شخصيتون ۽ خاڪا

سون سريکيون عورتون

تحقيقي مضمونن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو صحافي عثمان راهوڪڙو آهي.”سون سريکيون عورتون“ سنڌ جي کاهوڙي ليکڪ ۽ محقق عثمان راهوڪڙي جو ڏاڍو اهم ۽ ڪارائتو ڪتاب آهي. جنهن ۾ هن ٿر، لاڙ ۽ وچولي جي سدا حيات عورتن جي ڪردار کي دل سان اجاگر ڪيو آهي. هُن هڪڙي نئين تاريخ هن ڪتاب ذريعي قلمبند ڪئي آهي.
Title Cover of book سون سريکيون عورتون

سليمت هاليپوٽو

ٿر جي ڪنٺو ۽ پائر واري پٽي جيڪا تعلقي ننگرپارڪر ۾ اچي ٿي. جنهن جي لينڊ اسڪيپ جا پنهنجا جدا رنگ آهن. هتي ڀٽون ۽ جبل آهن ته ميدان به. اهڙي هنڌ واري پٽي جو ڳوٺ تڳوسر جيڪو اصلاحي طرح ڍٽ ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. جتان ڪڏهن مارئي ۽ مارل لاءِ ڪرهل ٿي ويا. اُتي جي ڍاٽڪي ٻولي ۽ کوهن جو پاڻي جيڪو ٿرين لاءِ آب حيات آهي. ان ڳوٺ کان پيچرو واٽ يا گس ننگرپارڪر، ڇاڇرو ۽ عمرڪوٽ ڏانهن ويندو آهي. ان پيچري تان اڳي اُٺن، گڏهن ۽ گهوڙن تي ماڻهو ايندا ۽ ويندا هئا. پڪا رستا ۽ جديد ٽرانسپورٽ ڪون هئي. تڏهن هن ڳوٺ ۾ 1940ع ڌاري عبدالرئوف هاليپوٽو جي گهر ۾ ڌيءُ ڄائي. جنهن جو نالو سليمت رکيو ويو. ٻنڀن هالي پوٽن جي غفوراڻي پاڙي ۾ پيدا ٿيل سليمت جو ڏاڏو مڱيلڌو ۽ پڙڏاڏو حاجي يوسف ٻئي عالم هئا. سندس ڀاءُ محمد عالم پيش امام ۽ سندس ٻه چاچا گل محمد ۽ مهراڻ مال جي علاج جا ڄاڻو هئا. سندس چاچي گل محمد کي ڳائي ۽ ماهي مال جي بيمارين بابت گهڻي ڄاڻ هئي ۽ ان سان گڏ سٺو شاعر ۽ سگهڙ پڻ هو. جڏهن ته سليمت جي چاچي مهراڻ کي مال جي سڀني بيمارين ۽ ان جي علاج بابت ڄاڻ هئي. سليمت جڏهن ڏهن سالن جي ٿي ته، پنهنجي چاچي مهراڻ کان مال جي بيمارين ۽ انهن جي علامتن ۽ علاج جا نسخا سکڻ لڳي ۽ پنهنجي چاچي مهراڻ سان گڏجي، ٿر ۾ بيمار چوپائي مال جو علاج ڪرڻ ۾ لڳي وئي. مهراڻ چوپائي مال جي بيمارين سڃاڻڻ ۽ قديم طرز واري علاج ۾ مشهور هو. سليمت چوپائي مال جي بيمارين ۽ علاج جي سکيا باقاعدي وٺندي رهي. جڏهن ته سليمت پنهنجي سگهڙ امڙ کان ڀرت ۽ ڏاڏي محمد يوسف کان واڍڪو ڪم به سکي. ۽ اوطاري تي ايندڙ ۽ ويندڙ مزمانن ( مهمانن) کي ماني ٽڪي به پنهنجي هٿن سان پچائي کارائيندي هئي. ننڍپڻ جي وهي ٽپي جڏهن سليمت جوان ٿي ته، هو جتي پنهنجي علائقي ۾ ڀرت ڀرڻ ۽ واڍڪو ڌنڌو ڪرڻ طور مشهور ٿي. اتي مهمان نوازي ۾ به نالو ٿيندو ويس. تڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن قائم ٿي هئي ۽ لهرن جي آڌار ڏاڏي فتح خان (صالح محمد شاهه) جو آواز هن کي پسند اچڻ لڳو هو. ۽ ريڊيو تان محمد ابراهيم، نوربانو ۽ جيجي زرينه بلوچ جا نشر ٿيندڙ گيت کيس وڻندا هئا. سندن گهر ۾ مولودن، غوث بهاءَ الدين ذڪريا جي ڪرامتن. روٽ، غوثيه قافلن ۽ سندس ڏاڏي جي پيادل حج جي قصي سميت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جا بيت پيا گونجندا هئا. جن سان سليمت جو اهڙو ناتو جڙيو جو اُهي سندس روح جي ريگستان ۾ ائين پيوند ٿيا آهن، جو هو جيستائين زندهه رهندي تيستائين مهمانوازي، شاهه جا شعر ۽ مولود هن جا ساٿي رهندا. سندس ڏاڏي، والد ۽ چاچي جي وفات کان پوءِ زندگي جي رستي تي ڏکن جي ڀري به کيس ئي کڻڻي پئي. پوءِ جڏهن هن زندگي جون وکون اڪيلي سر کنيون ته واڍڪو ڌنڌو ۽ ڀرت ڀرڻ واري ڪرت کي ڇڏي ڏنائين. باقي مهمان نوازي ۽ چوپائي مال جي علاج ڪرڻ ۽ ڀاڳين کي بيمارين جا ڏس ڏيڻ واري ڏاهپ ذريعي زندگي گذرڻ لڳي.
هن وقت سندس ڀاڻيجي حسن گل چواڻي ته هوءَ پنهنجي زمين ۽ چوپايو مال سنڀاليندي آهي. سندس عمر 76 سال ٿيندي. ان عمر دوران پاڻ اوطارو هلائي ٿي. آيل مهمانن کي ماني ٽڪي پنهنجي هٿن سان کارائي ٿي. جانورن جي بيمارين جو علاج به ڪري ٿي. پاڻ چوپائي جانورن جي بيمارين سڃاڻڻ ۽ علاج ڪرڻ جي ماهر چئي وڃي ٿي. پر اُٺ ۽ گهوڙي جي بيمارين جي علاج جي کيس گهڻي ڄاڻ آهي ۽ هو هن وقت سنڌ جي واحد عورت آهي، جيڪا اوطاق هلائي ٿي.
ٿر ۾ برساتن تي فصل ٿين ٿا. انهن کان سواءِ ٿر واسين جو 95 سيڪڙو گذران چوپائي مال جي پالنا، کير، مکڻ، ڏڌ، ڌوئنري تي آهي. ارباب غلام رحيم نئون ڪوٽ ۽ ڪلوئي ۾ ڪيٽل ڪالونيون قائم ڪرڻ لاءِ فنڊ رکيا. نئون ڪوٽ ڪيٽل ڪالوني جو 95 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي. پر ڪلوئي واري مهرانڍ ڍنڍ واري ڪالوني تباهه ٿي وئي. هن وقت 2016ع هلندي اُهو پراڻو ٿر به ڪون آهي. هاڻي ٿر ۾ جديد ٽرانسپورٽ، پڪا رستا، تعليم، بجلي، ۽ وٽنري اسپتالون به قائم ٿي ويون آهن. پر اڄ به ٿر سميت سڄي سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان مان ڀاڳيا ڪهي اچي سليمت وٽان چوپائي جانورن جي مختلف بيمارين جا ڏس ۽ علاج ڪرائين ٿا. غريب ڀاڳيا ته پنهنجي جاءِ تي پر ايم. پي.اي بشير احمد هاليپوٽو، علي حسن زرداري ۽ ٿر جي بي تاج بادشاهه ارباب امير حسن جي بيمار گهوڙن جو علاج به سليمت هاليپوٽو کان ڪرايو ويو هو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب “رهاڻ هيرن کاڻ” ۾“ سنڌ جون مانائتيون مايون” واري باب ۾ سليمت هاليپوٽو سان 30 سيپٽمبر 1978ع تي ٿيل گفتگو جو ذڪر ڪيو آهي ۽ سندس روبرو جانورن جي ڪيل علاج واري ڳالهه پڻ بيان ڪئي اٿس “صبوح جو ماڻهو بيمار جانور وٺي آيا. هڪ بيمار اُٺ جنهن کي ڏسي پڇيائين ته؛ اُٺ جهنگ ۾ رهجي ويو هو ڇا؟ مالڪ چيو ته هائو. مائي چيو ته اٺ کي سيءُ لڳو ۽ اُٺ جو مغز جهليل آهي. اُٺ کي وهاريائون ۽ گوڏي تي لت ڏيئي جهليائون. مائي هڪ تيز چاقو سان اُٺ جي ڪن کان هيٺان هڪ چير ڏنو ته ڪارو رت ڦوهارو ڪري نڪتو ۽ اٺ ساهه پٽيو ۽ ڪنڌ ورايو. پوءِ مائي وکر لکايا ۽ سمجهايو ته اٺ کي ڍُڪ ڏين.”
سليمت جي پنهنجي 100 ايڪڙ زمين، اُٺ، گهوڙا، ڍڳيون، ٻڪريون ۽ رڍون آهن. جيڪي هن وقت پاڻ ۽ سندس ڀائيٽيو مهراڻ سنڀالين ٿا. سليمت عمر جي آخري وهي ۾ اچڻ تائين شادي جي ٻنڌڻن ۾ نه ٻڌي. صوم صلوات جي پابند سليمت جي چوپائي جانورن جو علاج ڪرڻ ۽ مهمانن جي خاطري ڪرڻ کان سواءِ ڪابه خواهش نه آهي. مسڪين ۽ مجبور ماڻهن جا درد ۽ مورن جا اداس ٽهوڪا کيس روئاريو وجهن ٿا. کيس ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ جي ثقافت کاتي ذريعي ماهوار وظيفو منظور ڪرائي ڏنو هو. جيڪو ارباب دور ۾ بند ڪيو ويو. پر عقل ۽ ڏاهپ ۾ سرس سليمت جانورن جي بيمارين جي علاج ۽ مهمان نوازي واري ڪرت ۾ رڌل آهي.