شخصيتون ۽ خاڪا

سون سريکيون عورتون

تحقيقي مضمونن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو صحافي عثمان راهوڪڙو آهي.”سون سريکيون عورتون“ سنڌ جي کاهوڙي ليکڪ ۽ محقق عثمان راهوڪڙي جو ڏاڍو اهم ۽ ڪارائتو ڪتاب آهي. جنهن ۾ هن ٿر، لاڙ ۽ وچولي جي سدا حيات عورتن جي ڪردار کي دل سان اجاگر ڪيو آهي. هُن هڪڙي نئين تاريخ هن ڪتاب ذريعي قلمبند ڪئي آهي.
Title Cover of book سون سريکيون عورتون

حاجران ڦلڻ

ٽنڊي باگي تعلقي جي اوڀر طرف اٽڪل 20 ڪلوميٽر پنڌ تي ليئر ڍنڍ لڳ ڦٽل شهر جا قديم آثار موجود آهن. جنهن بابت محقق شيخ محمد سومار ۽ مقامي ماڻهن جي راءِ آهي ته، اهو ماڳ ليلان ۽ چنيسر جو ليهور هو. جنهن کي انگريز دور ۾ غلطي سبب ليئر لکيو ويو. اهو ماڳ جنهن بابت کوجنا تمام گهٽ ٿي آهي. ان جي اوڀر طرف صرف هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي حاجران ڦلڻ جي نالي سان ڳوٺ آباد هو. سنڌ ۾ مرداڻي حاڪميت سبب عورتن جي نالي سان تمام گهٽ ڳوٺ آباد ٿيل آهن. پر حاجران ڦلڻ پنهنجي دور جي اهڙي عورت هئي. جيڪا اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي، اڇا ڪپڙا پائي ڏينهن جو نيٽ ۽ رات جو بندوق ڪلهي ۾ وجهي پنهنجي زمينن تي پاڻي جي چڪاس ڪرڻ ويندي هئي. سندس ٽن ديهن ۾ جاگير هئي. راڄوڻي فيصلن سميت چورين چڪارين جا فيصلا به سندس اوطاق تي ڪندي هئي. پنگريو، جهڏو ۽ ٽنڊي باگي ٿاڻي جا صوبيدار به وٽس اوطاري تي هلي ايندا هئا. ٿر سميت سندس پٽ جا سوين مسڪين ماڻهو سندس ڳوٺ ۾ رهندا هئا. حاجران جي والد جو نالو محمد عثمان ۽ سندس مڙس جو نالو عبدالله هو. کيس هڪ پٽ محمد نالي هو. ۽ کيس سوني نالي ڌيءُ هئي. جيڪا پنهون جت سان پرڻائي هئائين. سندس والد جي وفات بعد، زمينن، اٺن، مينهن، گهوڙن، ٻڪرين، رڍن سميت مال جي سنڀال خود ڪندي هئي. سندس ڳوٺ جا روال ملاح ۽ سومرو ملاح اربابن چوري جي الزام ۾ ڏيپلو ٿاڻي تي قيد ٿيا. جن کي اٺ تي چڙهي ڏيپلو مان وڃي آزاد ڪرايائين. حاجران پنگريو، جهڏو ۽ ٽنڊوباگو وڃي خود سامان وٺندي هئي. تڏهن ڪچو رستو هو. ۽ جهنگ گهڻو هو. رات جي وقت تي ماڻهن سان جهنگلي جانور وڙهندا هئا. پر حاجران ڪڏهن به ڊپ ۽ خوف نه ڪندي هئي. فيصلا امانتي ڪندي هئي ۽ فيصلي ۾ رياءَ نه ڪندي هئي. سندس ڳوٺ وٽان نار جي قديم ڇاڙ وهندي هئي. سندس اهڙي ته علائقي ۾ هاڪ ٿي جو اها چوڻي اها علائقي سميت سنڌ ۾ مشهور ٿي وئي آهي “ته ڪا حاجران ڦلڻ آهين ڇا؟” هو واقعي پنهنجي ايامڪاري دوران پنهنجي پٽ جو وڏو نالو هئي. هو دلير سان گڏ سخي به هئي. سندس اوطاري تي پيادل قافلا به اچي ٽڪندا هئا. انهن مسافرن جو ڀرجهلو ٿيندي هئي. “ٽنڊي باگي جي تاريخ” ڪتاب جي ليکڪ انور عباسي جنهن جو ننڍپڻ ڳوٺ عالي ڦل ۾ گذريو. ان حاجران بابت ٻڌايو ته سندس گهر اڳيان ٻيرن جا وڏا وڻ هئا. جتي روزاني هو ۽ ٻيا ٻار وڃي ٻير پٽي کائيندا هئا. حاجران ٻارن سان پيار ۽ پاٻوهه سان پيش ايندي هئي. انور چواڻي ته حاجران عمر جي آخري ايامن دوران پڻ ڏاڍي سهڻي لڳندي هئي. ليکڪ غلام شبير لغاري جو ڳوٺ به حاجران جي ڳوٺ ويجهو آهي. پاڻ 1970ع واري ڏهاڪي دوران ڳوٺ عالي ڦل جي سليمان ڦل جي گهر ۾ وفات ڪئي. سندس پڄاڻا سندس پٽ محمد ۽ پوٽن عثمان ۽ عبدالمجيد وارث ٿيا. هن وقت هڪڙو راڄو خاناڻي ۽ ٻيو بدين شهر ۾ رهي ٿو. اٺن واٽرن ۽ ٽن ديهن واري جاگير ختم ٿي وئي. ڳوٺ سليمان ڦل جي سهراب ڦل ٻڌايو ته هن وقت حاجران جي پوٽن وٽ صرف چار ايڪڙ زمين بچي آهي. ٻي جاگير ۽ حاجران جي گهر وارو پڊ هن وقت ويران ٿي ويو آهي. نه اهي ٻير جا وڻ رهيا آهن ۽ اهي وري اهو سندس وسندڙ اوتارو. بس هڪ ويران دڙو آهي. ۽ ان ويران دڙي لڳ نانگو شاهه جي قبرستان ديهه ڦل ۾ حاجران جي قبر موجود آهي. جنهن تي ڪوبه قطبو لکيل نه آهي. اسين جڏهن ان جي قبر تان ٿي واپس وري رهيا هئاسين ته سج اولهه طرف غائب ٿي رهيو هو. آهستي آهستي حاجران جي ڦٽل ۽ ويران دڙي ۾ اونڌهه جا پاڇولا پئجي رهيا هئا. مون ۽ انور چئوطرف ڏٺو نانگي شاهه جي سڪي ويل ڄارين جي لامن ۾ ڪوبه پن سائو نظر نه آيو.

