شخصيتون ۽ خاڪا

سون سريکيون عورتون

تحقيقي مضمونن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو صحافي عثمان راهوڪڙو آهي.”سون سريکيون عورتون“ سنڌ جي کاهوڙي ليکڪ ۽ محقق عثمان راهوڪڙي جو ڏاڍو اهم ۽ ڪارائتو ڪتاب آهي. جنهن ۾ هن ٿر، لاڙ ۽ وچولي جي سدا حيات عورتن جي ڪردار کي دل سان اجاگر ڪيو آهي. هُن هڪڙي نئين تاريخ هن ڪتاب ذريعي قلمبند ڪئي آهي.
Title Cover of book سون سريکيون عورتون

آمي ابڙو

بدين شهر کان ٻه ڪلوميٽر اوڀرطرف مرکان جا پڊ آهن. اتان کان چار ڪلوميٽر اوڀر پاسي دڙي وارو ڳوٺ آهي. هي سنڌ جا اهي ڳوٺ آهن. جتي اهڙا ڪردار ملن ٿا. جن سان انوکيون ڪهاڻيون وابسته آهن. هتان کان جيڪا واٽ يا رستو هو. ان خشڪي واري رستي تان علاوالدين خلجي جي لشڪر کان وٺي، روپا جي راڻن ڀونگر بادشاهه، دودي ۽ روپا راڻي سميت ٻاگهل ٻائي، ڄام فيروز خان کان وٺي، سڪندر مقدوني جي فوجن سميت محمد بيگڙي ۽ ٻين اڻڳڻين جي پيرن جا نشان هن واٽ تان مٽيءَ جي مٽيءَ ٿي ويا. ريڻ جي اوڀر ۽ لوهاڻي يا ساڱري جي ڏکڻ طرف “مون سي ڏٺا ماءُ، جن ڏٺو پرينءَ کي، تنين سندءِ ڪا، ڪري نه سگهان ڳالهڙي” سلطان محمد زمان شاهه جي لنواريءَ شريف کان اوڀر طرف 6 ڪلوميٽرن تي شمشيرالحيدري ۽ سانوڻ فقير جي نندو شهر کان اولهه طرف 12 ڪلوميٽر جي پنڌ تي اُهو “دڙي وارو ڳوٺ” آهي. جتي انگريزن جي دور جي شروعاتي ڏينهن ۽ ميرن جي پڇاڙڪن ڏينهن دوران آمي ابڙو جي هاڪ هئي. ان وقت هوءُ هند ۽ سنڌ ۾ ان ڪري به مشهور ٿي. جو ڪوٽ لکپت، گجرات، ڀڄ، پڇم کان پيادل قافلا اُٺن، گهوڙن، بيل گاڏين جي ذريعي رحمڪي بازار، علي بندر کان ٿيندا، دڙي واري ڳوٺ وٽان گذري، هاڻوڪي بدين ۽ اڳي سانول پور کان لنگهي ڪي جوڻ، فتح باغ، اگهم ڪوٽ، پٽالا يا نيرون ڪوٽ ڏانهن ويندا هئا ته، ڪي وري کيرئين يا انڙڪوٽ، مهاتم طور، بٺورو، جاتي ۽ ننگرٺٺه ڏانهن ويندا هئا. ته ڪي ٺري، وهڻائي موري، جمالي ڦڙدو، تلهار ۽ ڪي ونگو، نهٽو، عمرڪوٽ ڏانهن رخ ڪندا هئا. پر سڀني جو گذرگاهه ڳوٺ دڙي وٽان ٿيندو هو. هوءَ گهڻو ڪري ڌنارن ۽ پنهوارن کان جتي مرکان جا لاڏا گيت ٻڌندا هئا. اتي ڍاٻو ڪرڻ عارضي رهڻ يعني ماني ٽڪي کائي، جانورن کي گاهه ۽ داڻو چاريندا هئا. هند ۽ سنڌ جا مسافر قافلا آمي ابڙو جي اوطاري تي اچي ترسندا هئا. انهن آيل قافلن جي مسافرن (راهگيرن) جي خاطري آمي خود ڪندي هئي. هو مسافرن کي کير، مکڻ، لسي سان سڳداسي چانورن جو مانيون به کارائيندي هئي ته،جانورن کي ان داڻو ۽ گاهه به ڏيندي هئي. سندس اوطاري تي مسافر 24 ڪلاڪ ٽڪيل هوندا هئا. مسافرن جي اهڙي اچ وڃ سبب آمي ابڙو دل کولي آيل مسافرن جي بنا ڪنهن لوڀ لالچ ۽ فرق جي خدمت ڪندي هئي. سندس مال مان ملندڙ کير، مکڻ، گيهه، لسي جتي مسافرن جي چاڪري لاءِ وقف ٿيل هوندا هئا. اتي زمين مان ٿيندڙ اناج به مسافرن لاءِ جهڙوڪر وقف هو. جيڪڏهن ڪنهن راڄ جي غريب غربي وٽ ان کٽو ته، آمي اڻ توريو ان مفت ۾ کيس ڏيئي ڇڏيندي هئي. راڄ ۾ لاچار ۽ بيمار جو آمي علاج ڪرائي دعائون کٽيندي هئي. ڊليوري دوران دائي مهيا ڪرڻ، ڪنهن غريب جي نياڻي کي ڏيج ڏيئي سندس شادي ڪرائڻ وارن گڻن جي ڪري آمي پنهنجي تر ۾ مشهور هئي. هن جي ست راڄي ۾ هلندي پڄندي ۽ وڏي عزت هئي. سندس اهڙي نيڪ نامي سبب راڄن جا ماڻهو سندس احترام ۽ عزت ڪندا هئا. آمي ڪنهن غريب ۽ لاچار سان ظلم برداشت نه ڪندي هئي. چور کائنس ڊڄندا هئا، پنهنجي تر مان ڪنهن جي به چوري ڪرڻ نه ڏيندي هئي. مظلومن جو ساٿ ڏيئي ڏاڍن سان وڙهي پوندي هئي. زندگي جي انساني گڻن مان هو گڻائتي عورت هئي. جنهن جي جيئري ته هاڪ هئي پر اڄ به دڙي وارو ڳوٺ سندس نالي سڏجي ٿو. ۽ ديهه ابڙي تي به سندس نالي پويان نالو پيو. 1947ع ۾ ورهاڱي جي لڪير سبب اهو خشڪي وارو رستو رحمڪي بازار وٽان جتي بند ٿيو. اتي 1932ع ۾ سنڌو درياءَ تي سکر ۾ بئراج قائم ٿيڻ سبب جتي درياءَ اڳي جيان بي لغامي وارو وهڻ بند ڪيو. اتي 1947ع بعد پڪا رستا به ٺهيا. جنهن ڪري فاصلا گهٽجي ويا ۽ خشڪي واري پيادل قافلن ۽ اٺن، گهوڙن ۽ بيل گاڏين سميت ڊگها پيادل سفر به ختم ٿي ويا. پر اڄ به لاڙ پٽ ۾ آمي ابڙو کي هن زماني جي ماڻهن به نه وساريو آهي. اُتي جڳ مشهور شاعر مولوي حاجي احمد ملاح به پنهنجي شاعري ۾ آمي جي ڳوٺ دڙي جو ذڪر ڪيو آهي.
وڃان ٿو ڳوٺ دڙي،
جتي ڳڙ جي چانهه ڪڙهي،
۽ ڳوٺ دڙي جي رهواسي شاعر الهه بچايو ابڙو جي شاعري ۾ به آمي ۽ ڳوٺ دڙي جو ذڪر آهي. ڳوٺ دڙي جو تاريخي پس منظر مشهور شاعر نعيم ابڙو جي والد رٽائرڊ استاد عبدالغني ابڙو ٻڌائيندي چيو ته هتي قديم ڪو شهر هو. جنهن ڪري هي ڳوٺ دڙي جي نالي سان سڏيو ويو. جڏهن آمي ڄائي ۽ ان جو نالو ٿيو ته انگريز سرڪار رڪارڊ ۾ آمي ابڙو ڳوٺ ڪيو. آمي ابڙو جي وفات ۽ سندس پڳ بابت عبدالغفور ابڙو ٻڌايو ته پاڻ 1936ع ڌاري وفات ڪئي. پنهنجي چڱ مڙسي واري پڳ وڏيري عبدالله ابڙو کي ٻڌرائي. عبدالله ابڙو جي وفات جي وفات بعد لاڙ جي سماٽ ذاتين جو چڱو مڙس جمعون ابڙو ٿيو. آمي ابڙو جو پٽ نور محمد جنهن جو پٽ عبدالحميد ابڙو مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري جو ڪاتب پڻ هو. آمي ابڙو ڪڇي لهجي واري سنڌي ٻولي ڳالهائيندي هئي. سندس مڙس جو نالو بچل هو. هن وقت دڙو ڳوٺ جو چڱو مڙس وڏيرو حاجي صديق ابڙو آهي. هن ڳوٺ ۾ اڪثريت پڙهيل لکيل ماڻهن جي آهي. هن ماڳ دڙي جو اصل نالو ڪهڙو هو، ان بابت تاريخ جي لکيل ڪتابن جا ورق خاموش آهن. پر آمي ابڙو جي سخا ۽ چڱاين جي ڳالهه اڄ به ڳوٺن ۾ ٿيندڙ ڪچهرين ۾ ڳائجي پئي. سندس نيڪ سيرت ۽ انساني ڀلائي لاءِ ڪيل عمل ۽ ڀلن گڻن سبب سندس نالو زمانن تائين پيو ڳائبو.
