اداري پاران
ھن ڪتاب ۾ شامل ھڪ هٿ جي آڱرين جيترن سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن ھر ھڪ مير محرم لغاري، خادم حسين جسڪاڻي، سڪندر اداس لنڊ، زين کوسي ۽ گهايل لغاريءَ جي شاعريءَ ۾ عميق احساسن جي اپٽار سميت فڪري ۽ فني خوبين جا ڪرڻا زندگيءَ جي معاشرتي پھلوئن جي بہ عڪاسي ڪن ٿا ته داخلي ڪيفيتن کي به پنھنجي ڍنگ سان نمودار ٿي پنھنجي ڀرپور موجودگيءَ جو احساس جتائين ٿا. سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت لاءِ پاڻ پتوڙڻ جو جذبو رکندڙ ھن ٻنھي ڪوتاڪارن گھايل لغاري ۽ زين کوسي جي محبتن ۽ محنتن تي کين جس ڏيڻ گھرجي، جن پاڻ سميت ٻين ساٿي شاعرن کي به اتساھ بخشيندي ايڏو مانُ ڏئي سندن ڪوتائن کي نه فقط منظر عام تي آندو پر ھميشه لاءِ محفوظ پڻ ڪري ورتو. اميد ته سندن هن پھرين اشاعتي وک کي ساڳي محبتي موٽ سان نوازيو ويندو.
[b]ساجد سنڌي
[/b]سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد