نوري ۽ ملاح قبيلو
مهاڻن سان مورڙي مير بحر جو مانگر کي مارڻ واري قصي جي سر گھاتو ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح هن طرح عڪس بندي ڪئي آهي ته؛
اهي ڪڙهيارا ڪنن جا، جن ماريا ٿي مڇ،
گھوڙا تن گهوٽن جا، اڄ رلن پيا رڇ،
پاڻهي مرو مڇ، مرڻ وارا اڳ مري ويا.
يا مهاڻن ۽ ملاحن کي شاهه عبدالطيف خبردار ڪندي چيو ته؛
“ملاح تنهنجي مڪڙي اچي چور چڙهيا” اتي شاهه سائين مهاڻن جي هڪ عورت نوري جيڪا چنڊ جي سهائي تي ڪينجهر ۾ ٻيڙي تي مڇي ماري رهي هئي، ان جي سونهن تي حاڪم سنڌ ڄام تماچي هرکجي پيو هو، ان جو نقشو هيئن چٽيو ته؛
ڪينجهر ۾ باهه ٻري، هيڏي ويل ڪياءُ،
نڪي وراڪو وڄ جو، نڪي شمس سهاءٌ،
لٿو پاند مهاءُ، ٿيون مرڪن مڇي واريون.
انهي طرح شاهه سائين انهن سنڌ ورڪي وڻجارن جي پوڄا جو عڪس هيئن عيان ڪيو آهي ته؛
سيوا ڪر سمونڊ جي جت جر وهي ٿو جال،
سوين وهن سير ۾ هيرا، موتي، لال،
جي ماسو ملئي مال، ته پوڄارا پُر ٿئين.
اهي سُر جن ۾ شاهه لطيف هنن جي سونهن ۽ وڻج سميت پوڄا کان وٺي، جيڪا سندن انوکين ادائن جي عڪس بندي شعرن ۾ ڪئي آهي. تنهن مان هنن جي بهادري، سونهن، لوپا لنڪي اچڻ سميت سمورا نفسياتي پهلو سُرن ۾ اهڙي انداز سان چٽيا آهن، جن جو ڪو ٻيو مثال ئي نه ڏئي سگھبو. مهاڻن جو شڪار لاءِ هٿيار. رڇ، ڪڙهي، پنت، جهولڻ آهي. هي اڪثر ٻِيڙي تي چڙهي شڪار ڪن ٿا. مهاڻا اڳي غوراب ٺاهيندا هئا ۽ هاڻي ٻيڙيون ٺاهڻ جا ڪاريگر آهن. مهاڻا مڇي مارڻ سان گڏ، ڪُم، ڪوڻيون، پٻڻ، بيهه، لوڙهه ڪڍي وڪرو پڻ ڪندا آهن ته وانجهار اڏي پکي به جھلين ٿا. پن مان ٻوراني جو ٻور ڪڍي ٺاهي وڪرو ڪن ٿا ۽ پن جي ڪاني مان پکا ٺاهي پيٽ جو گذر پڻ ڪن ٿا. مڇي جي ٻج جو ڪاروبار پڻ مهاڻا ئي ڪن ٿا. مهاڻا دريائن، منڇر، ڪينجهر، سميت ڍنڍن توڙي سمنڊ ۾ اڳي ۽ هاڻي ٻيڙين ۾ ئي رڌ پچاءُ ڪن ٿا. سمنڊ ۾ مهينن جا مهينا شڪار تي وڃن ٿا ته، جتي هو ڪتي، تارن ۽ نکٽن جي ذريعي ڏس جو پتو لڳائيندا آهن. سمنڊ ۾ ٻيڙيون ۽ لانچون طوفانن جي نظر ٿيڻ سبب هنن جون حياتيون به موت جو ڪاڄ ٿيو وڃن.
هن ذات مان احمد ملاح جنهن قرآن پاڪ جو منظوم ترجمو “نورالقرآن” جي نالي سان سنڌي ۾ ڪري عالمي رڪارڊ قائم ڪيو.
سمنڊ ۾ حدبندين جي لڪير اورانگهڻ سبب ڪافي ماهگير ملاح مختلف ملڪن ۾ قيد به ٿيندا رهيا آهن. سنڌو درياءَ تي بئراج ۽ ڊيم اڏجڻ بعد 1994ع کان پوءِ پاڻي جا ذخيرا زرعي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪتب آندا ويا ته، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي زيرو ڪرڻ سبب سوين مياڻون ويران ٿي ويون. 1999ع ۾ سامونڊي طوفان اي ٽو به جيڪا تباهي برپا ڪئي. ان ۾ سوين مڇي ماريندڙ ملاح سمنڊ جي لهرن ۾ لڙهي ويا. لکين گھر ڊهي پيا. خطي جو نقشو ئي تبديل ٿي ويو. اڻڳڻين مهاڻن جي مائرن جون جهوليون خالي ٿي ويون. اڄ به مائي سومري، مائي ڀاڳل، مائي آسيت، مائي حوا ۽ مائي جنت سميت سوين امڙيون پنهنجي پيارن وڻجارن کي ساري اکين ۾ لڙڪ آڻي ويهن ٿيون. ان طوفاني رات جي ڀيانڪ منظرن جي عڪس بندي شاعر هينئن ڪئي ته؛
اوڻيهه مئي خوني طوفاني رات،
اي خدا تارا اجنبي ٿي ويا.
اها اهڙي طوفاني رات ۽ ڏينهن هو، جنهن جا عڪس سمنڊ جي ڪنارن تي صدين تائين چٽا رهندا. هاڻي ته هي کاري کيڙائو مهاڻا وڻج کڻي ڏيساورن ڏانهن به ڏسي ڏياري نٿا وڃن. هن وقت ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ ۾ اهي سنڌ ورڪي وڻجارا اٽي ۾ لوڻ برابر به نه رهيا آهن. هاڻي ريڙهي مياڻ کان وٺي نريڙي تائين رهندڙ هزارين مهاڻن لاءِ مٺو پاڻي اڻلڀ آهي. جيڪو هو ميلن جي سفر ڪري مختلف شهرن مان خريد ڪري پيئن ٿا. زندگي جي سڃن راهن تي هي سنڌ جو اهم قبيلو هن وقت سفر ڪري رهيو آهي.