هاڻ وڌي ويو آ منهنجو غم،
دانهن نه ڪائي ۽ نه اکيون نم.
هن دنيا کي دانائي ۽،
درويشيءَ جو گهرجي سنگم.
روح به منهنجو زخمي آهي،
آهه ڪيو مون ايڏو ماتم!
توکي ثبوت خدا جو گهرجي؟
آهه ثبوت سڄو هي عالم.
اُڀ جي چاهت ڌرتيءَ سان آ،
ڏس! ته چُمي تي گُل کي شبنم.
سولائيءَ ۾ آهه ڏُکيائي،
جيون سولو هوندي جوکم.
جنّت (جنهن مان تڙجي نڪتين)
ماڻڻ، تنهنجو مقصد آدم!
ڪين اڃا نرواڻ ملي آ،
باقي، مان ڀي آهيان گوتم.
سمنڊ رڙي ٿو درد وچان ۽،
چئي ٿو "سروم دُکم دُکم".
"جو دم غافل، سو دم ڪافر"
توکي ساريان ٿو مان هردم.
توبن منهنجي جيءَ جا جاني!
هيءُ جهان به آهه جهنم.
مصروفيت بيڪار ڪيو آ،
منهنجي فرصت منهنجوآ ڪم.
منهنجو ملڪ مُحبّت آهي،
منهنجو شعر انهيءَ جو پرچم.
ڪهڙو شعرُ اهو ڀي جنهن ۾،
فن ۽ من جو ناهه ترّنم!