سحر امداد سحر امداد خوبصورت شاعره آهي. جنهن شاعري جي ڪيترن ئي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪري، پنهنجو نالو سنڌي ادب جي شاعري واري باب ۾ درج ڪرايو آهي. سحر پهرين سحر بلوچ جي نالي سان شاعري ڪئي، بعد ۾ سحر امداد جي نالي سان شاعري ۾ رچنائون رچيائين. انهي ڏس ۾ سندس نظم نينهن ڇڄڻ نه جهڙو ۽ ٻيا سحر جا جذباتي شاعري ۾ نظم ڳڻڻ جهڙا آهن. سحر نظم جيان ننڍي بحر وارا غزل به لکيا آهن. هن وٽ زبان انتهائي آسان آهي. جيئن سندس هي غزل ته؛ مارو موتي مل، جهڙو ڄاڻن ڦل، آهي گھٽ ٻوسٽ، هير وانگيان گھل، سڀني هٿ پٿر، تون ئي هڻ ڪو گل، سوڪهڙي جي مند ۾، ڇولين وانگر ڇل، دوزخ آهن گھر،هل رستن تي رل، جئڻ ڪهڙو جس، جاسين جيئن جل.