيل، ٽٽل ٺڪرن، دڙن، قديم قبرستان جي قبرن، پٿرن ۽ ڦاٽل ڪاڳرن جيان ٽڙيل پکڙيل سرن تي مشتمل نظر اچن ٿا. گونگڙي جو وهڪرو به بيهي ويو آهي. تاريخ جي هن تخت گاهه وارو وسندڙ شهر ويران ٿي ويو. هن وقت هن ماڳ وٽان شاهه ڪپور شاخ گذري ٿي ۽ شاهه ڪپور ڳوٺ به آهي. جنهن ۾ هزار کن ماڻهو رهن پيا. هن ماڳ جو ماضي واري جي دڙن ۽ شاهه ڪپور جي قبرستان جي قبرن ۾ دفن ٿي ويو آهي ۽ تاريخ جي ورقن ۾ هن ماڳ جي قدامت جا قصا چوڏهين جي چنڊ جيان جرڪندي نظر اچن ٿا. مختلف تاريخدانن جا هن ماڳ بابت پنهنجا رايا ۽ ويچار جدا جدا تاريخ جي ڪتابن ۾ ڏنل آهن. سومرا حاڪمن پنهنجي ايامڪاري دوران محمد طور، وڳهه ڪوٽ، روپا ماڙي، ٺري، ٿري، ساموئي ۽ عمر ڪوٽ جھڙا شهر قائم ڪري اتي جدا جدا وقتن تي تخت گاهه قائم ڪيا. انگريز ليکڪ ليمبرڪ جي راءِ موجب پراڻ جي وهڪري سڪي وڃڻ کان پوءِ سومرن پنهنجو تخت گاهه گونگڙي جي ڪپ تي قائم ڪيو. جنهن کي عام طور تي محمد طور سڏيو ويندو آهي. محقق ڪزنس جي تحقيق مطابق محمد طور هڪ وڏي نهر جي ڪپ تي هو. جنهن کي گونگڙو چيو ويندو هو. تاريخ طاهري جي مصنف سيد طاهر محمد نسياني سن 1020هه چوي ٿو ته هن حقير انهي شهر جا دڙا عبرت جي اکين سان ڏٺا هئا. لئمبرڪ معصومي ۽ طاهري تاريخن جا مصنف ان ڳالهه تي به متفق آهن ته درياءُ جو پاڻي هن نهر کي نه ملڻ سبب هي پٽ اجڙي ويو. سيد در محمد شاهه جي حويلي کان اوڀر طرف هن ماڳ جي کنڊر ٿيل دڙن جو سلسلو شروع ٿئي ٿو. انهن کنڊرن ۾ هڪ مسجد جا اهڃاڻ چٽا آهن. جنهن جي ويڪر 1520 فٽ ۽ ڊيگھه 216 فٽ آهي. ديوار ساڍا چار فٽ ويڪري آهي. هڪ دڙي کي مقامي ماڻهو همير سومري جو دڙو چون ٿا. هتي هندن جي هڪ مندر جا آثار به ملن ٿا. 1821ع تائين هتي ٽي هزار ماڻهو رهيا ٿي. جن ۾ اڪثريت هندن جي هئي. هن وقت هتي هزار کن ماڻهو رهن ٿا. جن ۾ اڪثريت مسلمانن جي آهي. محمد طور جي ڏکڻ پاسي امير پير اسماعيل شاهه بخاري جو قبرستان آهي. جنهن جي قبر ماضي جي هن ماڳ ۽ پنهنجي دور جي پٿرن تي چٽسالي جو نادر نمونو پسائي ٿي. سوين سال اڳ ٿيل پٿرن تي ان چٽسالي جا رنگ ته هاڻي ڌنڌلا ٿيندا پيا وڃن پر ڏسندڙ اکيون ان چٽسالي کي ڏسي ڪاريگرن جي ڪاريگري کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿيون سگھن. هن تخت گاهه جي کنڊرن ۽ ماضي جي ياد ڏياريندڙ قبرن واري قبرستان کي آرڪيالاجي کاتي جي ڪامورن جون اکيون ڏسي نٿيون سگهن. پر افسوس جو هي ماڳ ۽ قبرستان قبضا مافيا جي قبضا گيري ۽ سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي ويو آهي .