شخصيتون ۽ خاڪا

سون سريکيون عورتون

تحقيقي مضمونن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو صحافي عثمان راهوڪڙو آهي.”سون سريکيون عورتون“ سنڌ جي کاهوڙي ليکڪ ۽ محقق عثمان راهوڪڙي جو ڏاڍو اهم ۽ ڪارائتو ڪتاب آهي. جنهن ۾ هن ٿر، لاڙ ۽ وچولي جي سدا حيات عورتن جي ڪردار کي دل سان اجاگر ڪيو آهي. هُن هڪڙي نئين تاريخ هن ڪتاب ذريعي قلمبند ڪئي آهي.
Title Cover of book سون سريکيون عورتون

مينا ڀيل

اسان جي سماج ۾ اُهي به ڏينهن هئا، جڏهن ڪٽنب ۽ قبيلن جون سربراهه عورتون هيون. پر جڏهن کان عورتن جي نڪ ۾ نٿ وجهي کين غلام ڪيو ويو. تڏهن کان اڄ تائين دنيا جي ڪافي ملڪن ۽ سماجن ۾ عورتون بااختيار آهن. اسان جي سنڌ جي سوسائٽي ۾ هن وقت تائين سورج جي روشني جيان مرداڻو سماج پوري آب ۽ تاب سان هلي رهيو آهي. هن سماج ۾ هن وقت ڪافي عورتن پنهنجي منفرد انداز ۽ ڪردارن سان پنهنجو مقام ٺاهيو آهي. انهن عورتن جي قطار مان هڪڙي عورت مينا ڀيل به آهي. جيڪا ٽنڊي باگي کان 10 ڪلوميٽر پري ڳوٺ ابريو ڏگو جي رهواسي خميسو ڀيل جي گهر ۾ ڄائي. هو غربت جي گهاڻي ۾ پيڙجندي رهي. ننڍپڻ ۾ اسڪول وڃڻ بجاءِ پنهنجي والد سان گڏ زرعي زمين ۾ پورهيو ڪرڻ لڳي. جتي هن سخت محنت ڪئي. عورت هجڻ جي باوجود مردن وارا ڪپڙا پهري پنهنجي والد سان گڏ ڪاڙهن ۾ پورهيو ڪندي رهي. چئن ڀائرن ۽ پنج ڀيڻن جي هن ڀيڻ جو جڏهن والد وفات ڪري ويو ته، هي پنهنجي گهر هلائڻ لاءِ ڀرجهلو ٿي وئي. هنن جو خاندان ابريو ڏگو مان لڏي وڃي ڳوٺ اي سي ۾ ويٺو. جتي مينا ڀيل زميندار رئيس عطا محمد جمالي جي زمين تي هارپو ڪرڻ لڳي. مينا ڀيل جي محنت، سچائي ۽ ايمانداري سبب زميندار رئيس عطا محمد جمالي پنهنجي سوين ايڪڙ زرعي زمين تي ڪمدار مقرر ڪيس. ڪمدار مقرر ٿيڻ بعد مينا ڀيل گهوڙي سواري سکڻ سميت ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل هلائڻ سکي. هٿيارن ۾ رپيٽر ۽ پسٽل هلائڻ سکي ورتائين. پاڻي جي کوٽ واري ڏينهن دوران هي ڪمدار عورت رات جو ڪهاڙي هٿ ۾ کڻي زمين تي جتي چڪر لڳائي ٿي. اتي پنهنجي برادري ۽ اوڙي پاڙي جي بيمارن کي به پنهنجي موٽرسائيڪل تي کڻي علاج لاءِ ٽنڊي باگي وٺي وڃي ٿي. اڻ پڙهيل هجڻ جي باوجود هارين جو حساب ۽ ڪتاب آڱرين جي مدد سان ڪري ٿي. هارين جي کڻت ۽ بچت جي حساب ۾ ٽڪي جي به ڀُل نه ٿي ڪري. مينا روزاني هارين جي ڪمن ۽ زمينداري ڪمن ۽ زميندار وٽ پنهنجي موٽرسائيڪل تي چڙهي ٽنڊي باگي اچي ٿي. هن جي هٿ ۾ موبائيل فون، ٻانهن ۾ واچ ۽ هٿ جي آڱرين ۾ منڊي پاتل هوندي آهي. هو مرداڻو لباس ۽ بوٽ پائي شهر ۾ جڏهن هلي ٿي، تڏهن ڪنهن کي به محسوس نٿو ٿئي ته هو عورت آهي. پنهنجي نرالي انداز سان جيئندڙ مينا ڀيل کي پنهنجي عمر ياد ڪون آهي. پر کيس محترمه بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت جو دور ياد آهي. هن شادي نه ڪئي آهي. کيس شادي جون آڇون به ٿيون پر هن انڪار ڪيو. هن جو پڊ جي مسئلي سميت ٻين ڪيترن معاملن تي دنگائي زميندارن ۽ پوليس سان به ڪيترا ڀيرا ٽڪر ٿيو آهي. هو عورتن جي ۽ غريبن جي ڀلائي لاءِ پنهنجو مثبت سماجي ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي. هن يونين ڪائونسل ڇٻرالو (سارنگ فقير) مان يوسي عورت ڪائونسلر طور فارم به ڀرايو هو. هو درد وندن جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ جاکوڙي پئي. هن جي دل ظلم تي باهه جيان ٻري ٿي. ۽ هر ناانصافي تي لڇي ٿي. هو زندگي جي ڪٺن راهن تي سفر ڪري رهي آهي.
مينا ريڊيو ٻڌي ۽ ٽي وي به ڏسي ٿي. ڪڏهن گيت به جهونگاريندي آهي. پر سگريٽ مٿان سگريٽ ڇڪي ٿي. شادين ۾ به مردن جي ڇني ۾ وڃي ٿي. سندس آواز مردن جيان ڳرو ۽ ڪڙڪ آهي. هن کي عورتن کان نفرت ته نه آهي، پر عورت هوندي هن کي مرداڻو سسٽم پسند آهي.

