وڇوڙي ساهه ساڙيو آ، وڇوڙي ساهه ساڙيو آ، جِئين سيءَ گاهه ساڙيو آ. جسم هو طور سينا جيان، حُسن جي باهه ساڙيو آ. سڄڻ جي آٿتن اڄ ڇو؟ منهنجو ويساهه ساڙيو آ. هوا جي اک ڏيئي تي هُئي، تڏهن اونداهه ساڙيو آ. تڏهن آ دل منهنجي ”گهايل“، جو عشق اٿاهه ساڙيو آ.