شخصيتون ۽ خاڪا

سون سريکيون عورتون

تحقيقي مضمونن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو صحافي عثمان راهوڪڙو آهي.”سون سريکيون عورتون“ سنڌ جي کاهوڙي ليکڪ ۽ محقق عثمان راهوڪڙي جو ڏاڍو اهم ۽ ڪارائتو ڪتاب آهي. جنهن ۾ هن ٿر، لاڙ ۽ وچولي جي سدا حيات عورتن جي ڪردار کي دل سان اجاگر ڪيو آهي. هُن هڪڙي نئين تاريخ هن ڪتاب ذريعي قلمبند ڪئي آهي.
Title Cover of book سون سريکيون عورتون

ڀرمي ڪولهي

ڀرمي ڪولهي ٽنڊوباگو کان تلهار روڊ تي، ڳوٺ مخدوم محمد رحيم جي رهندڙ هئي. هن جو پيءُ هارپو ڪندو هو. انگريزن جي حڪومت ۾ جڏهن هن ڳوٺ مخدوم محمد رحيم ۾ اک کولي ته، هن جي ڳوٺ جي ڀرسان ڦليلي تار وهندي هئي. سڳداسي چانورن جي خوشبو ڪتيءَ جي مند ۾ هن جي ٻاروتڻ کان وٺي سنڌ سنڌ ۾ سمايل رهي. غريب گهراڻي سان تعلق هجڻ ڪري هن جو ننڍپڻ سارين جا سڱ چونڊيندي ۽ ڦوسڻان ڍنڍ مان ٻور ڇاڻيندي گذريو. ٻين غريب ٻارن جيان هن جو ننڍپڻ ماني لاءِ ماندو ٿي گذريو. آرهڙ جي ڪاڙهن هن معصوم مکڙي تي ڇاهين جا ڇلر ڇٽيا. هن جي پيءُ جو جيون ڪيترن زميندارن وٽ هارپو ڪندي گذريو. گذر سفر جي تنگي ۽ ماني ڳڀي لاءِ پريشان هن جي پيءُ کي ڪڏهن واندڪائي ئي نه ملي ته هو ڌيءُ ڀرمي جو خيال رکي. ڀرمي جي ڪچڙي وهيءَ جئين جئين جوڀن ڏانهن وڌڻ لڳي ته، هن جو حسن به نکرڻ لڳو. ڪکائين گهر جي صحن ۾ سمهندڙ ڀرمي تي چنڊ سدائين مهربان رهيو. پور جوڀن جو چيٽ جو چنڊ جڏهن هن تي چانڊوڪي هاريندو هو ته، هن کي ڏينهن جو تتل سج وسري ويندو هو. هو جڏهن پرڻي ته کيس ٽي ٻار پيدا ٿيا، جنهن بعد سندس مڙس وفات ڪري ويو. ۽ ڀرمي پنهنجي ڀاءُ ماوجي سان گڏ رهڻ لڳي. ڀرمي ڀاءُ سان گڏ محنت سان زرعي زمين تي ٻي ڪم سميت پاڻي واريندي هئي ته، ساريال جو رونبو به خود ڪندي هئي. ڍڳيون، ٻڪريون ۽ مينهون به ڌاريائين. جن جي سارسنڀال لهندي لهندي هو مالدار ٿي وئي. پوءِ پنهنجي دور ۾ ماڻهن کي آئي مهل پئسا ڏيندي هئي. جنهن ڪري کيس علائقي جا ماڻهو ڀرمي بينڪ پڻ چوندا هئا. حاجي دورو راهوڪڙو کي منهن ٻوليو ڀاءُ ڪيو هئائين. سيٺ ڪوڏومل وٽان به کيس هر شيءَ ملندي هئي. ڪوڏو مل پنهنجي دور جو وڏو جاگيردار هو. ڀرمي ڪولهي عمر جي آخري وهيءَ ۾ ڪنڀارڪيون دانگيون وڪڻي به پيٽ گذر ڪيو، پر ڪنهن جي اڳيان هٿ ڪون ٽنگيائين. ڀرمي دائپو به ڪندي هئي. 80 واري ڏهاڪي ۾ وفات ڪيائين. سندس ٻه پٽ مصري ۽ ڪچرو ٿيا تن مان مصري وفات ڪري ويو آهي. سندس پوٽا سونو، مونيو ۽ ٻيا هن وقت به ڳوٺ مخدوم محمدالرحيم ۾ رهن ٿا. جڏهن به ڪنهن ڳوٺاڻي ڪچهري ۾ نالي وارن ڪردارن جو ذڪر ڇڙي ٿو ته، مائي ڀرمي ڪولهي جو ذڪر به ٿئي ٿو.