شخصيتون ۽ خاڪا

سون سريکيون عورتون

تحقيقي مضمونن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو صحافي عثمان راهوڪڙو آهي.”سون سريکيون عورتون“ سنڌ جي کاهوڙي ليکڪ ۽ محقق عثمان راهوڪڙي جو ڏاڍو اهم ۽ ڪارائتو ڪتاب آهي. جنهن ۾ هن ٿر، لاڙ ۽ وچولي جي سدا حيات عورتن جي ڪردار کي دل سان اجاگر ڪيو آهي. هُن هڪڙي نئين تاريخ هن ڪتاب ذريعي قلمبند ڪئي آهي.
Title Cover of book سون سريکيون عورتون

شهيد دودو سومرو، ستيون ۽ روپا جي ڪهاڻي

هيءُ ڪهاڻي ان بستي کان شروع ٿئي ٿي. جتي ڪونسر نالي گجرن جي بستي سنڌو درياءَ جي هڪڙي ڦاڪ ريڻ جي ڪناري تي آباد هئي. ان بستي “ڳوٺ” ۾ گجرن جي هڪڙي گھر ۾ ڇوڪري ڄائي. جنهن جو نالو روپا رکيو ويو. اها روپا جڏهن جوڀن وهي کي پهتي ته، سندس سونهن جي هاڪ پري پري تائين هُلي وئي. روپا جي سونهن جي عڪاسي شاعر منظور سمون پنهنجي هن بيت ۾ هيئن ڪئي ته؛
روپا تنهنجو رنگ، بڻجي آئين باغ،
چوڏسا چراغ، ٻاريا تو ٻاٽ ۾.
۽ مٿس حاڪم سنڌ ڀونگر راءِ موهجي پيو. ڄام تماچي کان گھڻو اڳي هي سنڌ جو پهريون حڪمران هو. جنهن ذات ۽ پات جا ويڇا وساري پنهنجي رعيتي راڄ جي ڇوڪري روپا سان نيڻن جا ناتا جوڙي ساڻس پيار جو پرڻو ڪري کيس ان ئي بستي ۾ روپا جي نالي سان روپا ماڙي ٺهرائي ڏني. ۽ پاڻ پنهنجي تخت وڳھه ڪوٽ کان وڌيڪ گھڙيون “ساعتون” روپا جي بستي ۾ جڏهن گھارڻ لڳو ته، سندس امير ۽ وزير به روپا ماڙي ۾ رهڻ لڳا. ۽ روپا ماڙي بستي جا نصيب به روپا جيان ڪر موڙي جاڳي پيا، جو حاڪم سنڌ جي اکين جو اڱڻ روپا ٿي وئي هئي. هو پنهنجي دل جو لولو روپا جي نينهن ۾ وڃائي چڪو هو. روپا جي نينهن ۾ عشق جي عظمت جو اهڙو تجلو ٿيو، جنهن ڪونسر بستي کي تاريخ ۾ انوکو ۽ نه وسرندڙ درجو ڏيئي ڇڏيو. روپا راڻي جي ڪهاڻي کي سمجهڻ لاءِ ڀونگر راءِ جي وفات کان پوءِ پيدا ٿيل پڳ تان مامري ۽ چنيسر هٿان سنڌ ۾ چاڙهي آيل علاوالدين خلجي جي لشڪر سان ٿيل جنگ کي سمجھڻ ۽ لمحي به لمحي بدلجندڙ منظرن کي سمجھڻ لاءِ سڀ کان پهرين هتي تخت وڳھه ڪوٽ ۽ سومرن جي بُڻ بڻياد ۽ حڪومتي عهد جي بنياد کي سمجھڻو پوندو. ان لاءِ تاريخ جي رستي تان جيڪا معلومات ملي ٿي، سا هن طرح آهي ته سنڌ جي هندن جي تاريخ جلد ٻيو ۾ ڀيرو مل مهرچند آڏاڻي باب پنجون ۾ پيج نمبر 179 ۾ هئين لکيو آهي ته، سومرو ۽ ويڳو ٻئي هندو ڀائر هئا. جن جي ذات ڀونڀاري هئي. اهي ڏيپلي کان ڏکڻ طرف رڻ ڪڇ ۾ پراڻ درياءُ جي ڪناري تي رهندا هئا. انهن سومرن جي صاحبي جو پايو رکيو. سومرو مسلمان ٿيو ۽ ويڳو هندو ئي رهيو. ويڳو ڪڇ جي رڻ وارو ڪوٽ هٿ ڪيو. جيڪو سندس نالي پويان وڳھه ڪوٽ سڏجي ٿو. سومرن بابت مختلف تاريخن ۾ کين عرب نسل جو به ڄاڻايو ويو آهي، پر سندن نالن مان محسوس ٿئي ٿو ۽ سندن ريتن ۽ رسمن مان هي نسل سنڌ جو نج نسل لڳي ٿو. ڇا به هجي پر سنڌ ۾ عربن جي دوُر کان پوءِ سومرو ئي هو، جيڪو طاقتور ٿي اڀُريو، ۽ سومرن جي دوُر ۾ پهريون حاڪم ڳڻجي ٿو. ائين ئي سومرا سنڌ جا حاڪم بڻيا. ڀونگر جي وفات کان پوءِ پڳ “منجي” تان هڪڙو اهڙو واقعو رونما ٿيو، جنهن سنڌ جي تاريخ تي اڻ مٽ نشان ڇڏيا. اهو واقعو اهڙو واقعو آهي، جيڪو صدين پڄاڻان به سومرا ۽ سنڌ ان واقعي جي درد کي وساري نه سگھيا آهن. وڳھه ڪوٽ ڀونگر راءِ جي ايامڪاري دوران سندس تخت گاهه هو پر، روپا راڻي سان شادي ڪرڻ بعد حاڪم جو تخت ۽ بخت جون واٽون روپا ماڙي ۾ ٿي کُٽيون. سندس توجهه روپا ماڙي ڏانهن ئي هو. کيس چنيسر ۽ دودو نالي ٻه پٽ ۽ ٻاگھل ٻائي نالي ڌيءُ پيدا ٿي. جن مان چنيسر وڏو هو ۽ هو روپا جي پيٽ مان پيدا ٿيو هو. زندگي جي مرڪن ۽ ٽهڪن واري باغ ۾ هڪڙو گل ڪوماڻو، وفا جي اڏيل گھر ۾ جڏهن ڀونگر راءِ هڪڙي شام جو وڇڙيو ته فضا ۾ اهڙي ڪا غمگين صدا گونجي، جنهن روپا راڻي جي زندگي کي ويران بڻائي ڇڏيو. هن جي هٿن ۾ ئي سندس سڄڻ پساهه پورا ڪيا ۽ پوءِ جيڪا رات ٿي، ان جي ڪهاڻي انوکي ۽ رت روئاريندڙ ئي آهي. جو جڏهن ڀونگر راءِ جي ڏولي ديهه ڪاڪ واري ڀونگرا قبرستان ۾ پهچي مٽي ماءُ حوالي ٿي ته، ڄڻ روپا جو زمين ۽ آسمان بدلجي ويا. ان وقت جي سسٽم تحت فيصلو ٿيو ته، پڳ وڏي پٽ چنيسر کي ٻڌائجي. جنهن تي چنيسر کين چيو ته ترسو امان! کان پڇي اچان. انهن لفظن تي راڄ وارن کي مٺيان لڳي، انهن فيصلو ڪري دودو کي پڳ ٻڌرائي ڇڏي. ۽ چنيسر کي طعنن ڪاوڙائي وڌو. ان ڪاوڙ کيس دهلي جي حاڪم علاوالدين ڏانهن وڃڻ تي مجبور ڪيو. چنيسر دهلي پڄي ٻيجل جيان ڪهڙي ڌُن ڇيڙي جنهن حاڪم علاوالدين خلجي کي سنڌ ڏانهن لشڪر روانو ڪرايو. جئين ئي ڌاريو خلجي لشڪر سنڌ ۾ پهتو ته ان بابت به تاريخ ۾ ڪا چٽي شاهدي نٿي ملي ته لشڪر ڪٿان سنڌ ۾ داخل ٿيو. لوڪ ادب جي وڏي ڄاڻو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب “سومرن جو دور دودي چنيسر جي ڳالهه” ۾ پاري نگر ۽ بکر وٽان لشڪر سنڌ ۾ داخل ٿيڻ بابت لکيو آهي. مشهور رائيٽر سلمان رشيد پنهنجي تحرير “دي ليجنڊ آف دودو چنيسر” ۾ به دودو جي شهادت ۽ ڀاڳوڀان هٿان ابڙو سمون ڏانهن ٻاگھي ۽ سومرن جي ٻين عورتن جي سام ٿي وڃڻ ۽ ستيون ٿي مرڻ بابت تفصيل سان لکيو آهي. روپا سميت محمد طور ۽ ٻين سومرن جي ماڳن ۾ سومرين هيرا ۽ موتي جنڊن ۾ پيهي. پنهنجي اڱڻن تان رت روئي اوڇنگارون ڏيئي روانيون ٿيون. جڏهن والهان سوڍي جو ور هانسو به ڌرتي تان وڙهندي وڙهندي مارجي ويو، ۽ ڌاريو لشڪر روپا ڏانهن وڌيو ته محمد، ننگر، منگر ۽ ٻيا سومرا ۽ سپڙ سپهه سالار به مارجي ويا. تڏهن دودو سومرو جي اڳواڻي ۾ لشڪر روپا ماڙي واري معرڪي ۾ شينهن جيان گجگوڙ ڪري وڙهيو ۽ وڙهندي وڙهندي دودو سومرو شهيد ٿي ويو. تنهن جي درد ۾ سنڌي ٻولي جي وڏي شاعر شيخ اياز سنڌي ادب ۾ پهرين اوپيرا لکي. جنهن جون هيٺيون سٽون دودو جي عظمت جي ساک هن طرح ڏين ٿيون ته
جي تون وڙهندي وڙهندي ماريو ويندين
۽ ڌرتي تان واريو ويندين
دودا ! تنهنجو ساهه ته ويندو، پر ماڻهو جو ويساهه نه ويندو.
جڏهن دودو سومرو شهيد ٿي ويو. ان کان پوءِ جي منظرن بابت محمد سومار شيخ پنهنجي ڪتاب “روپا ماڙي” ۾ لکيو آهي ته روپا راڻي سام ٿي نه وئي هئي. ڇاڪاڻ ته هو سومري نه پر گجر هئي. تنهن دودو سومرو جي شهادت کان پوءِ روپا ماڙي کي باهه ڏيئي ڇڏي ۽ پاڻ به جلي مري وئي. ۽ سام ٿي ويل سومرين جي پويان علاوالدين خلجي جو لشڪر ابڙي سمي ڏانهن سامن ۽ سومرن پويان ڪاهيندو ڪڇ به پهتو. جتي سومرين رب جليل کان لشڪر مٿان چڙهي اچڻ سبب بارگاهه الاهي ۾ ٻاڏايو، ڌرتي ڦاٽي پئي، سومريون تنهن اندر هليون ويون. ان ماڳ کي “ستين جو ماڳ” چئجي ٿو. جتي سومرا اڄ به وڃن ٿا. روپا ماڙي ۾ اڳي 14 چيٽ ۽ هاڻي اپريل مهيني جي مختلف تاريخن تي شهيد دودو سومرو جو ساليانو عرس ٿئي ٿو. جڏهن ٽرانسپورٽ ڪونه هئي. تڏهن ڏاڏيون سومريون بيل گاڏين جي جاٽ “قطار” ذريعي اينديون هيون ۽ هن قسم جا اداس گيت ڳائينديون اينديون هيون ته؛
ماني جو لولو کائيجا، ٻاجھري جو لولو کائيجا،
سرتيون طعنو نه ڏجا، ڪڇ ڪوٽ هلنديون سين،
ڪوهه ڄاڻان ڪهڙي ملڪ ويا.
تاريخ لکي ٿي ته، دودي سومري جي شهادت کان اڳ ان جنگ ۾ سنڌ جو ٻچو ٻچو ڌارين سان وڙهيو هو. ۽ پوءِ ريٻاري قبيلي جي عورتن، ٻارن ۽ مردن صدين تائين دودو جي شهادت جي ڏک ۾ پنهنجي شادين ۾ به ڪارا ويس پاتا. جن کي اها سوڳ ولي ڀائي سومري 70 واري ڏهاڪي ۾ ٽنڊي باگي اچي سنڌ جي ريٻارين کي ڪٺو ڪري، ڪارا ويس ۽ سوڳ ختم ڪرايو. پر ان ڪٺ ۾ ننگر پارڪر جا ريٻاري شريڪ نه ٿيا ۽ انهن اڄ به سوڳ ختم نه ڪئي آهي. ريٻارين جيان دودو جي شهادت کان پوءِ سومرين به سوڳ سبب پنهنجي نڪ ۾ وري بولا نه پاتا آهن. روپا ماڙي واري بستي اڄ به ساڙيل نظر اچي ٿي. سنڌ جي هن قديم آثار روپا ماڙي کي نامعلوم شرپسندن مسمار ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي هئي. روپا ماڙي ۾ دودو سومرو جي مزار سامهون هڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي تپو چور هڏي تعلقو بدين ۾ چنيسر جي قبر به موجود آهي. وڳهه ڪوٽ 14 آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي ورهاڱي سبب هندستان جي حد ۾ اچي ويو. روپا ماڙي وٽان گذرندڙ ريڻ جو وهڪرو به بيهي ويو ته پراڻ به سڪي ٺوٺ ٿي وئي. ريڻ تي روپا ماڙي وٽان بيٺل ڪنڊي جو وڻ به سڪي ويو آهي.