شخصيتون ۽ خاڪا

سون سريکيون عورتون

تحقيقي مضمونن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو صحافي عثمان راهوڪڙو آهي.”سون سريکيون عورتون“ سنڌ جي کاهوڙي ليکڪ ۽ محقق عثمان راهوڪڙي جو ڏاڍو اهم ۽ ڪارائتو ڪتاب آهي. جنهن ۾ هن ٿر، لاڙ ۽ وچولي جي سدا حيات عورتن جي ڪردار کي دل سان اجاگر ڪيو آهي. هُن هڪڙي نئين تاريخ هن ڪتاب ذريعي قلمبند ڪئي آهي.
Title Cover of book سون سريکيون عورتون

خيرالنساءِ جعفري

14 آگسٽ 1947ع ۾ حيدرآباد ۾ پيدا ٿي. سندس والد پروفيسر احمد علي خواجه تلهار مان لڏي وڃي ٽنڊي ولي محمد حيدرآباد ۾ رهيو هو. پاڻ اسلامڪ شعبي سنڌ يونيورسٽي جو سربراهه هو. سندس ڌيءُ خيرالنساءِ “گڏي” جو ننڍپڻ ٽنڊي ولي محمد ۾ گذريو. هن حيدرآباد جي ميران هاءِ اسڪول، زبيده ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي. جتي فهميده حسين جي وڏي ڀيڻ مشهور ڪهاڻيڪار جميله تبسم به ساڻس گڏ پڙهندي هئي. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد هن کي ڪتاب ۽ رسالا خريد ڪرڻ لاءِ 50 رپين جي ضرورت پئي ٿي، پر وٽس اهي نه هئا، ان ڪري هن ڪوشش ڪئي ته، کيس پرائمري ماستري ملي، پر کيس ماستري نه ملي، پر انهي سمي کيس سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچررشپ ملي وئي. هو نفسيات جي شعبي ۾ پروفيسر ۽ بعد ۾ ساڳئي شعبي جي چيئرمين به ٿي رهي. نفسيات جي علم جي ماهر هوندي هئي. جڏهن لکڻ جي شروعات ڪيائين، تڏهن ملڪ ۾ ون يونٽ هو ۽ پوءِ 71 وارو ورهاڱو به ٿيو ۽ هن جڏهن “حويلي کان هاسٽل تائين” ڪهاڻي لکي، جيڪا صدين تائين سنڌي ادب جي ڪهاڻين ۾ يادگار رهندي. تڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر شيخ اياز جهڙو ڏات ڌڻي هو. جنهن جي موجودگي ۾ ماڻڪ ۽ مشتاق کان پوءِ سنڌي ڪهاڻي کي خيرالنساءِ جعفري جنهن مقام تي پهچايو، ان سندس آرٽسٽ ايپروچ کيس به اُوچي مقام تي پڄائي ڇڏيو. سندس ڪتاب “تخليق جو موت” به يادگار آهي. هن ٿورو لکيو پر جيڪو لکيائين، ان کيس هماليه جبل جي بلندي جيان بلند مقام تي پڄائي ڇڏيو. سنڌ ۾ حفيظ قريشي کان پوءِ خيرالنساءِ جعفري ئي هئي، جيڪا پنهنجو موقف سڌو ۽ چٽو رکندي هئي. هو ڪنهن کان به نه مڙندي هئي، سدائين کري ۽ سچي رهي. انتهائي سادگي سان زندگي جي ڪٺن کان ڪٺن لمحن کي به مرڪندي گذاريائين. سندس ازدواجي زندگي گهڻو عرصو هلي نه سگهي، کيس هڪ ڌيءُ صائمه ٿي، جنهن جي ڄمڻ کان پوءِ سندس ۽ سندس جيون ساٿي جي وچ ۾ واٽون ويهه ٿي ويون. درد جو سمنڊ دل ۾ سمائي هن زندگي جو سفر ڪيو. ان سمي ٿيندڙ هر فنڪشن ۽ پروگرام ۾ جيڪڏهن هو شريڪ نه ٿيندي هئي ته، سندس ڪمي محسوس ٿيندي هئي. هو کل ڀوڳ ۾ به تز لفظن ذريعي ڳوڙهن خيالن جي ڪايا پلٽ ڪري ويندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن تي ڪاوڙبي هئي ته، ان جي لاک لاهي ڇڏيندي هئي. سنڌ يونيورسٽي ۾ ليليٰ بانا، تنوير جوڻيجو ۽ سندس گروپ مشهور هوندو هو. هن جي ڪهاڻين ۾ ڪردار اوپرا نه هوندا هئا. هن آبزرويشن جي اکين سان جيڪو لکيو سو سندس دور جو اهڙو آئينو آهي، جيڪو ڪڏهن به ڌنڌلو نه ٿيندو. هن پنهنجي لکڻين ذريعي اهڙو ته ادب تخليق ڪيو، جيڪو ڪڏهن به پئي پراڻو نه ٿيندو. هن نبض شناس ڊاڪٽر جيان پنهنجي سوسائٽي يا ماحول جي اهڙي ته، عڪس بندي ڪئي، جو هن جون ڪهاڻيون پڙهندي ڪردار ائين ڳالهائين ٿا، جئين اهي هوبهو زندگي جي ڪنهن انياءُ، ڏک، ڏاڍ يا نفسياتي طور جيئن هوندا آهن. هن پنهنجي تز تجزيي تحت کين اهڙي نموني پيش ڪيو، جو ان جون ڪهاڻيون پڙهندي محسوس ٿو ٿئي ته، اهي سموريون وارتائون هن سماج جون آهن. ان ڪري ئي ان جي ڪهاڻين اهو تاثير پيدا ڪيو، جنهن جهڙو تاثير ٻين گهڻن ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين مان نٿو ملي. خيرالنساءِ جعفري سنڌي ادب کي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ارپيون. سندس ڪهاڻين ۾ “تخليق جو موت” “پيڙاءُ جو پڙلاءُ” “قربتون ۽ فاصلا” “حويلي کان هاسٽل تائين” 1967ع، 1968ع، ۽ 1969ع ۾ ڇپيون. سندس بياني انداز ڪهاڻي جو جديد ترين انداز آهي. سندس ڪهاڻيون سوجھرو، نئين زندگي ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيون ته، وڏن وڏن پنهنجي دور جي ڪهاڻيڪارن جي ڏندين آڱريون اچي ويون. هن ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌي ادب ۾ وڏي ليکڪا طور مڃتا ماڻي ورتي. پنهنجي ٽهي ۽ دور ۾ هن پاڻ کي مڃتا جي آسمان تي پهچايو، کيس موت به مات نه ڏني. سندس نالو سنڌي ادب جي آسمان تي سدائين چمڪندو رهندو. جڏهن ۽ جتي به جديد ڪهاڻي ۽ سنڌ ۾ نفسياتي ادب جو ذڪر ٿيندو ته، خيرالنساءِ جعفري جو نالو اچڻ کان سواءِ محقق يا ادب جي تاريخ لکندڙ پنهنجي ليک کي مڪمل ڪري نه سگھندو. سندس ڪهاڻي “حويلي کان هاسٽل تائين” ان وقت مقبوليت جا ريڪارڊ سنڌ ۾ ٽوڙيا. سندس ڪتاب “تخليق جو موت” به مشهور ٿيو. خيرالنساءِ جعفري ادي گڏيءَ جي نالي سان به سڃاتي ويندي هئي. هو گهر ۾ سگهڙ عورت جيان مختلف کاڌا به خود رڌيندي هئي، سندس گهر ۾ پاڙي وارا ۽ اديب شاعر ۽ پروفيسر پنهنجي گهر جيان سمجھندا هئا، اڪثر طور تي سندس گهر ۾ پيا علم ۽ ادب تي بحث ٿيندا هئا. هو ايترو نرم دل هئي، جو ماني جي وقت تي سندس در تي ويٺل ڪتا به بکيا نه موٽندا هئا. هو کارائڻ ۾ درياءَ دل هوندي هئي، کيس ٺٺ ٺانگر کان سخت چڙ هوندي هئي. ماڻهو ڪرسين پويان ڊوڙندا آهن، پر هو جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ نفسيات شعبي جي چيئرمين ٿي ته، ڪرسي مان جان ڇڏائڻ لاءِ نيٺ چيئرمين شپ تان استيعفا ڏنائين. گهر ۾ به اڪثر طور تي صندلي يا پينگهي ۾ ويٺي لڏندي هئي. هن جي ڏات ۽ ڪهاڻين جي ايپروچ جي حوالي سان کيس جامي چانڊيو، عبدالقادر جوڻيجو، فهميده حسين لفظن جي روپ ۾ شاندار ڀيٽا پيش ڪئي آهي. خيرالنساءِ جعفري 4 مارچ 1998ع تي مختصر علالت بعد حيدرآباد ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. کيس حيدرآباد ۾ دفنايو ويو.