مريم مجيدي
پتنگن جيان جيءُ جلايو ته مڃجي،
تپي لوهه تن تپايو ته مڃجي،
سکن ۾ سلامي ڪلامي ٿين سڀ،
ڏکن ۾ به ساٿي سڏايو ته مڃجي.
هن غزل ۾ هن شاعره انتهائي سادي ٻولي ۾ جنهن انداز سان ۽ شاعراڻي ڏات ذريعي خيال پيش ڪيو آهي، اهو سندس انداز ئي کيس پنهنجي دور ۾ نمائنده شاعرائن جي نه رڳو قطار ۾ بيهاري ٿو، پر ميرانپور ۾ صوفي شاهه عنايت جي خانقاه واري سرزمين تي ننڍپڻ ۾ پيرڙا کڻندڙ هن شاعره جو ته، پنهنجي شاعري ذريعي اهو به پيغام آهي ته “ڏکن ۾ به ساٿي سڏايو ته مڃجي” وانگيان مريم مجيدي ننڍي هوندي کان اکرن ۾ دل اڙائي ۽ زندگي جي سمورن رستن تي هن پنهنجو ساٿي لکڻ ۽ پڙهڻ کي بنايو. شروعاتي تعليم کان وٺي ايم اي ۽ بي ايڊ جا امتحان پاس ڪري، هو تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿي. جتان محنت ۽ جفاڪشي سان ڏاڪي به ڏاڪي منزلون طئه ڪندي، سيڪنڊري استاد ٿي، ان کان پوءِ انچارج سيڪندري ڊي او فيميل ٺٽو پڻ ٿي. اهو سندس زندگي جو اهو پاسو آهي، جنهن ۾ هن پرائمري کان وٺي، ڊي او رهڻ تائين، نياڻين جي تعليم ۽ استادن جي نگراني ڪندي تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس زندگي جي ٻين پاسن ۾ هن نثر ۾ ڪيئي مضمون ۽ تحقيقي مقالا لکيا، پر کيس سنڌي ادب ۾ جيڪا مهانتا شاعري ذريعي ملي، ان کيس پنهنجي امر شعرن جي سٽ سٽ جيان سنڌي ادب جي کيتر ۾ امر بنائي ڇڏيو آهي. هو اهڙي عورت شاعره آهي، جنهن پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي شاعري ذريعي ڪرائي آهي. سندس ڪتاب “سروم دکم دکم” ڇپجڻ کان پوءِ کيس انٽرنيشنل قليچ ايوارڊ، سنڌالاجي ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ايوارڊ مليا. سندس شاعري اصطلاحن، پهاڪن ۽ چوڻين سان سينگاريل آهي. سندس شاعري ۾ اصل موضوع سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهو آهن. پر پريت جي پکيئڙي جي اڏار به غضب واري انداز ۾ سابه جڏهن هڪڙي سرائڪي گيت جي بند ۾ هن انداز سان ڪري ٿي ته؛
سانوڻ ساڏي نال مناوين،
ڀيڄ ڀني دي ويلي آوين.
۾ جيڪا شاعراڻي ادا آهي، تنهن جي ڪل انهن کاڌن کي آهي، جن کان پرين وڇڙيل آهن. سو انهن جيان مريم مجيدي به انتظار جي بتيلن ۾ ۽ سڪل سنڌو جي ڪنارن تان جيڪا به شاعري سرجي آهي، تنهن ۾ انتظار جي ڪيفيت به انوکي انداز سان عيان ڪئي اٿس. محمد خان مجيدي کيس گهر جي چئوديواري ۾ قيد ڪري گهرو ڪم ڪرائڻ بجاءِ اعليٰ تعليم ڏياري. کيس انقلابي گسن ۽ جدوجهد جي مرحلن ۽ سفر کان آشنا ڪرايو. هن پنهنجي نجي زندگي آزادي سان گهاري آهي. سنڌي سماج ۾ وک وک تي عورتن کي ڏانوڻ وڌا ويندا آهن. پر محمد خان مجيدي هن تي ڪابه پابندي نه مڙهي. جنهن ڪري هي مريم جيڪو سفر ڪيو آهي، ان ۾ ڪٿي به پنهنجي گهر وارن کان “سروم دکم دکم” ۾ ڪابه پيڙاءُ پلي نه پئي آهي. زندگي جي سفر ۾ هو پڙهندي، پڙهائيندي رهي. تڏهن ته هيٺ ڏنل غزل ۾ هيئين اظهار ڪيائين ته؛
پٽ تي ڪوبه نه پيرو پنهنج،.
ڪيڏو ماڳ ڏکيرو پنهنجو،
پيرن ناهن پير ڪڙا پر،
ڏور اڃان دڳ ديرو پنهنجو،
اکڙين ۾ ٿي اونڌه اٽڪي،
ميرو سانجهه سويرو پنهنجو،
ڍوليا تنهنجي ڍار نه ڄاتم،
نيٺ ڀڳو تو ڀيرو پنهنجو،
اونڌهه مان اڪري آخر،
ٽوڙيندا گهگهه گهيرو پنهنجو،
جذبن جي هن جوءِ ۾ جيڏيون،
رهندو مان مٿيرو پنهنجو.
سنڌ جا شهر ڌارين حوالي ڪرڻ خلاف مريم مجيدي احتجاج طور صدارتي ايوارڊ پ پ پ جي صدر آصف علي زرداري کان وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن اهڙو اظهار 12 فيبروري تي ٽنڊي باگي ۾ خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر جي ورسي واري تقريب ۾ پنهنجي تقرير دوران پڻ ڪيو هو. ان پروگرام بعد منهنجي ساڻس مختصر گفتگو پڻ ٿي. ائين ئي مريم مجيدي سان ٽنڊي باگي ۾ مختلف پروگرامن دوران مختصر ئي گفتگو ٿيندي رهي اٿم. هن شاعره جي شاعري ۾ اهڙي سگهاري ڏات جا ڏيئا روشن ڪيل آهن، جيڪي دل جي اکين سان بار بار پڙهيا اٿم.