شخصيتون ۽ خاڪا

سون سريکيون عورتون

تحقيقي مضمونن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو صحافي عثمان راهوڪڙو آهي.”سون سريکيون عورتون“ سنڌ جي کاهوڙي ليکڪ ۽ محقق عثمان راهوڪڙي جو ڏاڍو اهم ۽ ڪارائتو ڪتاب آهي. جنهن ۾ هن ٿر، لاڙ ۽ وچولي جي سدا حيات عورتن جي ڪردار کي دل سان اجاگر ڪيو آهي. هُن هڪڙي نئين تاريخ هن ڪتاب ذريعي قلمبند ڪئي آهي.
Title Cover of book سون سريکيون عورتون

مائي سوني

مائي سوني کي جيڪا مڃتا ملي. سا کيس پنهنجي والد جي ڪري نه ملي، پر کيس پنهنجي استاد امڙ مائي ڀاڳي جي ڪري ملي. مائي سوني کي لوڪ گيتن جي فن جي سکيا پنهنجي امڙ ڏني. آواز جي دنيا ۾ مائي سوني اهي امر گيت ڳايا. جيڪي سندس امڙ مائي ڀاڳي ڳائي مڃتا ماڻي هئي. سندس آواز ۾ به مائي ڀاڳي جهڙو سوز هو. ۽ هن جو انداز به امڙ جهڙو هو.
مائي سوني 1942ع ۾ ڏيپلي ۾ پيدا ٿي. جتان مٺي ۾ اچي رهي. اتان مهراڻي جي مير جي ماڳ نئون ڪوٽ جي گنج بخش ڪالوني ۾ هاڪڙي جي ڦٽل ڪناري تي اچي رهي. جتي هو روزانو صبح جو پنهنجي امڙ سان رياض ڪندي، سُرن ۽ آواز جي صدائن کي فضائن جي حوالي ڪندي رهندي هئي. 1986ع ۾ سندس امڙ جي وفات کان پوءِ ساڳي انداز ۾ مائي سوني جي آواز ٻڌنڌڙن کي حيران ڪري ڇڏيو. “جوڳي هڻي ڏي تون ڍارو منهنجو ڪانگل آهي قرب وارو” “سمن سائين مان گولي غلام تنهنجي در جي” جهڙا لوڪ گيت هن ڳايا ته، دنيا فرق ڪرڻ ڀلجي وئي ته آواز مائي ڀاڳي جو آهي يا مائي سوني جو. مائي سوني زماني جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ سرڪاري وظيفن تي پيٽ ڪون پاليو. پر هن سچي فنڪاره واري سچائي سان فن نگر ۾ پنهنجي اڏام جاري رکي. هن نئون ڪوٽ ۾ فنڪارن جي سکيا لاءِ مرڪز به قائم ڪيو. جيڪو مالي گھوٽالي سبب قائم رهي نه سگھيو. پر هن پوءِ به همٿ نه هاري. پنهنجي امڙ کان مليل سکيا کي پنهنجي لخت جگرن ۾ منتقل ڪري ڇڏيائين. هن پنهنجي ننهن حليمان کي به فن سيکاريو. اتي مائي جيوڻي فنڪاره سان هن جي فن جي حوالي سان دلي محبت ان حد تائين پهتي، جو هن پنهنجي ڌيءُ جو نالو مائي جيوڻي ٻائي رکيو. هن جي چپن تي ڀٽ جا ڀٽائي او ڀٽ تي وسئي نور وارو لوڪ گيت زندگي جي آخري شام تائين رهيو. هو ٿوهرن ۾ پلي پر مورن جي ٽهوڪي جهڙا گيت ارپيائين. کيس اولاد ۾ محمد رفيق، رستم فقير، جيوڻي ٻائي ۽ حاجران آهن. رستم فقير سٺو ڍولڪ نواز آهي. مائي سوني ڦڦڙن، بلڊ پريشر، شگر ۽ دل جي بيماري سبب بيمار ٿي. کيس پٽ رستم فقير مٺي اسپتال ۾ داخل ڪرايو. جتي طبيعت ۾ سڌارو نه اچڻ سبب ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر عقيل الزمان ڏهه هزار ۽ ايمبولينس ڏني. ۽ مائي سوني کي جناح اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪرايو ويو. جتي 2 مارچ 2014ع تي فجر ويل هي سنڌ ڄائي فنڪاره هميشه لاءِ وڇڙي وئي. سندس وڇوڙو هن جي ڪلهن ۾ پيل ڦلڙي واري اجرڪ ۽ سندس صدا حيات آواز ۽ امر گيتن کي ڪڏهن به ماري نه سگھندو. پر حياتي جي کيڏ ۾ هن فنڪاره سان سنڌ جي ثقافت کاتي رٺل سپرين واري ڪار ڪئي. ڪراچي مان هن جو خاڪي مڙهه آڻڻ لاءِ به چندو ڪيو ويو. اها آهي سنڌ جي ثقافت کاتي جي ثقافت جي سفيرن سان محبت. جيڪا ثقافت کاتي جا صاحب نامور فنڪارن سان نڀائيندا پيا اچن. ۽ هاڻي هر سال 2 مارچ اچيو گذريو وڃي ۽ هي سٽ ته؛
توکان پوءِ ڪير اسان جي سپرين لهندو سار،
روئاريو وڃي. ۽ ها هن جي جنازي ۾ به مختيارڪار علي نواز سمون کان سواءِ ڪوبه ثقافت کاتي سميت وڏو فنڪار شامل نه هو. هئا ته بس شهر جي گنج بخش ڪالوني جا رهواسين ۽ چند شهرين کيس راضي شاهه جي قبرستان ۾ پنهنجي امڙ مائي ڀاڳي ڀرسان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

