انور پيرزادي جي ياد ۾
جنهن ۾ “انور” نالي هڪڙو شخص هو،
هُو، جو موهن جي دڙي جو شخص هو،
چنڊ جو سنڌوءَ ۾ ڄڻ عڪس هو.
هُو فقيرن سان فنا هو فقر ۾،
عالمن سان علم ۾ هو اٽڪندو،
دوستن سان ٽهڪ ڏيندو هو وڏا،
عاشقن سان عشق ۾ هو روئندو.
هن جبل سان جيءُ پنهنجو جوڙيو،
کنڊرن ۾ پاڻ کي هن ڳوليو،
هن ڪتابن کي رکي پٺتي ڇڏيو،
۽ دنيا ۾ ڄاڻ کي هن ڳوليو.
هُو گُلن سان گفتگوءَ ۾ گڏُ رهيو،
دوستي هن جي هئي درياهه سان،
هُو ستارن سان ڪندو سُس پُس هيو،
چنڊ کي ڀي هو چمُيندو چاھ سان.
طبع ۾ ھُو ايترو آزاد هو،
جو ڪنهين شعبي ۾ ڦاٿو ڪينڪي،
زندگيءَ جو هن مزو پئي ماڻيو،
۽ ڪيائين ڪو به ڪاٿو ڪينڪي.
مڌُ پئيندو هو محبت جو مٺو،
سڪ جا سگريٽ ساڙيندوهيو،
پيار پوکيو، پيار ئي هن پئي لُڻيو،
پيار ئي ويٺو ورهائيندو هيو.
انقلابي هُو پکي ڳاڙهو هيو،
واڙيو جيڪو ويو هو جيل ۾،
هن ڏٺا لاها ۽ چاڙها ڪيترا،
زندگيءَ جي ظلم جهڙي کيل ۾.
سنڌ ۾ جيڪا ڏٺي هن سُونهن هئي،
سا ڀٽائي جي نظر سان هُن ڏٺي،
هو رسالو شاه جو، هن جو وطن،
هر گهٽي جنهن جي محبت جي گهٽي.
ڏُکّ کائي پر اڏوهيءَ جئن ويس،
درد جي ڪينسر وگهي هُو ويو مري،
زندگيءَ جو هي وڏو درياه پي،
پار پهتو، نيٺ آخر هُو تري.
موت، ماڻهو روز ٿو ماري پيو،
ڪو مگر ٿو موت کي ماري ڇڏي،
هُو به اهڙو ئي امر ماڻهو هيو،
موت جنهن کي ڪين ٿو ماري سگهي.