شخصيتون ۽ خاڪا

سون سريکيون عورتون

تحقيقي مضمونن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو صحافي عثمان راهوڪڙو آهي.”سون سريکيون عورتون“ سنڌ جي کاهوڙي ليکڪ ۽ محقق عثمان راهوڪڙي جو ڏاڍو اهم ۽ ڪارائتو ڪتاب آهي. جنهن ۾ هن ٿر، لاڙ ۽ وچولي جي سدا حيات عورتن جي ڪردار کي دل سان اجاگر ڪيو آهي. هُن هڪڙي نئين تاريخ هن ڪتاب ذريعي قلمبند ڪئي آهي.
Title Cover of book سون سريکيون عورتون

نوربانو گوپانگ

نوربانو گوپانگ ڳوٺ مٺو خان گوپانگ ۾ محمد سليمان جي گھر ۾ 1942ع ڌاري پيدا ٿي. ننڍي هوندي مال چاريندي جهنگ ۽ ٻنين ۾ دل وندرائڻ ۽ وقت گذارڻ لاءِ گهر جي عورتن کان ٻڌل لاڏا يا لوڪ گيت جهونگاريندي رهندي هئي. ۽ ڪجهه درجا پرائمري جا به پڙهي هئي. جڏهن سمجهه لائق ٿي ته، ڳوٺ جي شادين ۾ به گيت ڳائڻ لڳي. هن جو پيءُ هارپو ڪندو هو. جڏهن کائنس هارپ ڦري وئي ته، هو اباڻي ڳوٺ مان لڏي اچي تلهار شهر ويٺو. جتي هو ۽ سندس خاندان واريون عورتون تلهار جي مشهور سيد وڏل شاهه راشدي جي حويلي ۾ وينديون هيون. تڏهن 1965ع دوران سنڌ جا ٻه مشهور اديب ڀاءُ علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين راشدي به سيد وڏل شاهه راشدي وٽ تمام گهڻو ايندا ۽ ويندا هئا. ۽ تلهار ۾ ڏينهن جا ڏينهن اچي رهندا هئا. سيد وڏل شاهه راشدي جو پٽ زمان شاهه راشدي ريڊيو حيدرآباد ۾ پروگرام ڪندو هو. ان جڏهن نور بانو جو سُريلو آواز ٻڌو ته، کيس حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي وٺي ويو. ۽ نوربانو جي آواز ۾ لوڪ گيت رڪارڊ ڪرايائين. ۽ سندس صلاح تي نوربانو سندس عزيز حيات گوپانگ ۽ استاد مٺو ڪڇي کان گائيڪي جي فني تعليم حاصل ڪئي. سيد اصغر علي شاهه راشدي تلهار واري ٻڌايو ته، مرحوم پير حسام الدين راشدي اسان جي حويلي ۾ نوربانو گوپانگ جا گيت ٻڌندو هو. ريڊيو تان نوربانو گوپانگ جو ڳايل گيت؛
منهنجا مائٽ ايندا مونکي ڏوري ڏسندا اباڻا،
منهنجي مائٽن جونالا ٻوليون سڃاڻا.
ڏاڍو مقبول ٿيو. ان وقت نشري طور تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سگهاري آواز جو اهڙو ذريعو هو. جيڪو سنڌ جي شهر شهر ۽ گهر گھر ۾ مقبول هو. جئين ئي نوربانو مقبول ٿي گهر گهر ۽ شهر شهر ۾ سندس آواز جي گونج ٻڌي وئي. ۽ ڳوٺ مزار گوپانگ جي رهواسي محمد بخش گوپانگ جيڪو جمالي مائنر جو بيلدار هو. ان پنهنجي مائٽياڻي جي آواز جي هاڪ ٻڌي، ريڊيو ورتو. ۽ هڪ ڀيري جڏهن ريڊيو جي ڪنهن پروگرام ۾ نوربانو گوپانگ اهو گيت ڳاتو ته؛ حاڪم کڙي هان بنگلي دي نال. ان تي مرحوم محمد بخش کي ڪاوڙ اچي وئي، هن ريڊيو ڀڃي ڇڏيو. پوءِ کيس راڄ وارن سمجهايو ته اڙي بابا اهو ته، لوڪ گيت هو، فنڪار جو ته رڳو آواز آهي، شاعري ڪنهن ٻي جي آهي. تڏهن محمد بخش مرحوم کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي. ۽ ٻيهر وڃي ريڊيو ورتائين. نوربانو 1970ع کان وٺي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڳايو. ۽ پوءِ ڏهاڪن تائين شهر شهر ۾ سندس آواز جي هاڪ هئي. سندس ڳايل ڪافين، لوڪ گيتن ۽ قومي تراني سميت ملي نغمه، ڪلام به گهڻو مشهور ۽ مقبول ٿيا. جن ۾ سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي جي ڪافي ؛
ڏاڍا قرب ڏنئي احسان سڄڻ،
توتان جان ڪريان قربان سڄڻ،
ان جيان سچل سرمست جي ڪافي؛
اکيان ڙي الا الا وڃ بيوس لڳيان،
لڳيان جي ماهي تيڏي نال.
نوربانو گوپانگ کان مون ۽ منهنجي ماسات ليکڪ الهبچايو راهوڪڙو انٽرويو تلهار ۾ سندس گهر ۾ ڪيو. تڏهن نوربانو بيمار هئي. سندس جان محمد مڙس تلهار جي وارڊ نمبر 1 ۾ گهر اڳيان ديوين جون ڪاٺيون ۽ انهن مان اڱار ٺاهي وڪڻي رهيو هو. نوربانو اسان کي پنهنجي بيماري دوران علاج ڪرائڻ جيتري سگهه يا رقم نه هجڻ، ثقافت کاتي جي بي قدري بابت اکين ۾ لڙڪ آڻي ٻڌايو ته، کيس زندگي جي آخري ايام دوران ثقافت کاتي ۽ ريڊيو وارن به وساري ڇڏيو آهي. هن اسان کي چانهه پياري ۽ ماني کائڻ لاءِ زور ڀريو پر اسان ماني نه کاڌي. ۽ انٽرويو جي پڇاڙي دوران ڏڪندڙ هٿن ۽ لڙڪ هاريندي هن اسان کي اهو گيت جهونگاري ٻڌايو ته “ڪڪر ڇانو ڪجان منهنجي مٺڙي مارن تي” اهو انٽرويو ڪڪر ڇانو ڪجان منهنجي مارن تي. ڪاوش مئگزين ۾ شايع ٿيو هو. ۽ شايد نوربانو گوپانگ جي زندگي جو اهو يادگار انٽرويو هو. جيڪو 1994ع ۾ شايع ٿيو هو.
14 فيبروري 1999ع تي سنڌ جي لوڪ فنڪاره نوربانو گوپانگ ڪسمپرسي واري حالت ۾ وفات ڪري وئي، کيس تلهار جي حيدر شاهه لڪياري جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. آواز جي دنيا جي هن نرالي فنڪاره جي وري ڪا ياد نه ملهائي وئي آهي پر سندس آواز مرڻو ناهي. مارن ته کيس وساري ڇڏيو، پر هو پوءِ به چوندي وئي ته (ڪڪر ڇانو ڪجان منهنجي مٺڙي مارن تي). سندس ڌيءُ حميده گوپانگ پڻ سٺي فنڪاره آهي. وقت بدلجيو وڃي، لوڪ فنڪاره نوربانو گوپانگ جي يادن وارو گهر به 2011ع جي مها برساتي ٻوڏ ۾ ڊهي ويو آهي.

