شخصيتون ۽ خاڪا

سون سريکيون عورتون

تحقيقي مضمونن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو صحافي عثمان راهوڪڙو آهي.”سون سريکيون عورتون“ سنڌ جي کاهوڙي ليکڪ ۽ محقق عثمان راهوڪڙي جو ڏاڍو اهم ۽ ڪارائتو ڪتاب آهي. جنهن ۾ هن ٿر، لاڙ ۽ وچولي جي سدا حيات عورتن جي ڪردار کي دل سان اجاگر ڪيو آهي. هُن هڪڙي نئين تاريخ هن ڪتاب ذريعي قلمبند ڪئي آهي.
Title Cover of book سون سريکيون عورتون

مائي ڀاڳي

ٿر جي تتل واري ۽ اڃايل ڌرتي جي مشهور اديب محمد عثمان ڏيپلائي جي شهر ڏيپلو ۾ لنگها مڱڻهار پاڙي ۾ ٿر جي ڪوئل جو خطاب ماڻيندڙ مائي ڀاڳي جو جنم ٿيو. هن لوڪ گيتن جي گائيڪي ۾ پنهنجي مڌر آواز ذريعي هند توڙي سنڌ سميت دنيا ڀر ۾ رهندڙ سنڌين جي دلين ۾ مڃتا ماڻي. سندس آواز ۾ ٿر جي صدين جي صدا به گونجندي هئي ته “سمن سائين مان گولي غلام تنهنجي در جي” جهڙي پڪار به سمايل هئي. هو جڏهن ڪن تي هٿ رکي ڳائيندي هئي ته، ٺريل رات جا نيڻ به جاڳي پوندا هئا. کڙي نيم ڪي نيچي هون هيڪلي، جوڳي هڻي ڏي تون ڍارو، منهنجو ڪانگل آهي قرب وارو، آئون واٽون سدا ويٺي نهاريان، من منهنجا اباڻا اچن، ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور، مرلي واري من موهيو ڙي الا جهڙا ڪلام ڳايا ۽ ڄارين ۾ ڄايس الا گيت ڳائي پنهنجي اباڻي اجهي ۽ زندگي جي اجهاڳ ڀٽن جيتري ڏکن جي عڪاسي ڪئي، ۽ سندس ٻيا انيڪ گيت جيڪي دلين جي پڪار بڻجي ويا، انهن کيس مڃتا جي آسمان تي پهچايو. پر مفلسي هن جو پيڇو ڪونه ڇڏيو. کيس ننڍپڻ ۾ چمڙي جي بيماري ٿي، جنهن سندس چهري ۽ اکين تي اثر ڪيو، هن ننڍپڻ دوران پنهنجي ماءُ ختيجه سان گڏجي شادين ۽ مرادين ۾ ڳائڻ شروع ڪيو، کيس فن جي ابتدائي سکيا به پنهنجي امڙ ڏني. امڙ جي لولي واري ٻولي مارواڙي کان سواءِ هو ڍاٽڪي، سرائڪي، سنڌي ۽ ڪاٺياواڙي ٻولين ۾ جنهن انداز سان گائڪي جي رنگ ۾ ڳايو، ان ۾ به ڪمال جي مهارت هيس. جڏهن هن ۽ مراد فقير گڏجي “چيري ميرو بلالي سان پيار” ڳايو ته ٿرن برن، جهرن ۽ جهنگن، واهڻن ۽ وستين ۾ هن جي آواز جي جاڪ ٿي وئي. وقت بدليو، هوءُ اباڻو شهر ڇڏي، مٺي شهر ۾ وڃي رهي. جتان نئون ڪوٽ ۾ مهراڻي کي پنهنجو هميشه لاءِ گھر بنائي ويٺي. جتان ٻيجل جي تنبوري جهڙو آواز فضائن کي معطر ڪرڻ لڳو ۽ هوءُ واٽون نهارڻ لڳي. اهي واٽون جن تي هن جو ننڍپڻ گذريو هو. جتي هو روهيڙي جي رتن گلن کي ڏسندي ڪونڀٽ جي لامن ۾ لڏندي ۽ پيرون چونڊيندي پنهنجي ساهيڙين سان کينچلون ڪندي هئي. اهي ڏينهن هليا ويا ۽ هاڻي هو هوٿي جي گهرواري ٿي چڪي هئي، هوٿي به سريلو فنڪار هو، جنهن جي اڱڻ تي به شرنائي جا سُر ٻرندا هئا، تنهن مٿس فن جي دنيا کان دور نه ڪيو. هي ٻئي گڏجي ڳائڻ به لڳا هئا ۽ زندگي جي بهارن ۾ چانڊوڪي راتين ۾ رتل راضي شاهه جي پٽ مهراڻي ۾ سڪل هاڪڙي جي پيٽ کي ڏسي، ڪنهن چانڊوڪي رات ڀاڳڀري عرف مائي مائي ڀاڳي جڏهن استاد جمن جي آواز ۾ سر سهڻي ۽ سر سسئي ۾ ڳايل ڪافيون گرامو فون يا ريڊيو پاڪستان جي براڊڪاسٽنگ جي وسيلي فضا ۾ گونجندي ٻڌندي هئي، ته هن جي اکين ۾ پاڻي اچي ويندو هو. ريڊيو پاڪستان، ڀٽ شاهه، سنڌ جا ميلن ۽ ڪاڄن سميت هر هنڌ مائي ڀاڳي جي هاڪ هئي. تار مان ترندي اچي، لوڙهه مان لڙهندي اچي، دل ڪوهيارل ڪوهيارل پئي ڪري، جهڙا امر گيت هن جي امر آواز ڏنا. ۽ هو 1980ع کان وٺي اسٽيج جي دنيا جو ستارو بڻجي وئي. ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور جهڙا گيت ارپيندڙ مائي ڀاڳي زماني کي امر گيتن ۾ خوشيون ارپيون، پر پاڻ واري جي خاموش ذرڙن جيان مفلسي ۾ رهي. هن کي سرڪار طرفان اعلانيل حج به نصيب ڪونه ٿيو.
ٿي تند وڙهي تلوارن سان جيان هن جي مڌر آواز ۾ ڳايل سمورا لوڪ گيت امر ٿي ويا آهن. هو ادارو هئي. هن سندس ڌيءَ مائي سوني کي پنهنجي فن جي جيڪا سکيا ڏني، ان به مائي ڀاڳي واري انداز ۾ ڳايو. مائي ڀاڳي اٺن، گهوڙن ۽ گڏهن تي سواري ڪئي. اڃايل مورن جا کيڙا ڏٺا. ۽ ٿر جي اڃ کي پنهنجي آواز ۾ صدين جو آواز بڻائي ڇڏيو. هو روزاني صبح جو راڳ جو رياض ڪندي هئي. هن جي هر ادا ۽ صدا ۾ ڪانگل قرب وارو هو. نئون ڪوٽ جي گنج بخش ڪالوني جيڪا هاڪڙي جي ڦٽل ڍوري تي آهي. اتي هن جا پير ۽ گيت ايندڙ ڪيترن دورن کي هن جي امر آواز جا ديوانا بنائيندا رهندا. ۽ اڃايل دلين ۾ هن جو آواز نوان نوان ويس اوڍي پيو گنگنائيندو. مائي ڀاڳي جو ٻانگ جو نالو ڀاڳڀري هو. پر هو مائي ڀاڳي جي نالي سان مشهور ٿي. هو پنهنجي امڙ سان گڏجي شادين ۾ لوڪ گيت ڳائيندي هئي. 1967ع ۾ هن مارئي جي ميلي ۾ اچي سادي لباس ۾ هڪ لوڪ گيت ڳايو. ان ميلي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد لاءِ پروڊيسر غلام حسين شيخ رڪارڊنگ پي ڪئي. ان ڀاڳڀري جو آواز ٻڌو ۽ گيت ختم ٿيڻ بعد هن سان مليو. کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڳائڻ جي ڪوٺ ڏنائين. ڪيتري دير تائين مائي ڀاڳي راضي نه پي ٿي. پر هن کيس راضي ڪري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن تي آندو. جتي مائي ڀاڳي جو پهريون لوڪ گيت تارن مان ترندي اچي، ڇپر مان ڇلندي اچي، دل ٻاروچل ٻاروچل پئي ڪري. رڪارڊ ٿيو. جنهن مقبوليت جا رڪارڊ قائم ڪيا. ۽ پوءِ مرحوم عبدالڪريم بلوچ سندس پي ٽي وي تي کڙي نيم ڪي نيچي هون تون هيڪلي، رڪارڊ ڪيو. جيڪو به مشهور ٿيو. مائي ڀاڳي فقيراڻي رنگ ۾ رنڱجي ڳايو. هن وقت ست ساز وڄائيندڙ موسيقار فقير ذوالفقار علي لنڊ مائي ڀاڳي جي فن ۽ گائڪي بابت ڳالهائيندي چيو ته “مائي ڀاڳي ڀيروي، آسا، مانجهه، درگا ۾ اهڙي انداز سان ڳائي مڃتا ماڻي، جيڪا ٻي ڪنهن فنڪار جي حصي ۾ اڄ تائين نه اچي سگهي آهي. هن شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح، مصري شاهه، بلي شاهه، عباس علي شاهه، حمل فقير لغاري ۽ ٻين ڪيترن پنهنجي پنهنجي وقت تي وڏن شاعرن جي شاعري ڳائي. هن پنهنجي ڌيءُ مائي سوني پٽ ڪالو ۽ پوٽي برڪت فقير کي پڻ فن جي سکيا ڏني. کيس مڃتا طور صدارتي ايوارڊ تمغه حسن ڪارڪردگي سان نوازيو ويو. شهباز ايوارڊ، شاهه عبدالطيف ڀٽائي ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ مليس. اتي کيس ٿر جي ڪوئل جو لقب پڻ مليو. سدا ملوڪ آواز جي مالڪ هن فنڪاره جو 7 جولاءِ 1986ع تي وڇوڙو ٿيو. کيس راضي شاهه جي درگاهه ڀرسان راضي شاهه رتل جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. هن جي خواهش هئي ته، آئون حج تي وڃان پر موت کيس مهلت نه ڏني ۽ حج تي روانگي کان ٻه ڏينهن اڳ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي. ۽ سندس اها خواهش پوري نه ٿي سگهي.