هيءَ عُمر قيد آهي، هيءَ زندگي نه آهي،
ڪا موت تائين ان مان، آزادگي نه آهي.
افسوس آهه مون کي، تو بن به خوش رهان ٿو،
افسردگي اِها آ، افسردگي نه آهي.
بس عشق ساڻ حاصل، پائندگي ٿئي ٿي،
باقي ته ڪنهن به شيءِ ۾، پائندگي نه آهي.
هاڻي پرين! هلي آ! مَن منهنجي ۾ ڀلي آ!
هاڻي گناهه ڪنهن جي، ڪا گندگي نه آهي.
جَنّت جي لوڀ ڇڏ تون، دوزخ جو خوفُ ڇڏ تون!
هي لوڀ، خوف آهي، هيءَ بندگي نه آهي.
ساڳيو بهار آهي، پر سو نکار ناهي،
خوابن جي ڀي گُلن ۾ ڪا تازگي نه آهي.
مصروف ٿي ويو هان، ڪم ڪار ۾ گهڻو مان،
فرصت جو عيش ۽ سا آوارگي نه آهي.
ها پيار منجهه تنهنجي، رُسوائيون مليون ڪي،
پر پو به پيار تي ڪا، شرمندگي نه آهي.
مون کي مٺا! مُيّسر، ھر آ ھتي سهولت،
ها پر سُڪون واري، سا زندگي نه آهي.
محبوبڙي نه مون کي، ڪائي ملي مُڪّمل،
ڪنهن ۾ جمال، ڪنهن ۾، شائستگي نه آهي.
پيالا چَپن- چُمين جا، مون لاءِ اج به آهِن،
پر هاڻ تن لئه مون ۾، ڪا تشنگي نه آهي.
ڪهڙو سو شعر جنهن ۾، ڪونهي ڪوئي ترّنم!
نغمو سو ڪهڙو جنهن ۾، ڪا نغمگي نه آهي!
آهي وزن به پُورو، ۽ فڪر ڀي سُٺو آ،
بس شعر منجهه تنهنجي، ديوانگي نه آهي!