مسمات نورل
چوي ٿو “يار تاريخدانن ته حر گوريلا ويڙهه کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي”.
“ ڪيئن؟” آئون کائنس سوال ڪريان ٿو.
چيائين ته “آئون بابي رازدار احمد ۽ ڏاڏي نورل جي ڪردار جي ڪهاڻي بيان ڪريان ٿو، پوءِ ليکڪ صاحب توهان پاڻ فيصلو ڪجو.” هن چيو ته “گڙنگ بنگلي تي پير سائين سردار جماعت کي گھرايو، غازين جا نالا لکيائين، وطن يا ڪفن آزادي يا موت جي نعري هيٺ جيڪي غازي حر مرشد جي حڪم تي وطن جي آجپي لاءِ فرنگي انگريز سامراج سان ويڙهه لاءِ تيار ٿين، سي پنهنجا نالا لکرائين. نالن جي فهرست ٺهي پير سائين حڪم ڪيو ته “ڏيئو وسايو جنهن کي وڃڻو هجي اهو هليو وڃي. ڪلاڪ کن بعد ٻيهر ڏيئو ٻاريو ويو، سڀ جانثار موجود هئا. خليفي احمد کي اهم ذميواري ڏني وئي. ان موقعي تي پير صاحب غازي حرن کي فرمايو ته “هن تحريڪ ۾ خليفي احمد جو حڪم منهنجو حڪم ڪري ڀانئجو. ائين ئي حر تحريڪ جي شروعات ٿي. پوءِ جڏهن حر گوريلا ڪاروايون وڌنديون ويون. انگريز سامراج بوکلائجي مرشد ائين ان جي غازي حرن مٿان ڪوڙا الزام مڙهي سرڪاري مشينري کي استمعال ڪري پروپيگينڊا شروع ڪئي ته حر ڌاڙيل آهن. ۽ انگريز سرڪار هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ جڏهن سورهيه بادشاهه کي گرفتار ڪري رتناگري جي جيل ۾ رکيو ته، رازدار احمد گيڙو ويس ڪري جوڳي بنجي مرليون وڄائيندي پڇا ڪندي وڃي، رتناگري جيل ۾ سورهيه بادشاهه سان مليو. اتي فقير بنجي قائد حر تحريڪ سان ملندو هو. وٽائنس حڪم وٺي سنڌ ۾ حرن کي حڪم ڏيڻ لاءِ خط ذريعي ٽنڊي باگي جي محمد يوسف کٽي جي ايڊريس تي ايندا هئا، اهي خط محمد يوسف کان صرف ماما مير محمد کڻي اچي رازدار احمد جي سالي مسمات نوران ڪوڊ موجب ڏاڏي نورل جي حوالي ڪندو هو، جيڪا حر گوريلن ميرو فقير نظاماڻي، هاشم کوسو، ميانداد سنجراڻي سميت احمد رازدار اڳ هدايتون وٺندڙ حرن کي هدايتون ڏيندي هئي. هن اوڀر طرف اشارو ڪندي چيو ته سامهون ٻٻرن جي هڙي هئي، جنهن ۾ حر گوريلن جو ٿاڪ هو، هو ڪاروايون ڪري ٻيهر اچي هڙي ۾ رهندا هئا. اسان جي ڳوٺ حرن جي ڳولا لاءِ سي آءِ ڊي محمد حسن فقير ٿي اچي رهيو. مليٽري ۽ پوليس اهلڪار هفتي پندرهين ڏينهن پيا ايندا هئا. رازدار احمد پنگريو ٿاڻي جي ڪجهه پوليس آفيسرن کي سندن پگهار کان ٻيڻي رقم هر مهيني ڏياري موڪليندو هو. ان ڪري پنگريو ٿاڻي جي پوليس حرن کي مشڪل گهڙين ۾ اڳواٽ آگاهي ڏيئي ڇڏيندي هئي. سي آءِ ڊي محمد حسن اسان جي ڳوٺ ۽ هڙي واري ٿاڪ ۾ رهندڙ حرن کي سڃاڻي نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته حر گوريلا به پينو فقير، ڪڏهن هاري ته، ڪڏهن ڌنار بنجي ڪڏهن هرلا پيا هلائيندا هئا ۽ پيا رهندا هئا. تر سميت سنڌ جا پير مير وڏيرا ۽ چغل خور به پيا حرن جي خلاف سرڪار وٽ پاڻ وڻائڻ لاءِ پيا چغليون هڻندا هئا. انهن مان هڪڙو اڪ نالي چغل خور هو. جنهن جي زبان مان هر وقت حرن خلاف زهر پيو اوڳاڇبو هو. ان جهڙي منفي ڪردار بابت خليفي احمد رازدار هن طرح ڪوڊ ۾ خط موڪليو ته “پنهنجي ٻني ۾ اڪ وڌي ويا آهن، انهن کي ختم ڪري ڇڏيو.” اهو خط ملڻ کان پوءِ ان اڪ کي ڳڀا ڳڀا ڪيو ويو. ائين ئي حر گوريلا بيل گاڏين تي پوش ٻڌي ان ۾ عورتون ويهاري گوريلا هٿيار هڪ ٿاڪ کان ٻي ٿاڪ تائين منتقل ڪندا هئا. رازدار احمد جي ٽولي جي گوريلن لاهور ميل ڪيرائي ان مان ڪابه ڦر نه ڪئي. تنهن کان پوءِ اهو پيغام ويو ته، هي گوريلا ڌاڙيل يا ڦورو ناهن. رتنا گيري ۾ رازدار احمد جي سرگرمين تي سرڪار نظر رکي کيس گرفتار ڪيو. پوءِ به هو جيل مان به ڳجها خط مسمات نوران ڏانهن موڪليندو هو. فقير مراد علي وڌيڪ ٻڌايو ته، منهنجي پڙڏاڏي خليفي غلام نبي پير سائين پاڳاري جي جماعت ۾ فرق جو بنياد رکيو. فرق وارا فقير هڪ الله، هڪ رسول ۽ هڪ مرشد کي مڃين ٿا. انهن سالم جماعت جي فقيرن سان پنهنجا رشتا ۽ ناتا به ٽوڙي ڇڏيا. هن ٻڌايو جيڪي غازي حر شهيد ٿيا ۽ ٻيا انڊومان جي ٻيٽن ڏانهن موڪليا ويا. هزارين جيلن ۽ لوڙهن ۾ واڙيا ويا، سي گهڻي ڀاڱي فرق جماعت جا فقير ۽ انهن جا خاندان هئا. پر سالم جماعت وارا گهڻي ڀاڱي خاموش هئا. انهن جي وڏي انگ حر گوريلا تحريڪ ۾ حصو ڪون ورتو هو. مراد علي ٻڌايو ته، سندس والد مُک گوريلو اڳواڻ فقير احمد کير،دال، مکڻ ۽ لسي سان چانور ۽ چانورن جي ماني کائيندو هو. پاڻ اڇا ڪپڙا ۽ ترڪي ٽوپي پائيندو هو. جڏهن سورهيه بادشاهه کي 20 مارچ 1943ع تي انگريز سرڪار شهيد ڪيو. ان وقت خليفي احمد رتناگري جيل ۾ هو. پير صاحب جي شهادت بعد ڪافي سالن بعد کيس آزاد ڪيو ويو. قيام پاڪستان بعد جڏهن 1952ع ۾ گادي بحال ٿي ته مقرر ٿيل پاڳارو شاهه مردان شاهه ڇٽ ڌڻي رح ٻه راتيون ۽ ٻه ڏينهن اسان جي ڳوٺ اچي رهيو هو. پاڻ بابا کي چاچا چوندو هو. ۽ سورهيه بادشاهه بابت کائنس معلومات به وٺندو هو ۽ تاحيات بابا کي ڇٽ ڌڻي پنهنجي قريب رکيو. خليفي احمد کي 1970ع ۾ هٿن ۽ پيرن تي سوڄ جي بيماري ٿي، پاڻ ڊاڪٽر انور کان علاج ڪرائيندو هو. منهنجو وڏو ڀاءُ محمد رحيم روشن آباد جي ڳوٺ “سائينداد علياڻي” ۾ رهيو ٿي، جتي بابا 1970ع ۾ وفات ڪئي. سندس جنازو بيل گاڏي تي اباڻي ڳوٺ آندو ويو، جتي کيس خليفي غلام نبي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ جي حوالي ڪيو ويو. خليفو احمد انگريزي، سنڌي، اردو، گجراتي، فارسي ڄاڻندو هو. سندس وفات بعد ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ ڏاڏي نورل به وفات ڪري وئي. کيس به ساڳئي قبرستان ۾ دفنايو ويو. اڄ به هنن اهم گوريلا ڪردارن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته، اسان چئن ڀائرن مان ڪوبه فرق جماعت جو خليفو نه ٿيو. هن وقت منهنجو ڀائيٽو فقير گل احمد فرق جماعت جو اسسٽنٽ خليفو آهي. هن اوڀر طرف اشارو ڪندي چيو ته هاڻي اها هڙي به ختم ٿي وئي آهي، جتي حر گوريلا اچي رهندا هئا. هن چيو ته خليفي احمد ۽ ڏاڏي نورل جي ڪردار تي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز لکڻ گهرجي پر يار وطن يا ڪفن آزادي يا موت وارن تي ڪير لکندو.؟ هن ٿڌو شوڪارو ڀريو، سج لالاڻ ۾ هو ۽ آئون گوريلي جي پٽ جي اکين ۾ نهاري نه سگهيس.