پرماڻ ۽ توت سومرا دور دوران لاڙ جي سيراڻي واري پٽ ۾ توت نالي هڪڙو اهڙو ظالم سردار چيو وڃي ٿو. جنهن جو راڄ ريڻ مان نڪرندڙ ڳٺي جي ڪناري تي هوندو هو. سندس دور ۾ اهو رواج هو ته، جنهن به عورت جي شادي ٿي ۽ ڄڃ هن جي ڪوٽ واري پتڻ وٽان گذري ته ڪنوار سهاڳ رات سندس ڪوٽ ۾ رهندي هئي. هن لاءِ عورتن جي عزت پائمال ڪرڻ ڪو مسئلو ئي ڪون هوندو هو. ان سمي مانڌر جي سيراڻي وارو ماڳ (جيڪو هن وقت به ننڍڙو شهر آهي) ۾ هڪ حسين ڇوڪري پرماڻ رهندي هئي. جنهن جو مڱڻو ڳٺي جي ٻي ڀر واري ڳوٺ ترائي ۾ ٿيو. جيڪو هن وقت ننڍڙو شهر آهي. جڏهن پرماڻ جو پرڻو ٿيو ته ڄڃ توت واري ڪوٽ واري پتڻ تي پهتي. ته اتي توت جي ماڻهن سندن رستا روڪ ڪئي ۽ کين چيو ته سهاڳ رات ڪنوار توت وٽ رهندي. جنهن تي گهوٽيتا ترارون ۽ ڀالا ڪڍي توت جي ماڻهن سامهان ٿيا. پر توت جا ماڻهو مٿن حاوي ٿي ويا. سموري ڄڃ کي چئوکنبو ٻڌي پرمان کي وٺي وڃي توت اڳيان پيش ڪيائون. راجا توت جون نگاهون جڏهن پرماڻ جي حسن تي پيون ته، هو بي قابو ٿي ويو ۽ سندس شيطاني حس ڪر کڻي پرماڻ ڏانهن وڌي. جنهن ڪري پرماڻ هڪل ڪري کيس روڪيو. پر راجا بکايل شينهن جيان کيس پنهنجي وحشي پڻي ۾ قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن تي پرماڻ پنهنجي لڄ بچائڻ خاطر چين جي ديوار جيان بنجي وئي. جنهن ڪري راجا توت تپي باهه ٿي ويو. جنهن ڪڏهن انڪار جي ٻولي ڪون ٻڌي هئي. تنهن سان هي عورت سينو ساهي بيهي رهي. ان ڪري توت مٿس چهبڪ جا وسڪارا لائي ڏنا. هر ڌڪ تي پرماڻ انڪار ٿي ڪيو. جڏهن هو نه جهڪي ته راجا هوش مان نڪري ويو ۽ پنهنجي ماڻهن هٿان سندس جسم چيرائي ان ۾ لوڻ ۽ مرچ ٻرڪايائين. جنهن ڪري هو دانهن ڪري ڌرتي تي ڪري ان تي وحشي وري به مٿس نگاهه وڌي. ته، هو ڊٺل هرڻي جيان اٿي ۽ وري به انڪار ڪيائين. ان تي ظالم مٿس وڌيڪ ظلم ڪيو. ۽ کيس رسن ۾ جڪڙي کيس وڌيڪ ايذاءُ ڏياريا. انهن ايذائن سبب پرماڻ جا پساهه پورا ٿي ويا. اڄ به مانڌر ۽ سيراڻي جي پٽ ۾ پرماڻ جي انڪار جون ڳالهيون پيون ڳائجن.