هڪ سدا بهار ڪتاب
بنا شڪ جي “ڪائنات جي عورت” ته ساڳي ئي آهي، پر “اولهه جي عورت” ۽ “اوڀر جي عورت يعني سنڌ جي عورت” تاريخي ارتقائي حقيقت ڏسجي ته اُها ڪا گھڻي جدا ڪونه آهي ۽ جُدا آهي به سهي ! جُدا ڪونه آهي جو مطلب هي ٿيو ته ٻنهي جي اوسر ذري گھٽ ساڳين رُخن ۾ ٿي آهي. اهو اونداهيءَ کان روشني ۾ ظاهر ٿيڻ جو مرحلو ساڳيو آهي. جُدا آهي به سهي، جو مقصد اهو آهي ته دنيا جي ٻي عورت جي تاريخ محققن ڪافي ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته سنڌ جي عورت جي گھڻي تاريخ گمناميءَ جي ور چڙهيل آهي. سماجي پابندين کان مذهبي ضابطن، ريتن تائين جدا نفسياتي انداز ۾ سنڌ جي عورت ساهه کنيو آهي. دنيا جي عورت جي سفر ۽ تاريخ کي اسان ڪڏهن هيروڊوٽس جي ڪتابن ۾، ڪڏهن ول ڊيورانٽ جي ڪتابن ۾، ڪڏهن رچرڊبرٽن جي تحريرن ۾، ڪڏهن برٽينڊرسل جي مضمونن ۾، ڪڏهن رجنيش اوشو جي ليڪچرن ۾، ڪڏهن اينگلس جي ڪتاب “ڪٽنب، ذاتي ملڪيت ۽ رياست” ۾، ڪڏهن سبطِ حسن جي ڪتاب “ماضي ڪي مزار” ۾، ڪڏهن علي عباس جلال پوري جي ڪتاب “رسوم القوام” ۾، ڪڏهن “تاريخ انسان” ۾، ڪڏهن افلاطون جي راين ۾ ، ڪڏهن ڊاڪٽر مبارڪ علي جي ڪتاب“عورت تاريخ ڪي آئني ۾” پڙهي ڄاڻي وٺون ٿا. پر سنڌ جي عورت جي تاريخ اسان کي گھٽ ملي ٿي.
اُن جا بنيادي سبب هي آهن ته، سنڌ ۾ هن وقت قديم سنڌي ماڻهن سان گڏ پوئين هڪ هزار سالن ۾ نسلي طور ٻاهران آيل قومن ۽ قبيلن جون شاخون به موجود آهن. ان ڪري سنڌي عورت جي مڪمل تاريخ جي ڄاڻ حاصل هئڻ يا سمجھڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي!
ٻيو اهم سبب هي به آهي ته بنيادي طور تي سنڌ حياءُ جي سرزمين آهي، جتي بقول ڀٽائي جي “حياءُ جي حُسن کان سواءِ هلي به نٿو سگھجي.” ان ڌرتيءَ تي کنيل عورت کي به “ٻانهن کڄي وڃڻ” جي مهذب لفظن ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو. حياءُ برقرار رهڻ واري نظريي ۾ ٿيو ائين آهي جو لڄادار عورتن جي هڪڙي زبردست تاريخ به گم ٿي رهجي وئي آهي. جنهن جو ڪڏهن ڪڏهن ڪو کاهوڙي پير کڻي ڪو ورق لکي ٿو ته واه، نه ته مڙئي ماٺ آهي.
منهنجي انتهائي پياري عثمان راهوڪڙي پنهنجي نئين لکيل ڪتاب “سون سريکيون عورتون” تي ويچار ونڊڻ جي نينڊ ڏني آهي، جيڪو هُن ڪجھه سالن جي لڳاتار محنت کانپوءِ مڪمل ڪيو آهي. ڪتاب جا ورق پڙهي اهو احساس جاڳيو آهي ته هِن ڪاپڙيءَ وڏو اهم تحقيقي ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. هي ڪتاب ويساهه آهي ته ڪڏهن به ڪونه پوڙهو ٿيندو، نه ئي مرندو، هي جيئرو رهڻ وارو پورهيو آهي. هِن کي ڪابه اُڏوهي ڪونه کائي سگھندي.
سوچيان ٿو هِن سماج ۾ ڪو پئسي جي لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪري ٿو، ڪو عهدي لاءِ واچوڙي وانگي سرگرم رهي ٿو، ڪو ڪنهن انسان کي پٿر هڻڻ لاءِ ٻانهُون کُنجي ٻاهر نڪري ٿو، ڪو ڦُر لاءِ هٿوراڙيون هڻي ٿو، ته ڪو وري اقتدارين جون وڃي زبان سان جُتيون چٽي صاف ڪري ٿو، پر ورلي ڪو ماڻهو ڪنهن ڪتاب کي ڳولي ٿو يا لطيف ۽ سچل کي دل ۾ رکي ٿو، يا پنهنجي ڌرتيءَ جي گُم ٿيل ڪردارن کي ڳولڻ لاءِ پيرن کان پنڌ ڪرائي ٿو ۽ ان ڳولا ۾ پنهنجي مُوڙيءَ سيڙائي ٿو!
آئون جڏهن لاڙ جي بيباڪ کاهوڙي انسان، سيڪيولر سنڌ دوست سُريلي ليکڪ ۽ جلد نروار ٿي متاثر ڪندڙ محقق عثمان راهوڪڙي کي ڏسان ٿو مون کي شيخ اياز جي شاعريءَ ياد اچي ٿي، اياز 1965ع ڌاري هڪڙي شاهڪار غزل ۾ اهو سوال ڪيو هو ته : ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
پير پٽيءَ تي ناهي تُنهنجو، ڪهڙو تنهنجو ماڳ،
رستي مان نڪتا سئو رستا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
هي سئو رستن جي مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿيل عثمان راهوڪڙي جو پنڌ ۽ قلم اسان کي اِن سوال جي جواب ۾ ڄڻ ٻُڌائي ٿو ته : “آئون هن رستن ۾ سون ڪونه ٿو ڳوليان، پر سنڌ جي محبوب مٽيءَ مان جُڙيل اُنهن عظيم عورتن جي ڪردارن کي ٿو ڳوليان، جن اهو ويساهه ارپيو آهي ته وجود ۾ ساهه کڻڻ جو سبب به آهي، انسانيت ۽ عشق کي ڪا خوشبوءِ به آهي. ”
ڏسو هن کاهوڙي کان وڌيڪ سرمائيدار سنڌي ته ٻيا به ويٺا آهن، پر انهن ڪڏهن به دودي سومري تي گل ڪونه اچي ڇٽڪاريا آهن، انهن ڪڏهن ڪاهوءِ جي دڙي کي اچي ڪونهي نهاريو! هن سيلاني جيڪڏهن انهن ماڳن ۽ ڪردارن جي مالڪيءَ ڪئي آهي ته اهو هن جي عشق جو ڪمال آهي. ڌرتيءَ سان عشق جو اهو دلبر مثال آهي. عثمان راهوڪڙو سنجيده نثرنگار ٿي نشانبر ٿيو آهي، ٻه ڪتاب اڳي به لکيا اٿس، پر هي ڪتاب انهن جي ڀيٽ ۾ گھڻو وزني ۽ شاندار آهي. هي ڪتاب چٽو ڪري ٿو ته ، ٿر جي وڏي ڀٽ تي راڻي ريٻارڻ ڪيئن وڃي هڪ قبر ۾ تبديل ٿي هئي! هي ڪتاب ڄاڻائي ٿو ته، لاڙ جي نياڻي سهند اڍيجو ولرن ۽ وڻجارن کي ڪهڙو مان ڏيندي هئي، ۽ ڪيئن غريب نياڻين جي ڪاڄ ۾ لوڪ گيت اُڏاريندي هئي! هي ڪتاب پڌرو ڪري ٿو ته آمي ابڙو ڇا هئي؟ ۽ لاڙ جي حاجران ڦُلڻ اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي ڪيئن راڄن جا نبيرا ڪندي هئي! هي ڪتاب انهن بهادر عورتن جي سدا حيات ڪردارن تي روشنيءَ وجھي ٿو، جن حُر گوريلا تحريڪ ۾ پنهنجو رت ست شامل ڪيو هو.انهن مانائتي عورتن ۾ ڪا راڻي ٺڪر به هئي، جنهن جي هاڻ قبر جو به ڪنهن کي پتو ناهي! هي ڪتاب اهو به اوري ٿو ته سنڌ جي تهذيبي ساز بوڙينڊو کي جواڻ رکندڙ امر سازندي ميرمحمدلُنڊ هڪ سيبتي عورت سونيءَ لُنڊ مان جنم ورتو هو، جيڪا سگھڙ هئي، سخي هئي، هي پيار سان لکيل پيارو ڪتاب اها ڄاڻ جي کٿوريءَ به اسان تائين پهچائي ٿو ته، لطيف جي ڳايل مائي موکيءَ جو آستانو جنهن رستي تي هو، ان ئي رستي تان سسئي جي رتائين پيرن به پنڌ ڪيو هو! اهائي واٽ لاهوتين جي گذرگاهه به رهي آهي، هن ڪتاب سنڌ جي نئين سنبارا سُهائي ابڙو کي به ياد ڪيو آهي، ته ان سان گڏوگڏ هن ڪتاب جو ڪارائتو حصو تعليم ، نثر ۽ شاعريءَ جي ميدانن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ عورتن جي ڪردار، فن ۽ فڪر کي به نروار ڪري ٿو. جنهن جو سنڌ جي پهرين شاعره مرکان شيخڻ به حصو آهي. عثمان راهوڪڙي هن ڪتاب ۾ سنڌ جي نيم ڪلاسيڪي داستانن کي ڪافي سنواري ۽ ڇنڊي ڦوڪي پيش ڪيو آهي. صابل کان راڄسين سومراڻي ۽ نوريءَ شڪارڻ جي عشق تائين، سنڌ راڻي کان ليلان جي جلون تائين، روپاراڻي جي حُسناڪيءَ کان دودي جي شهادت تائين، لاڄان جتڻ کان سنڌ جي مياڻين ۽ پتڻن تائين، راجا تُوت جي وحشيءَ نظرن کان هيسيل حسين ڇوڪريءَ پرماڻ جي نگاهن تائين، عشق جي الستيءَ آواز پويان شرط ۾ ڪوٽ اڏيندڙ ڇتي جي سگهارن هٿن کان کيرئين جي مستان مُرڪ تائين، عشقيا توڙي اهم داستانن کي هُن پوري جذبي ۽ گھرائي سان لکيو آهي. اهم ڳالهه اها آهي ته هُن ڪيئي اهم ڪردار سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پڌرا ڪيا آهن. جيڪي اڳ ڪڏهن به ناهن لکيا ويا. عثمان راهوڪڙي نئين معلومات کي اسان سان ونڊيو آهي. هُن پنهنجي هن جاکوڙي ڪتاب ۾ سنڌ جي انهن بهترين فنڪارن جو به ذڪر دل سان ڪيو آهي، جن غريب فنڪارائن ڪڏهن به پنهنجو فن ۽ آواز پئسن تي ڪونه وڪيو! انهن مشهور فنڪارائن جي اڪثريت جا پونير اڄ به سنڌ ۾ ڏکي زندگي گذاريندڙ آهن. هتي اهو به چوڻ چاهيندس ته سنڌيءَ ۾ هن کان اڳ به ڪيئي ڪتاب سنڌ جي عورتن جي تاريخي ڪردارن تي لکيا ويا آهن. انهن گھڻو ڪري اهم ۽ تعليم يافته، علم، ادب، فن سان لاڳاپيل عورتن کي فوڪس ڪيو آهي. پر هن ڪتاب جي خاصيت ۽ انفراديت اها آهي جو هن ڪتاب ۾ ليکڪ عام عورتن ۽ گمنام رهيل عورتن کي پوري اهميت سان پيش ڪيو آهي. ليکڪ جي ٻولي جي چس ۽ خوبصورتي جي تعريف ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿو سگھجي.
دل اهو تسليم ڪري ٿي ته، هي سڄاڻ ڪردارن جي تاريخ، انهن وحشي حملي آورن، تهذيبن کي تاراج ڪندڙ فاتحن جي ورقن کان وڌيڪ معتبر آهي، ڇو جو انهن دنيا کي درد کانسواءِ ڪجهه ڪونه ڏنو ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو شيڪسپيئر جھڙي بلند شاعر کي به پنهنجي ڊرامي هيمليٽ ۾ اهو لکڻو پئجي ويو ته “شهنشاهه قيصر مري ويو ۽ سندس هڏا به مٽي ٿي ويا، اها مٽي جيڪر هينئر شايد هڪ سوراخ بند ڪرڻ جي ڪم اچي ته جيئن هوا کي روڪي سگھجي. ڪاش ! ڌرتيءَ جي انهن جوڌن جي مٽي جن دنيا ۾ ڌاڪو ڄمايو هو، ايتري ميسر ٿئي ها جو ان مان ديوار اُڀي ڪري سياري جو اولو ڪري سگھجي ها.”
عثمان راهوڪڙي سنڌ جي ڪيئي صدين ۾ به جھاتي پائي موتيءَ ميڙيا آهن، ته جديد دور مان به مشڪ کي ڳولي هٿ ڪيو آهي. اهائي هِن ڪتاب جي اهم ڪاميابيءَ به چئي سگھجي ٿي.
اسان جي سماج زمانن کان عورت کي غلام ۽ جاهل رکيو، پر تاريخ جو پلاند ته ڏسو عورت جي غلامي خود سماج کي صديون پوئتي اُڇلي ڇڏيو آهي. اسان کي اڄ تاريخ جي ان مغرور فيصلي تي ڪابه اچرج نه اچڻ گھرجي ته ڪلهه هن سماج ۾ ماءُ کان راءِ وٺڻ عيب سمجھيو ويندو هو. ۽ اڄ عورت جي راءِ معتبر ليکي وڃي ٿي.
هي ڪتاب پڙهي آئون عظيم انگريز شاعر شيڪسپيئر جي هِن جملي تي ڳاڙهيءَ مارڪر جي ليڪ ڏيڻ پسند ڪندس ته : “عورت تنهنجو ٻيو نالو بي وفائي آهي” (شيڪسپيئر)
عثمان راهوڪڙي جي نواڻ سان واسيل هي ڪاوش بيحد اهم ۽ ساراهه لائق آهي. ويساهه آهي ته هي ڪتاب مان ماڻيندو .
ايوب کوسو فيبروري 2017ع