سَمهاڳ
زندگي چوڏودل آهي،
ٻار جئن انسان آهي،
جو ڊڄي ڀي ٿو انهي کان،
پو به ٿو ان ۾ چڙهي،
خوف ڀي کائي پيو ۽،
ٿو مزو ماڻي به پيو۔
زندگي شاعريءَ جو موضوع آهي۔ الاءِ ته ڪڏهن کان ۽ الائي ته ڪيستائين زندگي شاعريءَ جو موضوع رهندي۔ شايد تيستائين جيستائين زندگي آهي۔ دراصل زندگي ئي اهو سرچشمو آهي، جتان ٻيا هڙ موضوع ڦٽي نڪرن ٿا۔ هر موضوع جو سڌو/اڻ سڌو لاڳاپو زندگيءَ سان ئي آهي پر مسرور جي جنهن نظم جون مٿي ڇهه سٽون ڏنيون اٿم، جيڪو ان نظم جي ٻن بندن مان پهريون بند آهي، ان جو موضوع خود زندگي آهي، جنهن ۾ هڪ اَڄاتو خوف به آهي ته ڄاتو مزو به آهي۔ جڏهن خوف واري ڪيفيت اڀري ٿي ته مزو گم ٿيو وڃي ۽ مزي واري ڪيفيت زندگي کي وڪوڙي ٿي ته خوف الوپ ٿيو وڃي! نظم جي ٻئين بند جون پهريون ٻه سٽون هي آهن:
زندگي چوڏول آهي
جو مٿي ۽ هيٺ ٿئي ٿو۔
جو مٿي ۽ هيٺ ٿئي ٿو، مان رڳو مٿي ۽ هيٺ ٿيڻ وارو مفهوم نڪري ٿو يا هيٺ ۽ مٿي ٿيڻ وارو مفهوم به ڪڍڻو پوندو؟ سو چئي به نٿو سگهجي! انهن ٻن سٽن کان پوءِ واري سٽ
سُک ڏئي ٿو ڏُک ڏئي ٿو
مزو ۽ خوف، ڏک ۽ سک زندگي جا ئي روپ آهن۔ ان نظم ۾ مٿي سان بلندي ۽ هيٺ سان پستي جو تصور به اڀري ٿو! ان سِٽ ۾ ڏک کانپوءِ واري سک جو مفهوم به آهي يا نه ؟ !
نيٺ پورو ٿو چڪر ٿئي
جڏهن ته زندگيءَ جو چڪر، ڦيرو ڪڏهن به پورو نٿو ٿئي! اهو هلندو ئي رهي ٿو۔ ها جيڪڏهن هڪ جيوِ جي، هڪ ساهه واري جي، هڪ پراڻيءَ جي زندگي جو ذڪر آهي ته پوءِ ٻي ڳالهه آهي.
مسرور جي شاعريءَ ۾ حياتي ۽ مماتيءَ جا موضوع موجود آهن.
مسافر جيئن ماڻهو آ،سفر وانگي حياتي آ،
سڀن جي آخري سائين! اها منزل مماتي آ.
ممڪن آهي ته مٿئين نظم ۾ جنهن تي ڪو به عنوان نه آهي، زندگيءَ جي شروع ۽ پڄاڻيءَ وارو فلسفو بيان ڪيو ويو هجي!
بهرحال ان نظم ۾ حياتي ۽ مماتيءَ جي موضوع کي هڪ نئين انداز سان پيش ڪيو ويو آهي۔ تنوير جو هڪ شعر آهي:
زندگي لڏندي رهي ٿي پينگهه جان
هڪڙي پاسي ياس ۽ ٻئي پاسي آس۔
تنوير به ٻن پاسن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ مسرور به هيٺ ۽ مٿي جي ڳالهه ڪئي آهي۔ زندگي انهن ٻن ڇيڙن، پاسن / هيٺ، مٿي جي وچ ۾ آهي۔ آد ۽ انت جي ٻن ڇيڙن ۾ وچ آهي، جيڪو ئي زندگي آهي، عدم وجود ۽ عدم! پر شاعري انهن ٻن ڇيڙن/ پاسن، آد /انت واري وچ کي به موضوع بڻائي ٿي، يعني عدم/ وجود/ عدم شاعري جا موضوع آهن پر ائين صرف اعليٰ ۽ ارفع تصوريت سان ئي ممڪن آهي ۽ ان تائين رسائي جو واحد وسيلو وجدان آهي:
نڪا ڪن فيڪون هئي، نڪو لڱ لـَحـَمُ،
بنيو هو نه بت ۾، اڃا ڪي آدم،
مون توهين سين سڱ، اها ساڃاهه سپرين
(شاهه سائين سر مارئي)
موضوع جيئن ته ٻولي ۽ ڪنهن گهاڙٽي ۾ ئي اظهارجن ٿا. انڪري ٻولي ۾ گهاڙيٽي جي ڏس ۾ شاعر کي سدائين سچيت رهڻ گهرجي.
Poetry essentially is figurative language concentrated
So that its form is both expressive and evocative
(The best poems of English language)
ٽي ايس اليٽ جي لفظن ۾ شاعر جي بنيادي ذميواري پنهنجي ٻوليءَ ڏانهن آهي ته هو ان جو بچاءُ ڪري ۽ ان جي واڌ ويجهه ڪري .
ٻولي ۽ گهاڙيٽي جي آڌار تي ئي اڳتي هلي هڪ شاعر جي لهجي ۽ اسلوب جو تعين ٿئي ٿو، ان ڏس ۾ گهڻو ڪجهه لکيو هئم ۽ ڪجهه مثال به ڏنا هئم پر پوءِ اهو مواد پاڻ ئي رد ڪري ڇڏيم، ان جو مکيه ڪارڻ ته اهو ئي هو ته ان ۾ نالن نه کڻڻ جي ڪري ڳالهه نٿي ٺهي ۽ نالن کڻڻ جي ڪري تلخي وڌي ٿي۔ ٻيو ته هڪ شاعر پنهنجي مطالعي، مشق ۽ تجربي سان ان ڏس ۾ گهڻو ڪجهه پرائي سگهجي ٿو۔ مسرور پيرزادي مان اهڙي توقع ڪري سگهجي ٿي:
ويڙهه وڙهي مون لفظن سان
رائيفل خنجر هوندي ڀي۔
شاعر جنهن احساساتي گهرائيءَ تائين لهي ٿو ۽ اتان معنيٰ جا موتي کڻي ٿو اچي، ضروري نه آهي ته اسين ان جا پڙهندڙ / ٻڌندڙ ان گهرائي تائين لهون، پر ڏسڻو اهو پوندو ته هن اسان جي احساسن جي ڪيتري قدر ترجماني ڪئي آهي۔ مثلا مسرور جو هي شعر ڏسو:
ڌاريو پنهنجو پاڻ لڳي،
پنهنجو ئي تر هوندي ڀي۔
پنهنجي ئي تر ۾ اجنبيت جي انهي احساس جي پسمنظر ۾ هڪ گهري پيڙ آهي ۽ پيڙ ئي اسان ۾ ۽ شاعر ۾ مشترڪه آهي ۽ ان ڪري اهو شعر اسان جي احساس جو ترجمان بڻجي ٿو وڃي۔ ان شعر ۾ “ ئي” جهڙو روز مره جي ڳالهه ۾ ڪتب ايندڙ معمولي لفظ غير معمولي بڻجي ويو آهي.
مسرور پيرزادي پنهنجو ڪلام ڳچ عرصو اڳي مون کي ڏنو هو، ان تي لکڻ لاءِ اهو چئي ته جڏهن موڊ ٿيئيو، تڏهن ڏسي وٺجو، ان وچ ۾ ان قسم جا ٻيا ڪم يعني مهاڳ لکڻ وارا اچي ٿي ويا، انهي وچ ۾ آءُ مسرور جو ڪمپوزڊ مواد پڙهندو به رهيس، نوٽس به وٺندو رهيس ۽ ڪڏهن ڪڏهن فون تي يا روبرو مسرور سان ويچار ونڊ به ٿيندي رهي پر جڏهن به انهن نوٽس کي سٽاءُ ۾ آڻڻ پئي گهريم ته هي ڀيري نيون ڳالهيون ذهن ۾ ٿي آيون۔ ڪن شاعرن جا ڪي من پسند موضوع هوندا آهن۔ مسرور جا به آھن، جهڙوڪ “حيات ۽ ممات”!
مسافر جيئن ماڻهو آ سفر وانگر حياتي آ
سڀن جي آخر سائين! اها منزل مماتي آ.
زندگيءَ جو پرين وڳو لاهي،
موت جو مون کي پائڻو آهي۔
حيات ۽ ممات به هڪ وسيع ۽ شاعريءَ جو اوترو ئي قديم موضوع آهي، جيترو خود حيات ۽ ممات آهي۔ شاعري، مذهب، سائنس ۽ فلسفي جا اهي قديم موضوع رهيا آهن ۽ هي لوڪ سٽ ان جو ثبوت آهي، جيڪا 13-11 ماترائن تي آهي.
مرڻو ناهي مهڻو، پرڻو ناهي گار
پر مسرور موت کي وڌيڪ
ڪري ٿوIdealize
سڏي ٿو موت محبوبه جيان، مون کي وڃان ٿو مان۔
جڏهن ته هو اهو به چئي ٿو ته:
عارضي آ، مڃان پيو، پو ڀي
زندگيءَ سان لڳاءُ ڇو آخر!!
يا!
جيون ۾ ڪيڏو ڏک آهي ۽ ڪيڏو ٿورو سک آهي،
پر پوءِ به جيون پيارو آ، بيڪار ڀلي ڪهڙو به هجي.
ان غزل جي هڪڙي خوبي ته اها آهي ته ان جي هر شعر جي پهرين سٽ ۾ ٻٽو قافيو آهي۔ جيئن، هجن، ٺهن/عجيب، طبيب/ اڳيان، جان/ ڏک، سک۔ قافين جو اهو سٽاءُ قافيءَ جو رنگ آهي۔ سانگيءَ جي ڪافيءَ جي هڪ مصرع:
لوئي هيم لڱن تي لاکي، پهي پهن جي پيئڻ لاءِ پاکي
شاهد صاحب ستار، ٻيون نه گهران هوند شيون شيون ميان.
(ڪليات سانگي ص 387)
سچل سرمست:
شهر ڀنڀور کان ٿيم آزادي، ڪيچ ويندي ئي ڏٺم شادي
تنهن سان نينهن نڀايان، پوءِ نهاريان ڪئين؟
(رسالو سچل سرمست ص 445)
حافظ شاهه:
سهسين سڄڻ جا سور سٺا مون، ورهه وڇوڙا ڏک ڏٺا مون
واليءَ وصل جو واءُ ورايو، وچان وڇوڙي ورق ويو ڙي
.(پيام غمگسار ص25)
سچل، سانگي، حافظ شاهه جي ڪافين ۽ مسرور جي غزل لئه، گهاڙيٽو لڳ ڀڳ ساڳيو آهي۔ فرق آهي ته صرف سُر ۽ عروضي هيئت جو، جنهن سر سان ڪو به سنٻنڌ نه آهي۔ اهو هڪ بنيادي فرَق آهي، چوت ۽ لکت واري شاعريءَ ۾ اصل ۾ منهنجي راءِ ۾ 16 ماترائن وارو گهاڙيٽو فعلن 4 ڀيرا ” دنيا جي سڀني ٻولين جو واحد مشترڪ گهاڙيٽو آهي۔ سنڌي شاعريءَ ۾ ته رڳو ان گهاڙيٽي ۾ چوڻييون (منظوم) آهن پر ٻاراڻا ٻول به آهن.
ارچڪ مرچڪ، ڌاڻا ڌرچڪ۔
انگريزي ۾ به:
Twinkle twinkle little star
ڪبير:
تين بار جي پرتي نهاوين
ڪايا پيتو خبر نه پاوين (7)
(سنت ڪبير ص 287 )
بلھا شاھ:
مک ويکڻ دا عجب نظارا
رک دلدر اُٺ گيا سارا
رين وڊي ڪري پسارا
دن اگي ڌرو ديوال ني (8)
(آکيا بلهي شاهه ني، ص 290 )
16 ماترائن جي ٻيڻ 32 ماترائون ۽ فعلن 4 ڀيرا جي ٻيڻ 8 ڀيرا فعلن، جيئن ته ڪافي سُر تي آڌارڪ آهي ۽ ڪبير جي واڻي به سُر تي آڌارڪ آهي، پر مسرور جو غزل عروض تي آهي، جيڪو رڪنن جو بحر آهي، اهو انڪري به چوان ٿو ته ان غزل ۾ حروف علت حذف ڪرڻ جو اصول عروض وارو ئي آهي جڏهن ته ماترڪ ڇنڊ ۾ سُر حذف ٿئي ٿو ۽ ائين چٽي / اڻ چٽي اچار جي اصول موجب ٿئي ٿو۔ مثال طور مسرور جي انهي غزل جو هڪ شعر آهي:
ڀلي ڪيڏو مرض عجيب هجي، پر جڏهين عشق طبيب هجي،
سو پل ۾ چاڪ چڱو ٿيندو، بيمار ڀلي ڪهڙو به هجي.
ان جي مصرع ثاني ۾ چاڪ چڱو وزن ۾ ته پورو آهي پر ان مان اها چڱي ڀلي واري معنيٰ نٿي نڪري،
چڱو ڀلو سو پل ۾ ٿيندو، بيمار ڀلي ڪهڙو به هجي
سان ان جو گهاڙيٽو ماٽرڪ ڇند وارو ٿي ويندو، مٿي جيڪي ڪبير، سچل سرمست، سانگي، بـُلها شاهه جا مثال ڏنا اٿم، تن جو مقصد اهو ئي آهي ته اسان جي شاعرن کي پنهنجي اصل ڏانهن به رجوع ڪرڻ کپي ۽ سنڌي شاعري جي سريلي لوڪ ڪلاسيڪل روايت سان اُميري پائي رشتو جوڙڻ کپي، ڪافيار شاعرن سچل سرمست کان وٺي طالب الموليٰ تائين انهي سريلي روايت کي قائم رکيو ۽ اڳتي وڌايو، اڄ نه رڳو ڪافي معدوم ٿي چڪي آهي پر ان جو ذڪر به ڏاڍن آمرن آگرن لفظن ۾ ڪيو ويو آهي، هتي وستار سان نه سهي، ٿورن لفظن ۾ ٻڌائڻ اهو ضروري آهي ته مرزا قليچ بيگ “سنڌي ويا ڪرڻ” ۾ بيت جو وزن امڪاني طور فارسي رڪنن ۾ ڏنو آهي. صفحي 342 تي اها ورهاڱي کان اڳ جي ڳالهه آهي، تڏهن اڃا ڊاڪٽر جهمٽملهه خوب چند يا وناڻي جي اهم تصنيف “چند سڳنڌ” نه آئي هئي، نه ئي ڊاڪٽر الياس عشقي جون شاهه سائين جي بيتن جي گهاڙيٽي بابت تحرويرون ڇپيون هيون پر ڊاڪٽر نبي خان بلوچ شاهه سائين جي بيتن جو ڇيد سر ۽ ماترڪ ڇند بدران عروض موجب ڪيو آهي، “شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام، جلد پهريون ۾ (ص 145 ) يا جيئن عزيز ڪنگراڻي بيت جو وزن ”فعلن فاعلن، فعلن فعلن فاع“ مقرر ڪري ٿو، ان مان لڳي ٿو ته :
(1) موجوده دور جي بيت ۽ وائي کي به عروض اصول تي لکيو پيو وڃي.
(2) موجوده دور جو بيت ۽ وائي گهڻي ڀاڱي سر يا ماترڪ ڇند تي نه آهي
اهو انومان ان ڪري به ٿئي ٿو ته انهن صنفن ۾ احذاف گهڻي ڀاڱي عروضي اصول موجب ڪيا وڃن ٿا، “ مسرور” جي مواد ۾ بيت ۽ وايون به آهن، مونکي خبر نه آهي سر ۽ماترڪ ڇند جي کيس ڪيتري ڄاڻ آهي؟ يا هن ڪلاسيڪل بيت ۽ خصوصا لاکيڻي لطيف جي بيت ۽ وائي جو ڪيترو مطالعو ڪيو آهي! اهو ساڳيو سوال غزل جي حوالي سان به آهي، اهو ڌيان رهي ته بنان دليل ۽ ثبوت جي هر راءِ باطل آهي، روايتي شاعري کي فارسيت زده ۽ روايتي دور کي بي تعلق دور ’ جهڙن اڇاترن راين بلڪ گمراهه ڪندڙ هٿ ٺوڪين فتوائن کي جيئن جو تيئن قبولڻ بدران نون دوستن کي خاص طور روايتي دور جو مطالعو پنهنجي سر پڙهي ڪرڻو پوندو، ان ڏس ۾ “آئون آهيان نياز” جي مهاڳ ۾ به لکيو اٿم ۽ اهو اعتراف ڪيو اٿم ته روايتي دور جي شاعري لاءِ بنان پڙهڻ جي اهڙي هت ٺوڪي فتويٰ ڏني وئي هئي، سانگي جو هڪ شعر هانو تي هُري آيو اٿم:
هئا معشوقن جا ماڳ هتي، هئا رنگ، روپ ۽ راڳ هتي
هئا برهه وارن جا ڀاڳ هتي، سي ڦيري ڏيئي ڦٽائي ويا،
(ڪليات سانگي ديوان پهريون ص 7)
هڪ شاعر کي ٻڌڻ ، پڙهڻ ۽ ان تي لکڻ ٻين جو ڪم آهي پر گذريل ۽ گذرندڙ دور جي شاعري جو مطالعو ڪرڻ خود شاعر جو ڪم آهي۔ مشاهدي ۽ تجربي وانگر غزل گو شاعرن کي ته روايتي عزل جو مطالعو ضرور ڪرڻ کپي۔ پنهنجي اڄ کي ڪالهه سان جوڙي سڀاڻي جي سپنن کي ساڪار ڪري سگهجي ٿو۔ وڻ جي پاڙ جي جيتري اونهي هوندي ان جو ٿُڙ اوترو ئي مضبوط ۽ ڇٽ اوترو ئي پکڙيل هوندو۔ ماضي بعيد جي تلخ حقيقتن تائين شاعر کي پاڻ پهچڻو پوندو۔ مسرور جي لفظن ۾:
هاءُ ماضي بعيد آهيان مان،
تنھنڪري ئي جديد آهيان مان۔
سمنڊ سان مان ندي جيان ملندس،
شوق ڪوئي شديد آهيان مان۔
جيئن موجود پل عدم مان جنم وٺي گذري ويندو، وري عدم ۾ هليو ويندو_ ڪڙيون مٺيون يادون ڇڏي تيئن شاعر به لفظ لفظ ڪري سٽ سري ۾ پوئي ٿو. اهو سوال پوءِ جو آهي ته شاعر اهي پل لفظن جي صورت ۾ يادگار بڻائي سگهيو آهي يا نه؟ ڏسڻو اهو پوندو ته هن اهڙو اُدم ڪيو به آهي يا نه ؟ منهنجي راءِ ۾ ”مسرور“ اهڙو اُدم ڪيو ضرور آهي۔
هو مون ڀي هڪڙو پيار ڪيو ۽ پيار به ڪو اهڙو تهڙو،
ها منهنجو ڀي ڪو يار هيو ۽ يار به ڪو اهڙو تهڙو!
مان ويريءَ جو ڪو وار سهي، ها ڪين پيس ڪڏهين به ڊهي،
پر يار ڪيو ڪو وار هيو ۽ وار به ڪو اهڙو تهڙو!
ويرين جي ڌڪ ته سهي وڃبا آهن پر يارن جا ڌڪ سهڻ ڏاڍو ڏکيا آهن. انهي شعر جو پهريون لفظ مان آهي ۽ انهي ۾ اسين سڀ آهيون، ڌارين جا به ماريل ته پنهنجن جا به! اسان جي پوري تاريخ تي ٺهڪيل آهي اهو شعر! هڪ شاعر انهي کان وڌيڪ ٻيو ڇا ٿو چئي/ ڪري سگهي؟ ۽ هر دور جي شاعر اهو ئي ڪجهه چيو/ ڪيو آهي، پر جن لاءِ چيو ۽ ڪيو آهي اُهي ڪٿي آهن؟ اُهي جيڪي اسان جا پنهنجا آهن، يار آهن انهن جو وهنوار ڪهڙو رهيو آهي؟ سانگي انهن کي ڦيري ڏئي ڦٽائڻ وارا چيو آهي سو، ضمير متڪلم (مان) جي ڪري ٿي سگهي ٿو ته ان شعر کي ذاتي حوالي سان ڏٺو وڃي يا جيئن يار به واحد جي صيفي ۾ آهي ته وار به ، ته ان شعر ۾ اسان منجهان هر ڪو مان آهي.
غزل جي مصرع اوليٰ ۾ ٻٽي قافيي وارو سٽاءُ “ مسرور” جي ٻين غزلن ۾ به آهي، جيئن:
هيءَ بات مختلف آ، هيءَ ڏات مختلف آ،
تنهن لاءِ ئي ته منهنجو ديوان مختلف آ
شاعر کي ٻين کان لازمي طور مختلف هئڻ گهرجي۔ ائين هن جي انفراديت جو به تعين ٿئي ٿو ۽ ائين تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن تقليد بدران تخليق ڏانهن ڌيان هجي:
ناممڪن ممڪن ڪري
اڻ ٿيڻو ڪجهه ٿيءُ،
جيسين آنهه جهان ۾!
شيون، چهرا منظر شاعر جي اکين آڏو هوندا آهن، واقعا، حادثا، سانحا به هن جي سامهون ٿيندا رهندا آهن ۽ هڪ شاعر انهن کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو آهي. پر اهي خارجي لقاءَ داخلي سطح تي شاعر جي ڪيفيت ۽ احساس سان رلمل ٿي شعر جو روپ وٺندا آهن۔ سهائي رقص ۾ آهي، سال نئون حال پراڻو جي عنوان سان نظم يا اها وائي جيڪا مسرور پنهنجي ڀيڻ جو ٻارڙي جي فوت ٿي وڃڻ تي چئي آهي، واقعه نگاري جي زمري ۾ اچن ٿا:
جيڪو پيرن کان پنيو، باسي مون باسون
جنهن جي لاءِ لکين هيون، چپن منجهه چميون
سو ته مري ويو ٻارڙو
”مسرور“ پنهنجي ڀيڻ جو سور ان جي ئي زباني اظهاريو آهي ۽ هڪ شاعر جي حيثيت سان هڪ ماءُ جي ڏک کي بيان ڪيو آهي ۽ ان ريت اهو ڏک هر ان ماءُ جو ڏک آهي، جنهن سان ان قسم جو هاڃو ٿيو آهي، اهو ضروري به نه آهي ته ڪنهن واقعي جي ٿيندي ئي نظم ٿي وڃي يا نه ٿئي! ائين به ٿي سگهي ٿو ته صرف ان جو تاثر شاعر جي لاشعور ۾ رهجي وڃي يا ڪاسٽ جڙي وڃي ۽ ان نظم جو خاڪو ٺهي وڃي ۽ پني تي آڻڻ سان اها سٽ /خاڪو نظم جي روپ ۾ پڌرو ٿئي۔ جيئن سهائي رقص ۾ آهي واري سٽ آهي، جيڪا ان نظم جو عنوان پڻ آهي ۽ هر بند کان پوءِ وراڻي طور اچي ٿي:
لطيفي لات تي هن جي،
بدن جي شاعري ٻڌندي
خدائي رقص ۾ َآهي
سهائي رقص م آهي!
نرت جيئن انگ ڪويتا آهي، تيئن ڪويتا وري شبد نرت آهي، ٻنهي لاءِ رياض لازمي آهي پر اها انگ ـ ڪويتا ۽ شبد ـ نرت فطرت ۾ هئڻ کپي۔ نرت ۽ ڪويتا آڳاٽا ماڌيم آهن، ڀاونا جي اظهار جا۔ هن نظم ۾ روشني (ڇنڊ، ستارا) سُر (گلڙن جو گنگنائڻ) ساز (واءِ جو ويڻا وڄائڻ) .. اهو سڄو منڊ سهائي جي رقص منڊيو آهي! ۽ پنهنجي تخيل جي قوت سان شاعر انهيءَ رقص جي تاثر کي لفظن جي روپ ۾ پني تي پلٽيو آهي۔ ٻيئن بند ۾ جدائي ۽ ٽيئن بند ۾ روز ماڻهن جي مرڻ، گولين جي هلڻ جو ذڪر آهي ۽ آخر ۾ حسن ۽ ڪلا جي ڳالهه ڪيل آهي، جيڪي هن دنيا کي بچائي سگهن ٿا.
شاعر ڪٿان ڪٿان متاثر ٿو ٿئي؟ ڪٿان ڪٿان ۽ ڪهڙا ڪهڙا موضوع ٿو آڻي؟ ۽ ڪيئن انهن کي لفظن جو روپ ڏئي، انهن کي پني تي ٿو پلٽي؟ انفرادي طور به ان جو دلچسپ اڀياس ٿي سگهي ٿو۔ جيئن مسرور جو نظم ”وني منهنجي! وني منهنجي“ آهي يا ”ساڙ“ نظم آهي يا غزل ۾ هن جن موضوعن تي لکيو آهي۔ هڪ وني پنهنجي ٻار گهر ۽ ور لاءِ ڇا ڇا نٿي ڪري؟ هن نظم ۾ ان جو ڏاڍي خوبصورتيءَ سان ذڪر ڪيو ويو آهي۔ ونيءَ جي ڏهاڙيءَ جي ننڍين ننڍين ڳالهين ڪمن، سڀاءُ جو نفاست سان اُوڄو ڪيل آهي انهي نظم ۾۔ ٽڙيل پکڙيل ڪتابن کي ترتيب سان رکڻ خود ورجي زندگي کي ترتيب ڏيڻ جو سليقو آهي ۽ ور کي ونيءَ جا ڳوٺل اٽي هاڻا هٿ ڪنهن حسينا جي حنائي، نرم هٿن ۽ ڪنهن نمازيءَ جي دعا جي لاءِ کڄيل هٿن کان وڌيڪ سهڻا ٿا لڳن۔ ڇاڪاڻ ته ونيءَ جي ڳوٺل اٽي ۾ پورهئي سان پيار به ڳوٺل آهي.
جڏهن هيءَ پيار جي پوتر
اُجهائين پياس ٿي پياري!
تڏهن دنيا جي سڀ کان ئي،
حسين عورت لڳين ٿي.
”ساڙُ“ نظم نقاد /تنقيد جي حوالي سان آهي۔ مسرور جي ھڪ غزل جي هڪ شعر ۾ ب ساڳيو موضوع آيل آهي:
سندءِ تنقيد ٿي ماري نه مون کي پر رڳو توکي
اها تنقيد ڄڻ اهڙو ڪو حملو آپگهاتي آ!
هتي مسرور جو هڪ مختصر نظم ڏيڻ گهران ٿو:
ساري سنڌ ته پاڻ پرين آ،
سنڌ پرينءَ جو پاڇو ناهي!
سنڌ ته پاڻ پرين سپرين آ!
ٿر، اتر، لاڙ، وچولو،
رُوپ سڄڻ جو ڪاڇو آهي!
پهرين مون انهيءَ نظم کي بنا ڪنهن ٽيڪا ٽپڻيءَ جي ڏيڻ پئي گهريو۔ ڇاڪاڻ ته ان نظم لکڻ جي تحريڪ ”مسرور“ کي ڪٿان ملي، يا رسول بخش پليجي جي لفظن ۾ جيڪي هن حسن درس جي هڪ نظم ٻڌڻ کانپوءِ کائنس پڇيا هئا ته ”ان نظم جي وجه نزول ڇاهي؟“ ان جو جواب کيس ڪهڙو مليو، سا ته خبر نه آهي پر “مسرور ” جي ان مختصر نظم جي “وجه نزول” خود حسن درس جي هڪ نظم جي هيءَ سٽ آهي.
ساري سنڌ پرين جو پاڇو
اها سٽ جهڙوڪر حسن درس جي سڃاڻپ بڻجي وئي ۽ سندس پهرين ورسيءَ تي جامي چانڊئي پنهنجي هڪ لکڻيءَ ۾ ان سٽ کي هيئن لکيو:
ساري سنڌ “حسن” جو پاڇو!
پاڇو سدائين ڪنهن ”وجود“ جو ئي ٿيندو آهي۔ گهڻين روشين ۾ ۽ اونداهه ۾ ”پاڇو“ ناموجود هوندو آهي، جڏهن ته “وجود” موجود هوندو آهي ۽ اهميت ظاهر آهي ته ”وجود“ کي ئي آهي۔ جيئن حسن درس جو ”وجود“ هن جي شاعريءَ ۾ موجود آهي يا جيئن جاميءَ جي سٽ ۾ حسن لاءِ اُڪير موجود آهي پر ”مسرور“ پنهنجي ان مختصر نظم ۾ ”سنڌ“ کي، يعنيٰ”وجود“ کي اهميت ڏني آهي.
سنڌ ته پاڻ پرين سپرين آ
ٻي ڳالهه جيڪا ان مختصر نظم جي حوالي سان چوڻي آهيم سا اها ته مختصر نظم مان مراد ٿوريون سٽون به ناهي، بلڪل ائين جيئن طويل نظم جو مطلب گهڻيون سٽيون ناهي، جيئن شاعر سمجهن ٿا ۽ صفحن جا صفحا لکي ويندا آهن، جڏهن ته نظم توري شاعر اتي جو اتي بيٺا هوندا آهن، رڳو ويچار ٻڌندڙ گهوماٽين ۾ هوندو آهي۔ پڙهندڙ ان ڪري نه لکيو اٿم جو هو صفحا/پنا بنا پڙهڻ جي ورائي سگهي ٿو. يا ڪجهه سٽن/ بندن پڙهڻ کان پوءِ نظم کي ٺپي ڇڏيندو آهي۔ مختصر نظم ٿورين سٽن/ لفظن ۾ گهري / گهڻي ڳالهه چوڻ جو ڏانءُ آهي ۽ ”مسرور“ وٽ اهڙو ڏانءُ آهي ۽ هيٺيون نظم منهنجي ڳالهه جو دليل آهي:
مون ڀي توکي ڪين ڇڏيو هو،
تو ڀي مون کي ڪين ڇڏيو هو،
پيار گڏيو هو پاڻ ٻنهي کي،
پيار ڇڏيو هو پاڻ ٻنهي کي۔
ڪي شاعر ته غزل سان به ساڳي ڪار ڪندا آهن يا ته اڌ اکريءَ کان ڪم وٺندا آهن يا وري ڪو به قافيو نه ڇڏيندا آهن، جن ۾ هرڪات سڪنات جو خيال نه رکيو ويندو آهي ۽ بي جوڙ ۽ غلط قافيا هڻي ويندا آهن!
ڪڏهن ڪڏهن شاعري تي لکندي اسين ٻوليءَ وزن جي ڪنهن سهو چڪ يا بي ڌياني جي ڪڍ لاهي پائي پئجي ويندا آهيون ۽ خيال ڏانهن ڌيان ئي نه ڏيندو اٿئون! ، ڪڏهن وري خيال جي اوچائي نهداري نواڻ کي ائين چهٽي پوندا آهيون جو وزن يا گهاڙيٽو جنهن ۾ اهو خيال پيش ڪيو ويو آهي، ان جي سقم ڏانهن يا ته اسان جو ڌيان نه ويندو آهي يا وري اسان ڄاڻي واڻي ڍڪ ڍڪي ڇڏيندا آهيون. يا “مهاڳ” ۾ اهڙي گنجائش نه هوندي آهي، سر، ماترڪ ڇند، عروض_ جيڪو به ماڌيم هجي، ان جون گهرجون پوريون ڪرڻ لازمي آهن، احذاف ۽ مخفف محض وزن جي پورائي لاءِ نه ڪرڻ کپن، مثلا آهيان مخفف (اترادي لهجي ۾) هان آهي پر شاعر هان کي به وزن جي پورائي لاءِ (هه) ڪري ٿا ڇڏين! آهي، آهه، آ مستحمل آهي پر اڪثر شاعر آ کي به حذف ڪري آ ٿا ڪن، جنهن جي معنيٰ نه يا اڻ آهي ساڳئي صورتحال ضميري پچارين ۾ اصم تصخير جي آهي ۽ جي نشاني يا ته نٿي ڏني وڃي يا وري غلط ڏني ٿي وڃي ”مخلص“ جي هڪ مطلع مثال طور ان ڏس ۾ (اها مطلع پهريون ڀيرو پنهنجي ڳوٺ ٽکڙ جي وڏي اسڪول جي پهرين اسڪول روم جي هڪ ڀت تي ”سعيد“ ٽکڙائي جي سهڻن هٿن اکرن سان لکيل ڏٺي هيم، اهو اسڪول ته ڊهي پٽو پٽ ٿي ويو پر اها مطلع ڇت تان ڊهي نه سگهي):
پئي جام ۾ جي عڪس تنهنجي جلوه گري جو
دم بند خجالت کان ٿي شيشي ۾ پري جو
(11 ) (رهنمائي شاعري صه 168 )
ان ۾ ”گري“ ۽ پري قافيا آهن، سنڌي اچار موجب گري ۽ پري هئڻ کپي پر روايتي دور ۾ لکيو به ائين ويندو هو ته پڙهيو به ائين ويندو هو، ڇاڪاڻ ته ائين ڄاتو ويو ته ‘ءَ’ لکڻ ۽ پڙهڻ سان تقطيع مهل ان کي به ڳڻيو ويندو ۽ شعر وزن کان خارج ٿي ويندو. ”سانگي“ جي غزل جي هڪ مطلع ۽ مطلع ثاني :
ڪڙن سان ڪجن مرڪڙائي جون ڳالهيون
مٺن سان ڪجن پر مٺائي جون ڳالهيون
اسان ساڻ ڪر آشنائي جون ڳالهيون
اي سهڻا سڄڻ ڪر سچائي جون ڳالهيون
(رهنمائي شاعري صه 105 )
اتي صرف ”مٺائي“ ۾ ‘ءَ’ جي نشاني آهي، شايد ڀل وچان منهنجي راءِ ۾ ‘ءَ’ جي نشاني ڏيڻ لازمي آهي، ان ڏس ۾ چٽي / اڻ چٽي (گڏيل) اُچار وارو اصول آڏو رکڻ کپي. ٻولي /اُچار حرڪات سڪنات جي ڏسڻ ۾ اهڙا بحث نٿا ڪيا وڃن، شاعرن کي ”رهنمائي شاعري“ (ڊاڪٽر ابراهيم خليل) “سنڌي ويا ڪرڻ ”(قليچ)“ سنڌي ٻولي جي تاريخ” (ڀيرو مل) ضرور پڙهڻ کپن. هونئن چوندا آهن ته ”پڪي گهڙي کي ڪنا ته پوندا آهن“. پر شاعر ڪو ”گهڙو“ ناهي. هن کي آخري ساهه تائين به سکندو رهڻو آهي. ڳالهه ٻئي پاسي هلي وئي، اصل ۾ ”مسرور“ جي هيٺئين شعري جي حوالي سان ڪجهه چوڻ پئي گهريم:
حسين ڪاٺ جو سامان ڀي ٻڌائي ٿو،
وڍيل وڻن جي پرين! ڏار ڏار جو قصّو.
اهو شعر وڻن جو نوحو آهي۔ پنهنجو هڪ ٽيڙو پيو ياد اچيم:
هيا ڪيئه نه ڳڻ
لاشن جيئن پيا هيا
جمڙائوءَ تي وڻ!
لاکيڻي لطيف چيو آهي ته :
دل ڪر درخت جي دستور !
ڇاڙپ لڳي ڇڳا ڪرن، ميوا جهلي نت ٻور!
ڪيڏي نه اڀاڳ جي ڳالهه آهي ته هاڻي اسان وٽ نه دل آهي، نه درخت آهي نه ئي دستور آهي۔ سنڌ جا قدرتي ۽ هٿرادو پوکيل ٻيلا هئا، اهي وڍي ناس ڪيا ويا، وڻ جيڪي ڇانوَ، پلڙا، ٻوري، ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون، گهرن اڏڻ لاءِ ٿوڻيون، ٿنڀ، پٽيون ۽ داسا، ماکيون ۽ ميوا ڏين ٿا، انهن کي انتهائي بيدرديءَ سان وڍيو ويو۔ ان سان نه رڳو جهنگلي جيوت ناس ٿي وئي پر قدرتي آفتن کي روڪڻ جو هڪ مکيه وسيلو به ختم ڪيو ويو ۽ سنڌ جو وايو منڊل گدلو ٿي ويو!
غزل جهڙي معجوب قسم جي قنف ۾ ان موضوع کي تغزل جي رڱ ۾ رڱڻ ساراهه جوڳي ڪوشش آهي ئي، پر غزل کي موضوعي پابندي مان به ڪڍيو ويو آهي.
سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي ته “جهنگ ننگ آهي” پر هاڻي اسان وٽ نه جهنگ آهي ۽ نه ئي ننگ آهي!
پير ننگا حيات جا آهن،
وقت کي رڻ ڪو تتل لکجي!
حيات ۽ وقت بليغ استعارا بڻجي ويا آهن، انهيءَ شعر ۾! ”مسرور“ بنيادي طور تي غزل جو شاعر آھي ھو حيات ۽ وقت جي صورتحال کي ٿورن ۽ تز لفظن ۾ اسان آڏو آڻڻ ۾ سڦل آهي. حيات جيوت اڄ به خاص ڪري ٽين دنيا ۾ ۽ سنڌ ۾ ڏکي بکي اگهاڙي ۽ اگهي آهي۔ تتل رڻ وارو اگهاڙي پيرين پنڌ آهي، جيڪو ڪٿي نٿو کٽي۔ مٿان وري جيڪي سوکڙيون (ليڊر) اسان کي مليون، ماضي توڙي حال ۾ انهن عوام کي ٻارڻ جي ڪاٺين وانگر ٻاريو.
غزل اھو ئي ڪامياب آھي جنھن جو ھر شعر سُٺو ھجي۔ مسرور اھڙا غزل لکيا آھن۔
هائو ماضي بعيد آهيان مان،
تنهن ڪري ئي جديد آهيان مان.
منهنجي من ۾ ئي منهنجو مُرشد آ،
پنهنجي من جو مُريد آهيان مان.
==============
دل چئي ٿي اڄ غزل لکجي،
پيار جو يار پَل پل لکجي۔
اڻ ٻڌل کي وري وري ٻڌجي،
اڻ لکيل ۾ اڻ چيل لکجي۔
اھو سمورو غزل پڙھڻ جھڙو آھي ۽ ڪڙھڻ جھڙو بہ۔
غزل جي هڪ شعر ۾ پوري ڪٿا چئي ڇڏڻي آهي، يعني ٻن سٽن ۾ هڪ خيال، هڪ احساس، هڪ وارتا پيش ڪري ڇڏڻي آهي. ائين ته ٻه سٽي بيت، دوهي ۽ سورٺي ۾ به هوندو آهي. پر غزل جي صنف ۾ مطلع جي وچ ۾ ٻيا به شعر هوندا آهن ۽ انهن هر شعر موضوعاتي لحاظ کان ڌار ڌار هوندو آهي. غزل جي اها جتي هڪ خوبي ليکجي ٿي، اتي اها ۽ ان جي خامي پڻ چئي وڃي ٿي. سنڌ جي شاعري جي روايت ٻي طرح جي ۽ ان کان مختلف آهي۔ ان ڪري سنڌي ۾ مسلسل غزل به ملي ٿو ۽ ”مسرور“ وٽ به اهڙي روايت ملي ٿي.
”مسرور“ جي هن غزل جي هيٺيئن شعر ۾ زندگيءَ جو حسن آهي يا شاعريءَ جو! ان ۾ زندگي، حسن، نيڻ، عشق، خواب، ڪجل هڪ ڪري ماترا سان آيل آهن ۽ مجموعي تاثر پيدا ڪن ٿا:
زندگيءَ جي حسين نيڻن ۾،
عشق جي خواب کي ڪجل لکجي!
هر شاعر جو پنهنجو جهان هوندو آهي، يا هئڻ کپي. ”مسرور“ جو به پنهنجو جهان آهي. ٻين کان مختلف جهان، جيڪو هن پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ سان جوڙيو آهي.
منهنجو جهان پنهنجو، اهڙو آهي ڪنهن جو،
منهنجي جهان جو هر انسان مختلف آ!
هيءَ بات مختلف آ، هيءَ ڏات مختلف آ،
تنهن لاءِ ئي ته منهنجو ديوان مختلف آ!
”مسرور“ جي هڪ سٽ منهنجي ذهن تي پهرين سٽ جيڪو تاثر ڇڏيو، اهو مون نوٽ نه ڪيو پر آءُ ان شعر تي مسلسل سوچيندو رهيس. ائين ٿي سگهي ٿو ته ”مسرور“ جي من پسند موضوع، حيات ۽ ممات جي جهاجهه جي ڪري اهڙو فوري تاثر جڙيو هجي! ڳچ ڏينهن ۽ راتيون ان شعر بابت سوچيندو لوچيندو رهيس. تان جو هڪ پل اهڙو آيو، جو اهو شعر منهنجو دڳ جهلي بيهي رهيو ۽ ڳوٽ ڀڄي پئي ته ”مسرور“ نه رڳو ان شعر ۾ زندگي ۽ موت بابت هڪ نئون نقطو پيش ڪيو آهي، پر ان کي ”چولي مٽائڻ“ واري قديم اصطلاح سان پڻ جوڙيو آهي، جنهن جي معنيٰ جوڻ مٽائڻ، پنر جم آهي۔
زندگيءَ جو پرين! وڳو لاهي،
موت جو مون کي پائڻو آهي!
جدت ۽ قدامت جي سنگم جو حوالو ”مسرور“ جي شعرن ۾ موجود آهي۔
شاعري خود هڪ نظريو آهي، ان کي ڪنهن به ٻاهرئين نظرئي جي ضرورت نه آهي. البت ٻاهرين نظرين کي شاعريءَ جي ضرورت آهي ۽ آهي مهل ڪمهل پنهنجي سند طور شاعريءَ کي استعمال ڪندا رهندا آهن پر ”مسرور“ وٽ شاعريءَ لاءِ هڪ نڪته نظر آهي.
ڪهڙو سو شعرُ جنهن ۾ ڪونهي ڪوئي ترّنم!
نغمو سو ڪهڙو جنهن ۾، ڪا نغمگي نه آهي!
آهي وزن به پُورو ۽ شعر ڀي سُٺو آ،
بس شعر منجهه تنهنجي ديوانگي نه آهي!
شاعريءَ جو شوق رکڻ وارا “مسرور” جي چوڻ موجب ڪيترائي آهن ۽ شوق جو ڪو ملهه به ڪونهي. پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکڻ جو شوق وري به ٺيڪ آهي پر ڪيترا اهڙا به شاعر آهن، جن کي شاعريءَ جو ”شونقڙو“ آهي.
شعر لکڻ آ شوق جنين جو، اهڙا شاعر ڪيئي آهن،
شعر عبادت آھ جنين جو، اهڙا شاعر ٿورا آهن۔
۽ ”مسرور“ به اهڙن ئي ٿورن شاعرن مان آهي۔ هن سنڌي غزل کي اوڄ ڏني آهي، ان جي آبروءَ کي برقرار رکيو آهي، تجربي جو ساهس ڪيو آهي، نعريبازيءَ کان گريز ڪيو آهي، فن آرٽ ۽ ڪلا کي ترجيح ڏني آهي.
عشق جي آڳ آ جا وسامي نٿي،
آءُ جلندو رهيس، مينهن وسندو رهيو!
مينهن جي گائڪي، مينهن جي شاعري،
آءُ ٻڌندو رهيس، مينهن وسندو رهيو!
شعرائن ٿا وسن، جن ڦُڙيون ٿيون پون،
آءُ لکندو رهيس، مينهن وسندو رهيو!
ان غزل ۾ ”مسرور“ مينهن جي وسندڙ ڦڙين جو جل ترنگ جاڳائي ڇڏيو آهي۔ هر شعر جي مصرعي ثاني ۾ جلندو، ٻڌندو، لکندو سان رديف ”رهيس مينهن وسندو رهيو“ ۾ رهيس / رهيو ”وسندو “ جوصوتي آهنگ ۽ ڀنل ڀنل ڏيک هڪ ئي وقت ڀڄائي ۽ ڀڙڪائي ٿو ڇڏي، جذبات کي! شاهه سائينءَ جو سُر سارنگ مان هڪ بيت هانوءَ تي هُري آيو آهي:
مينهان ۽ نينهان، ٻئي اکر هيڪڙي،
جي وسڻ جا ويس ڪري ته ڪڪر ڪن ڪيهان،
بادل ٿي بيهان، جي آگم اچڻ جا ڪرين۔
يا ”مسرور“ جو اهو غزل جنهن جو هر شعر سواليه نشانيءَ تي ختم/ شروع ٿئي ٿو! پر انهن سوالن جا جواب ڪنهن وٽ به نه آهن، سواءِ ان جي ته اهو فطرت جو نيم آهي۔ انهن سوالن ۾ حيرانگي به آهي تجسس به ته ووڙ، ولوڙ به۔ ان غزل ۾ ڪافين جو سٽاءُ نيارو ۽ پيارو آهي.
ڏسڻ کان پوءِ کلڻ آهي، کلڻ کانپوءِ ملڻ آهي،
ملڻ کان پوءِ ڇڄڻ آهي، ائين آهي ته ڇو آهي؟
”مسرور“ جتي هٿ ٺوڪي تنقيد کي نندي ٿو ۽ “ساڙ” جهڙو نظم لکي ٿو، اتي هو ياري باشيءَ واري “ واهه واهه” جي به خلاف آهي. آءُ سمجهان ٿو ته اسان جي ادب ۽ شاعري ۽ مجموعي طور سنڌي ٻوليءَ جو بنيادي مسئلو به اهو آهي۔ هر ڪو جديد شاعر طور سڏرايو ٿو وجي پر هاڻي جديد، اهم شاعر چوڻ تي به دنگ نٿو ڪيو وڃي، بلڪ وڏي شاعر کان به ڳالهه چڙهي وئي آهي ۽ تمام وڏو شاعر/وڏي شاعرا واريون فتوائون صادر ٿي رهيون آهن. ڪجهه مخصوص ٽولا آهن، جيڪي خسيس مفادن لاءِ جيري ڪاڻ ٻڪري ڪهي رهيا آهن. هڪ شاعر کي اهڙي اگري نگري صورتحال ۾ وڌيڪ سچائي ۽ ذميواريءَ سان پنهنجي تخليقي ڪم ۾ رڌل رهڻ کپي ۽ هٿ ٺوڪي تنقيد جو به اهو ئي جواب آهي۔ ساڳئي وقت هن کي سکڻي واهه تي به ڀنڀلجڻ نه گهرجي:
دوستيءَ جي نڀاءَ لئه “وهه واهه”،
شاعريءَ ساڻ دشمني ٿئي ٿي۔
هڪ شاعر جي بقا هن جي شاعريءَ ۾ آهي پر اها واقعي شاعري هجي به! لعل پشپ چيو آهي ته هر تخليقڪار جي تخليق ڪرڻ جو محرڪ ڄاتي، اڄاتي امر ٿيڻ جو جذبو ئي هوندو آهي۔ زندهه رهڻ واري شاعريءَ جو مدار ان جذبي جي گهرائيءَ تي آهي. “مسرور” اهڙو اظهار پنهنجي هڪ نظم “ مڪالمو” ۾ ڪيو آهي جنهن ۾ شاعري شاعر سان مخاطب آهي ۽ هن کي پاڻ ڏانهن سڏي ٿي ته جيڪڏهن شاعر دنيا جي ڌنڌن پٺيان رلڻ بدران رڳو شاعريءَ جي ئي ڪڍ لڳي ته جيڪر اها شاعر کي ايڏا سک ڏئي جو هو سوچي به نٿو سگهي:
ڏاڻ ايڏا ڏات جا توکي ڏيان،
جيترا تون ڪين ميڙي ٿو سگهين!
آءُ مون ڏي!
آءُ آهيان بس رڳو تنهنجي بقا،
ٻيو ته سڀ ڪجهه آ فنا،
سڀ فنا........
سڀ فنا..............
ان نظم مڪالمو جي انهن آخري سٽن تي هن سمهاڳ جي پڄاڻي ڪرڻ پئي گهريم پر سوال ۽ ڳالهيون پوءِ به دڳ جهلي ٿي بيٺيون، جهڙوڪ: شاعر پنهنجي ڏات سان شاعري تخليق ڪري ٿو پر هتي شاعري، شاعر کي ڏات کي ڏاڻ آڇي ٿي. ان شرط سان ته جي شاعري دنيا بدران هن جي ڪڍ لڳي! هونئن ته “ مسرور ” جي شاعري جو اوڄو ڪيترن هنڌن تي ضدن/ ابتڙن تي ڪيل آهي، جيئن ملڻ/ڇڄڻ، حيات/ممات، بقا/فنا... پر هن نظم ۾ دنيا ۽ شاعري آهي، دنيا خارجي آهي ۽ شاعري داخلي، خارجي جي مشاهدي جي پرک داخلي سطح تي ٿئي ٿي، منظر، شيون، چهرا سڀ خارجي لقاءَ آهن، دنيا جون ڪيتريون ئي معنائون آهن، جيئن:
جهان، جڳ، سنسار، لوڪ، زمين، پرٿوي
ٻومي دنيا جا ماڻهو، لوڪ، خلق، دولت،
ناڻو، ڌن.
(سائل ڪوش صه 250 )
شاعري ۾ ڪتب آيل لفظ جي معنيٰ عام يا ڪوش جي معنيٰ کان اڳتي جي معنيٰ هوندي آهي. اصطلاحي معنيٰ کان به اڳتي جي معنيٰ_ استعاراتي معنيٰ! يعنيٰ عارضي. دقتي. جرتي، ڦوٽو جيئن ! ۽ شاعري شاعر کي عارفيت کان دائميت ڏانهن سڏي ٿي، فنا کان بقا ڏانهن! هتي مون کي ڪنهن ٻڌل ڪلام جو هي ٿل ياد اچي رهيو آهي:
ڇڏي ڏي ملڪ دنيا کي،
ويهي ٻڌ عشق جون ڳالهيون
هتي عشق آهي ۽ ”مسرور“ جي نظم ۾ ”شاعري“ ! شاعري شاعر جو عشق آهي، ان نظم لاءِ اهڙو جواز ڏئي سگهجي ٿو؟ نظم ۾ _ ايترو، جيترو، ايترا، جيترا، جيترن_ ان مقدار کي منهم يا غير مبهم ڪن ٿا، جيڪو رلڻ ( دنيا جي ڌنڌن پٺيان) سکن ( جيڪي شاعري ڏئي سگهي ٿي) خوشبو ( شعرن جي گلن جي) ڏاڻ ( ڏات جا ) سان لاڳاپيل آهي، اهو مقدار جيڪو شاعر کي شاعري آڇي ٿي، انهن لفظن سان اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ايترو ڪيترو ؟ ان جواب جو جواب نظم ۾ ئي هڪيو ڪيو ويو آهي ته ايترن شعرن جي گلڙن جي خوشبو، ڏات جا ايترا ڏاڻ، ايترا سک، جو شاعر جو سوچي به نٿو سگهي! پر اهو سڀ تڏهن ٿيندو، جڏهن شاعر جنهن کي ‘ سهڻا’ چئي شاعري مخاطب آهي، جيترو دنيا جي ڌنڌن پٺيان رُلي ٿو، ايترو ( ان کان به گهٽ نه وڌ) شاعري جي ڪڍ لڳندو! هر تخليق کان پوءِ شاعر کي هڪ سک سري ٿو پر اها تخليق ڪيتري پيڙا کانپوءِ پني تي پلٽجي ٿي، اهو ڪير ٿو ڄاڻي؟ شايد شاعر به نه!
ايترا توکي ڏيان مان سک سهڻا
شاعري جي آڇ ذات جي سکن لاءِ آهي؟ يا پوري دنيا جي سکن لاءِ! هتي دنيا کي تياڳڻ يا سنياس وٺڻ جي ڳالهه به نه آهي، صرف جيترو ۽ اوترو وارو شرط آهي! لاکيڻي لطيف جو هي بيت منهنجي ڳالهه کي شايد ڳڻڻ جيترو ڪري:
ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ريءَ
جنين جي وردنهن، سڄڻ آيو مان ڳري!
(سُر حسيني)
امداد حسيني