ثمينه ميمڻ ثمينه ميمڻ 6 مئي 1965ع تي مورو ۾ جنم ورتو. هن سنڌ يونيورسٽي مان ماس ڪميونيڪشن ۾ ڊگري حاصل ڪئي، سا پنهنجي ئي چونڊيل شعبي ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان نڪرندڙ رسالي مهراڻ جي ايڊيٽر ٿي ته، هن به پاڻ کان اڳ ان ئي رسالي جي ايڊيٽر بورڊ جي سيڪريٽري رهندڙ مرحوم شمشيرالحيدري جي مرتئي تي سندس خدمتن بابت يادگار مهراڻ نمبر شمشيرالحيدري جي نالي سان شايع ڪيو. نه رڳو اهو پر 2011ع کان جڏهن هو مهراڻ رسالي جي ايڊيٽر ٿي ته، هن 2011ع کان مهراڻ رسالي ۾ طالب الموليٰ نمبر ۽ محمد عثمان ڏيپلائي نمبر به شايع ڪرايا آهن. ننڍپڻ ۾ کيس پنهنجي امڙ صاحب خاتون آکاڻيون، گيت، جنگ نامو، مولود ٻڌائيندي هئي ۽ کيس پنهنجي هٿن سان ماني پچائي کارائيندي هئي ۽ هر روز اسڪول کان موٽڻ بعد زور به ڏيندي هئي. ثمينه لاءِ پنهنجي هٿ سان ڀرت ڀري وڳو به تيار ڪيائين جيڪو هن وٽ اڄ به موجود آهي. ثمينه ننڍپڻ ۾ لوڪ ادب جا ڪتاب پنهنجي ماءُ وٽ پڙهيا. اتي ادبي ڪتاب ۽ نجمه پنهور سان گڏ رسالا پڙهندي هن هڪ ڪهاڻي لکي. جنهن تي کيس پذيرائي سميت انعام به مليو. جنهن کيس لکڻ جي دنيا ۾ اهڙو جڪڙيو جو هو پنهنجي جند به ارپي ويٺي. سماج جي ناڪاري رويي ۽ اجائي تنقيد جي باوجود هن ڪڏهن به همٿ نه هاري آهي. هر گھڙي بهتر کان بهتر سوچ ۽ ڪاوش سبب هو مهراڻ جهڙي ادبي رسالي جي ايڊيٽر بني. هوءُ ڪنهن به طوفاني گهڙي ۾ به پاڻ کي سنڀالي اڳتي ۽ بهتري لاءِ وکون کڻندي رهي آهي. هن دل جي سچائي ۽ ايمانداري سان وکون کنيون آهن. هو عورتن جي ذميوار ڪردار ۽ پنهنجي ڪم تي فخر محسوس ڪري ٿي ته، عورت ٿي ڪري هن گھر ۽ اداري کي گھربل وقت ڏنو، پر ان سان سندس گهمڻ يا سهيلين کي وقت ڏيڻ ۾ ڪمي ضرور محسوس ڪري ٿي. ڪنهن تي ڪڏهن بوج نٿي ٿئي ۽ اجائي ڪنهن جي گلا به نٿي ڪري، اهو سڀ ڪجهه هن جي تعليم ۽ گهر ۽ خاندان ۾ ادبي ماحول هجڻ سبب پلئه پيو اٿس. سندس شاعري ۾ جيڪو خيال آهي ۽ درد کي لڪائي ڇڏڻ جو ڪهڙو به خيال سندس هيٺين شاعري ۾ پيش ڪيو اٿس؛ مرڪي مرڪي درد سمورو، دل ئي دل ۾ لڪائي ڇڏبو، ڪير ڏکي ٿئي ڇو مان چاهيان، صبر جو ڏيئو جلائي ڇڏبو، جنهن پل مون وٽ ايندين، روئي پاڻ کلائي ڇڏبو، تنهنجي ياد کي ڪن لمحن لاءِ، حڪم تنهنجي سان ڀلائي ڇڏبو.