تنهنجي مجبوري سمجهان ٿو، تنهنجي مجبوري سمجهان ٿو، مونکان هي دوري سمجهان ٿو. ڏوهه نه تنهنجو ڪوئي آهي، ڳالهه سموري سمجهان ٿو. شايد ملڻي ناهين مون کي، ها آس اڌوري سمجهان ٿو. منهنجا ڀاڳ سڪي جا پاسا، هي اکر ڀوري سمجهان ٿو. گهاڻي ۾ ڄڻ گهاريو هوندئي، هر ساعت مون ري سمجهان ٿو.