پياري پنهنجي پريت ڪهاڻي، پياري پنهنجي پريت ڪهاڻي، بيت غزل هر گيت ڪهاڻي. ناز ڀلي ڪر، نازن وارا، ڪاوڙجڻ جي ريت پراڻي. ياد اٿي هُئي، جيءُ جليو هو، تون جو آئين آڳ اُجهاڻي. دل سان دل ڳنڍ سونهن جا سائين، پوري ڪر هي آس نماڻي. هر چيز ٿيندي نيٺ فنا، ليڪن ناهي پيار پڄاڻي.