ملوڪان ڪنڀار ٿر جي اڃايل زندگي جي هڪڙي ڳوٺ سوڀاري شاهه ۾ جهوپڙي نما چئونري ۾ رهي ته، مائي ملوڪان ڪنڀار حياتي جا ڏينهن تتل ڪاڙهن ۾ ڪڙهندي به گذاريا. هو جڏهن عمر جي آخري ايامن ۾ داخل ٿي ته، کيس سڀ ڏاڏي ملوڪان جي نالي سان سڏيندا هئا. ڏاڏي ملوڪان جي چئونري ۾ هڪ منجي، دلو، ديڳڙي، ڏوئي، ٻه ٽي مٽي جا پڪل مٽ هڪ ٻي مٿان رکيل هوندا هئا. جن مان هڪ ۾ سندس ڪپڙا، ٻي ۾ گهر جو سيدو ۽ ٽي ۾ پئسا پيل هوندا هئا. پاڻ وسڪاري جي ڏينهن ۾ پنهنجي ٻني ٻاري جو ڪم ڪندي هئي. باقي ڏينهن مٽي جا ٿانءَ ٺاهي، انهن تي جڏهن چٽ ڪڍندي هئي ته، اهي فائن آرٽس جو نادر نمونو لڳندا هئا. هو ڪنهن اسڪول ۾ ڪون پڙهي هئي پر پنهنجي آهتين جي ڳوٺ سميت اوسي پاسي واري ڳوٺن ۾ مٽي جا ٿانءَ گڏهه تي کڻي وڪرو ڪندي هئي. ڪنهن آهتي جي ڪاڄ يا پٽ ڄمڻ جي خوشي مهل ٿانوءَ کڻي پهچي ويندي هئي. ٿانوءَ پچائڻ واري آوي لاءِ ڪاٺيون ۽ ڇيڻا به خود پئي چونڊيندي هئي. سنڌي گيهه، مکڻ، ٻاجهر، جوئر جي ان جا نج کاڌا کائيندي هئي. بخار، کنگهه، زڪام جي بيماري جو علاج پراڻي ڏسن طور ڪندي هئي. سڀني کي سچ چئي ڏيندي هئي. ڪنهن جي گلا ڪون ڪندي هئي ۽ نه ڪنهن جي گلا ٻڌندي هئي. ڪوڙ ۽ گلا سبب پنهنجي نهرن سان به اٽڪي پوندي هئي ته، وڏي مهمان نواز ۽ پنج وقت نماز جي پابند هئي. پاڙي ۾ ڪا عورت فوت ٿي ويندي هئي ته، ان جي غسل ۽ ڪفن سبڻ تائين هر ڪم ذميواري سان نڀائيندي هئي. جيڪا پونجي هن پائي پائي ڪري گڏ ڪئي هئي. ان جواستمعال ائين به ڪندي هئي ته، سندس ڳوٺ يا ڀرواري ڳوٺن جي ڪنهن به ماڻهو کي ڪا مشڪل ٿيندي هئي ته، پئسا ڏاڏي ملوڪان ڪنڀار بنا وياج جي ڏيندي هئي. هو ڪولهين، ڀيلن ۽ ميگهواڙن مان جيڪي انتهائي غريب هوندا هئا ته، انهن کي اناج به ڏيندي هئي. پنهنجي گهر ۾ هٽ به هلائيندي هئي ۽ جنڊ به پيهندي هئي. مڙس جي فوت ٿيڻ بعد اڪيلي رهندي هئي. پٽن جا گهر سندس چئونري جي ڀرسان هوندا هئا. هو لباس ۾ گج ۽ پڙو پائيندي هئي. ملوڪان ڪنڀار اربابن جي ترائي واري ڳوٺ ۾ حاجي ڪنڀار جي گهر ۾ جنم ورتو. 15 سالن جي ڄمار ۾ سندس شادي ٿي. هو جڏهن سو سالن جي ڄمار ۾ پهتي. پوءِ به پئي ڪم ڪار ڪندي هئي. ڪڏهن به ورچي نه ويٺي، 4 ڊسمبر 2012ع ۾ وفات ڪيائين. هن جي انسان دوستي جون ڳالهيون اڄ به پنهنجي علائقي ۾ مشهور آهن.