سنڌ راڻي ۽ ٺري جو ماڳ
هتي تارا ٻائي جي دور کانپوء ٺري مان تخت محمد طور منتقل ٿيو. تختن ۽ بختن جون ڪهاڻيون پنهنجي جڳهه تي پر جڏهن محمد بن قاسم سنڌ تي چڙهائي ڪئي هئي ته، سندس فوج جهم جي پتڻ وٽان ٻيڙين ذريعي درياءَ اڪري ٺري کان گذري ڪارياڻو پهتي. جنهن کي تڏهن ڪارو پاڻي به چيو ويندو هو. ان ڀرسان کاري کٻڙلو ۾خيما کوڙيا. اتي راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي لشڪر ۾ ڇتي جنگ لڳي. محقق معمور يوسفاڻي جي خيال موجب راجا ڏاهر هتي شڪست کاڌي. هن پٽ جو ذڪر ساموئي ۽ ماموئي جي بيتن ۾ هن طرح سان اچي ٿو ته؛
جهيڙو لڳندو ڇهه پهر، کاٻڙلي کاري
سک وسندي سنڌڙي، مر مچي ماري
محمود غزنوي به هتي اچي جتن ۽ ملاحن سان جنگ ڪري سمنڊ تائين ويو هو. فاطمي ۽ غوث بهاءُالدين ذڪريا جي مبلغن ۾ وڏو ٽڪراءَ به ٿيو هو. جنهن جو ذڪر ڊاڪٽر مگسي پنهنجي لکيل تاريخ ۾ به ڪيو آهي. ڪتاب “سڪو سنڌو ڪنارا رُنا” سميت معمور يوسفاڻي جي ڪتابن ۾ به اهڙا حوالا ملن ٿا ته، محمود غزنوي ملاحن ۽ جتن جي ٻيڙن ۽ ٻيڙين تي ٻرندڙ تيرن سان حملو ڪيو هو.
سما دور ۾ ڄام جوڻي جوڻ کي اڏيو هو، سندس قبر ٺري ۾ سلطان اولياءُ يا شاهه ديواني جي قبرستان ڀرسان آهي. ارغونن ۽ ترخانن جي دورن ۾ به ٺري آباد هئي. ڪلهوڙن جي دور ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو هتي اچي منزل ڪئي هئي. حاڪم هندراڻي سان پرڻجي هتي پهتو هو، جنهن جي ڄڃ ۽ راڻي ڏسي مريم اڍيجو جي سهيلين کيس سنڌ سونيتي جو خطاب ڏنو ۽ کيس سهيلين چيو تون سونهن ۾ سنڌ سونيتي آهين، حاڪم جي راڻي کان سونهن ۽ سوڀيا ۾ وڌ آهين. جڏهن چاڪر خان کان اڍيجا ذات جي ماڻهن ڌيءُ جو سڱ گهريو ته هُن انڪار ڪيو. جنهن تي اڍيجن کيس چيو ته، پوءِ تون پنهنجي ڌيءُ حاڪم سنڌ کي ڏيندين ڇا؟ واري جملي راڄ جي چڱي مڙس چاڪر کي مڇرائي وڌو ۽ ان وقت حاڪم سنڌ ميان غلام نبي ڪلهوڙي جو دور شروع ٿي چڪو هو. ان مريم اڍيجو جي سونهن جي هاڪ ٻڌي اچي ٺري ۾ خيمان کوڙي راڄ کان سلامي ورتي. مريم کي ڏسڻ سان تماچي جيان موهجي پيو، ميان غلام نبي ڪلهوڙي وڏيري اڍيجي کان مريم جو سڱ گهريو، پر وڏيري انڪار ڪيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ موجب ميان وڏيري کي اٽڪل سان مارائي ڇڏيو ۽ پوءِ وڏيري جي پٽ سائينڏنو مجبور ٿي حاڪم سنڌ کي مريم جو سڱ ڏيڻو ڪيو پر مريم ننڍي هئي، ان ڪري سندس مڱڻي ڌام ڌوم سان ٿي، ۽ کيس حڪومت طرفان حاڪم سنڌ سنڌراڻي جو خطاب ڏنو. مڱڻي ٿيڻ بعد سنڌ راڻي ۽ سندس ڀاءُ تخت گاهه خدا آباد ۾ حاڪم سنڌ جي دعوتن تي وڃڻ لڳا، جتي سنڌ راڻي جي سونهن تي ان وقت تخت خداآباد جو سپهه سالار مير باگو خان ٽالپر ۽ حاڪم سنڌ جو چاچو ميان عبدالنبي ڏسڻ سان ٻئي ڄڻا موهجي پيا هئا. ميان غلام نبي جي حڪومت وڃڻ کانپوءِ ميان سرفراز ڪلهوڙو حاڪم ٿيو ته، ان به سنڌراڻي سان پرڻجڻ جو اعلان ڪيو پر ميرن ۽ ڪلهوڙن جي پاڻ ۾ اڻبڻت سبب سندن وچ ۾هالائي واري جنگ لڳي، ان دوران سنڌراڻي به ميرن وٽ سام ٿي وئي، ميرن ڪلهوڙن کان تخت ڦري ورتو. سنڌراڻي حاڪم مير فتح علي خان ٽالپر جي حويلي ۾ رهندي هئي، ان جي اک به سنڌراڻي جي نيڻن ۾ کتي پر ميرن فيصلو ڪيو ته، هي نڀاڳي عورت آهي، هن سان جيڪو به شادي ڪندو سو حڪومتي تخت ڇڏيندو. اهڙي فيصلي تي برطانيه جي جارج اٺين جيان ميرباگو خان ٽالپر حڪومتي عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪري، سنڌ راڻي سان پرڻو ڪيو، نينهن جو لانئون لهي هو مرڪزي تخت گاهه ڇڏي وڃي، ونگو ۾ مير ٺارو خان ٽالپر وٽ رهيو. جتي ول واري جنگ کانپوءِ مير ٺاري خان ٽالپر وڃي ميرپور خاص کي آباد ڪيو ۽ مير باگي خان ٽالپر پنهنجي نالي سان ٽنڊوباگو ڳوٺ ٻڌو. جتي سنڌ راڻي ۽ مير باگي خان ٽالپر جا حسين پل گذريا پي، پر اوچتو سنڌراڻي جي ڀاءُ سائينڏنو کي راڻي سوڍي هاڪڙي جي روهلڙي گهيڙ وٽ شڪار دوران مارائي وڌو، ان صدمي ۾ سنڌ راڻي ڦوهه جواني ۾ وفات ڪئي. سندس وصيت موجب ميرباگو خان ٽالپر کيس ٺري ۾ اباڻي قبرستان شاهه ديوانو ۾ دفن ڪرائي، سندس قبر سنگ مرمر جي ٻڌرائي، جيڪا هاڻي اجڙي وئي آهي. اڍيجا ذات جي بشير احمد اڍيجو ۽ فيض محمد اڍيجو موجب سنڌ راڻي جي ڀيڻ ڪريمان عرف ڪلان پڻ حسين هئي.
هن پٽ ۾ سنڌ جي تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر، پيٽارو ڪاليج جي باني تعليم جي ماهر رئيس الهه بخش نظاماڻي به هتي پيدا ٿيو. سندس پٽن مان رئيس علي اڪبر خان نظاماڻي سيڊا سنڌ جو ايڊوائيزر ۽ ماتلي مان 1985 ۾ ايم پي اي چونڊيو ويو. محمد شريف نظاماڻي چيف هائي وي ڊپارٽمينٽ سنڌ ٿي رهيو. عبدالرزاق عرف ناصر خان نظاماڻي ايڊوائيزر سنڌ رهيو، جيڪو هن وقت فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ جو اڳواڻ پڻ آهي. مرحوم خان محمد نظاماڻي ايسٽ پاڪستان اسيمبلي جو ميمبر رهيو هو. مرحوم مير محمد خان نظاماڻي راڳ جو ڄاڻو هو ۽ گل غيبي جو ميلو لڳائيندو هو، سندس پٽ محمد ايوب هن وقت شاهه ديواني جو ميلو لڳائيندو آهي. ٺري ۾ حر تحريڪ جا مشهور ڪردار رئيس دودو خان نظاماڻي ۽ ڪڪو خان نظاماڻي به پيدا ٿيا. هتي جو بشير احمد خان نظاماڻي مشهور آبادگار طور سڃاتو وڃي ٿو. هن وقت ٺري جو پراڻو شهر کنڊر بنجي ويو آهي. درياءَ به پنهنجو رخ مٽائي ويو نه وڻجارا رهيا، نه ڪا ڇلر ڇٽ رهي آهي. هن ماڳ جي قديم آثارن کي ڏسي هيئن لڳي ٿو ته؛
نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
پسيو بازاريون، هينئڙو لوڻ ٿئي.
(شاهه)