ڀاڳي ڀيل
ڀاڳي ڀيل مڙس جي گهر ۾ آئي ته غربت ساڻس گڏ ئي هئي. سندس مڙس هارپو ڪندو هو ۽ ڀاڳي ان سان ٻني جو ڪم ڪار ڪرائيندي هئي. صحت جون سهولتون نه هئڻ ڪري هن پنهنجي ڄاڻ تحت دائپو ڪرڻ سميت عورتن جي بيمارين جو ڦڪين ذريعي علاج ڪرڻ شروع ڪيو. قدرت واري سندس هٿ ۾ اهڙي شفا رکي جو جنهن به ڳورهاري يا بيمار عورت جو علاج ڪندي هئي ته اها ٺيڪ ٿي ويندي هئي. هو اهڙي مشهور ٿي جو ٿر ۽ لاڙ ۾ سندس هاڪ ٿي وئي، ۽ ڳورهاريون عورتن جو وڏو تعداد وٽس اچڻ لڳو. جڏهن ڀاڳي شهرت ماڻي تڏهن شادي لارج، ڪلوئي، پنگريو ۾ به ڪي ليڊي ڊاڪٽرن جون اسپتالون نه هيون، نه وري اڄ جيان جديد ٽرانسپورٽ هئي. ان ڪري سندس علائقي سميت ٿر ۽ لاڙ جي ڳوٺن مان ڳورهاريون عورتون وٽس اچڻ لڳيون. جن جي دائپي سميت هو عورتاڻي بيمارين جو ڦڪين ذريعي علاج به ڪندي هئي. چون ٿا ته مائي ڀاڳي ڀيل تجربي جي بنياد تي زناني بيمارين جي سڃاڻپ جي به ماهر ليکي ويندي هئي. سندس ڦڪين ۾ اهڙو اثر هو جو وٽس مريض عورتن جون قطارون لڳل هونديون هيون. پر هو لالچي نه هئي، ڪنهن به بيمار عورت کان پنهنجي دائپي ۽ ڦڪين جي منهن گهري رقم وصول نه ڪندي هئي. جيڪو پنهنجي مرضي سان کيس بيمارين وارا ماڻهو ڏيندا هئا، ان تي ٻڙڪ نه ٻوليندي هئي. جيڪا رقم ملندي هئس، ان جي ڳڻپ ڪون ڪندي هئي. کيس صبر ٿر جي ڏڪاريل سڃين واٽن تان ورثي ۾ مليو هو. هن ڪنهن سان به اٽڪل بازي نه ڪندي هئي. هر بيمار عورت سان همدردي ڪندي ڪئي.
ڀاڳي ڀيل اوسي پاسي جي ڳوٺن شادي لارج، ڪلوئي، نئون ڪوٽ، ملڪاڻي شريف، پنگريو، ٽنڊوباگو ۾ اٺ، بيل گاڏي ۽ پوءِ مختلف ٽرانسپورٽ ذريعي وڃي ڳورهاري عورتن جو علاج پڻ ڪندي هئي. مليل ڄاڻ موجب ڀاڳي سماٽڪو ويس پڙو، گج ۽ گندي پهريندي هئي. ڪڏهن به ٺٺ ٺانگر کي ويجهو نه وئي. اهو ئي مارن وارو لباس، سادو کاڌو، ٻهراڙي جي عورتن واري سادگي ۽ پنهنجائپ وارو رويو هئس. ان ڪري ئي غريبن جو دعائون، عزت ۽ محبتون مليس. سندس باري ۾ ليکڪ سيد علي مراد شاهه ۽ ليکڪ غلام شبير لغاري وڏي ڄاڻ رکن ٿا.
دائپي سميت زناني بيمارين جو علاج ڪندڙ مائي ڀاڳي ڀيل 22 آڪٽومبر 2010ع تي 120 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري وئي. پر اڄ به پراڻ جي ڪنڌيءَ سان ميلن ۾ ٻنگار جي ڦٽل شهر جي آثارن ۽ مائي ڀاڳي ڀيل جي ڪردار جون ڪهاڻيون ٻڌائيندي جڏهن يادگيرين جون ڳنڍون کولين ٿا ته، ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيا مائي ڀاڳي ڀيل ۽ ٻنگار جي 12 تڙن جون ڳالهيون ٻڌائين ٿا. يادن جي پٽن تي اڄ به ٻنگار ۽ مائي ڀاڳي ڀيل کي علائقي واسين ناهي وساريو، پر الئه ڇو قلم ڪارن جي قلم کان ڇهاءُ کان مائي ڀاڳي ڀيل جو ڪردار اوجهل رهيو آهي.