شاعري

منفرد

هي ڪتاب 2014ع ۾ امبر پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي. ڪتاب جي ڪمپوزنگ اظهار پيرزادو ۽ عمران سھتو ڪئي آهي جڏهن ته لي آئوٽ گلبانو مرزا، ٽائيٽل فوٽو گرافي عبدالحسين ميراڻي ۽ ٽائيٽل آغا جان جي محنتن جو ثمر آهي..
اسان ٿورائتا آهيون شاعر، ليکڪ ۽ پياري دوست مسرور پيرزادي صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني..

Title Cover of book Munfarid

هيءَ وادي به ٿي ويران، ڏِسون ڇا ٿو ٿئي!

هيءَ وادي به ٿي ويران، ڏِسون ڇا ٿو ٿئي!
شهر سارو ٿيو سنسان، ڏِسون ڇا ٿو ٿئي!

ظُلم ڏس! قتل ٿي انسان رهيو آ، چوڏس،
آهه قاتل به سو انسان، ڏِسون ڇا ٿو ٿئي!

هر طرف خون وهي، خون وهي ماڻهوءَ جو،
امن جو آهه ڪو امڪان؟ ڏسون ڇا ٿو ٿئي!

زندگي هيءَ گذارڻ به ڏُکّي آ ڏاڍي،
موت آهي هتي آسان، ڏِسون ڇا ٿو ٿئي!

نيٺ ڪڏهين ته وري زندگيءَ کي چاهيندو!
سڀ ڪندو ناس يا نادان؟ ڏِسون ڇا ٿو ٿئي!